سکر مان فوجي جوان اغوا ڌاڙيلن پاران 20 لک ڀنگ طلب

سکر مان فوجي جوان اغوا ڌاڙيلن پاران 20 لک ڀنگ طلب

سلطانپور( رپورٽ  قربان علي مھر  )سلطانپور جو رھواسي حاضر سروس فوجي نوجوان سکر مان اغوا وارثن پاران تصديق ڪئي وئي آهي چار ڏينهن کان گهران نڪتل سرفراز جو نمبر مسلسل بند هو گذريل رات سندس نمبر تان ڪال آئي ته ڌاڙيل ڪچي جي علائقي ۾ اغوا ڪري آيا آهن 20 لک ڀنگ ڏيئي ڇڏائي وڃو:مغوي جو والد قادربخش ،نوجوان عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي سگهي ٿو رپورٽ داخل ڪئي آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون؛ پوليس تفصيل موجب سلطانپور جو رھواسي حاضر سروس فوجي جوان سرفراز احمد سمائر جيڪو موڪل تي ڳوٺ آيل هو اچانڪ گهران ڪنهن ڪم سانگي سکر ويو جنهن کان پوءِ واپس نه آيو وارثن موجب نوجوان جو نمبر مسلسل بند رهڻ کان پوءِ گذريل رات سندس ئي نمبر تان ڪال  آئي سرفراز روئيندي چيو ته ڌاڙيلن سکر مان اغوا ڪري ڪچي جي علائقي ۾ هڪ ڪمري ۾ بند رکيو آهي 20 لک روپيه ڀنگ ڏيئي ڇڏائي وڃو جنهن بعد فون بند ٿي وئي مغوي سرفراز سمائر جي والد قادر بخش سمائر واقعي جي رپورٽ سلطانپور ڪينٽ ٿاڻي تي داخل ڪرائي ڇڏي ميڊيا  ٽيم طرفان رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪينٽ بشير احمد جاگيراڻي ٻڌايو ته واقعو عورتاڻي آواز تان هرکجي اغوا ٿي سگهي ٿو رپورٽ داخل ڪئي آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو