اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ايل ايل بي پروگرام کي پنجن سالن کان گهٽائي چار سال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني آئيني بينچ قانوني تعليم سڌارن جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت ٻاهرين ملڪن مان قانون جي تعليم حاصل ڪندڙ ماڻهن لاءِ سي-لا ٽيسٽ ختم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته لا ڪاليجن جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن، جيڪڏهن ايس ايم لا ڪاليج ۾ ڪا کوٽ آهي ته ان کي پورو ڪيو وڃي ۽ ڪاليج کي بند نه ڪيو وڃي، ايس ايم لا ڪاليج پاڪستان جي ٺهڻ کان به اڳ جو آهي.آئيني بينچ وڌيڪ ٻڌڻي اڻڄاتل مدت تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










