سڄي ڪراچي کي ڳوٺ بڻايو ويو آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

سڄي ڪراچي کي ڳوٺ بڻايو ويو آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گلشن معمار ۾ احمد ڳوٺ ايراضي تي تڪرار بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سيد حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته پوري ڪراچي کي ڳوٺ بڻايو ويو آهي اڱاري تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس سيد حسن اظهر رضوي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ گلشن معمار ۾ احمد ڳوٺ ايراضي تي تڪرار بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي سنڌ هاءِ ڪورٽ گلشن معمار ۾ احمد ڳوٺ ايراضي تي تڪرار بابت درخواست تي ايڊووڪيٽ جنرل مختيار ڪار ڳوٺ آباد اسڪيم ۽ گلشن معمار ايس ايڇ او کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو جسٽس سيد حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته سڄي ڪراچي کي ڳوٺ بڻايو ويو آهي 1987 کان پوءِ ڪراچي ۾ ڪوبه ڳوٺ نٿو ٺهي سگهي درخواست گذار جي وڪيل موقف ڏنو ته منهنجي اصيل جي ايراضي تي گلشن معمار جي پوليس وارن قبضو ڪري ورتو جسٽس سيد حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته هي ڳوٺ ڪڏهن الاٽ ٿيو ڇا ڳوٺ جي سند مختيارڪار باقاعدي جاري ڪئي، 260 اسڪوار يارڊ ڇا ڳوٺ آباد ايڪٽ ۾ الاٽ ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن ڳوٺ جي زمين آهي ته ڪي ڊي اي ڪيئن تصديق ڪندو اوهان جي درخواست ڪيئن ٻڌڻي جوڳي آهي اوهان پهريان زمين جي قانوني هجڻ تي دليل ڏيو عدالت ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ، مختيارڪار ڳوٺ آباد اسڪيم ۽ گلشن معمار ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي نوٽيس جاري ڪندي جواب گهري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو