سيٽون بحال ٿيڻ تائين اپوزيشن ۾ ويهنداسين: وليد اقبال

سيٽون بحال ٿيڻ تائين اپوزيشن ۾ ويهنداسين: وليد اقبال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ وليد اقبال جو چوڻ آهي ته جيستائين اسان جون سيٽون بحال نه ٿينديون اپوزيشن ۾ ويهنداسين، جڏهن اسان کي مينڊيٽ واپس ملندو ته حڪومتٺاهينداسين.ڳالههٻولهه دوران هن چيو ته قانون ۽ آئين جي دائري ۾ رهي جدوجهد جاري رهندي.تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو آهي ته ڪجهه اميدوارن جا نوٽيفڪيشن به ٻئي پارٽي ۾ وڃڻ جي خطري تي روڪيا ويا آهن.هن وڌيڪ چيو ته جيئن جيئن اميدوارن جا نوٽيفڪيشن اچي رهيا آهن تيئن ئي اميدوار سني اتحاد ڪائونسلڏانهن وڃي رهيا آهن، اسان جو باني چيئرمين جيل ۾ ٽرائل هلي رهيو آهي، ان ڪري اسان ايتري مهم هلائي رهيا آهيون.سينيٽر وليد اقبال اهو به چيو آهي ته اليڪشنٽربيونل ۾ اسان جي ڪيسن جو انگ 30 کان 35 تائين آهي، قانون ۽ آئين جي دائري ۾ رهي اسان جي جدوجهد جاري رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو