لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي جي ناني لاڏاڻو ڪري وئي.شاهين شاهه آفريدي اها افسوسناڪ خبر ڪالهه سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي مداحن سان شيئر ڪئي.شاهين پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته منهنجي ناني اڄ آخري ساهه کنيو، سندس جنازي نماز شام 6:30 وڳي لنڊي ڪوتل ۾ ادا ڪئي ويندي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ شاهين پنهنجي مداحن کي مرحوم جي روح لاءِ دعا جي اپيل ڪئي.شاهين آفريدي اها به دعا ڪئي ته الله تعاليٰ منهنجي ناني کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، آمين.










