اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز خلاف ڪيس جا تفصيل فراهم ڪرڻ ۽ گرفتاري کان روڪڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارباب محمد طاهر درخواست تي دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو.عدالت اسٽيٽ ڪائونسل کي هدايت ڪئي ته شبلي فراز خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل پيش ڪيا وڃن.جسٽس ارباب محمد طاهر پنهنجي حڪم ۾ چيو ته هو درخواست تي مناسب حڪم جاري ڪندا.










