سيٺارجا ۽ آس پاس ۾ مسلسل پوندڙ چوماسي برساتن تباھي مچائي ڇڏي

سيٺارجا ۽ آس پاس ۾ مسلسل پوندڙ چوماسي برساتن تباھي مچائي ڇڏي

سيٺارجا( ن سنڌيار) سيٺارجا ۽ آس پاس ۾ مسلسل پوندڙ چوماسي برساتن تباھي مچائي ڇڏي شھر توڙي ٻھراڙيءَ جا علائقا پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا 30 کان وڌيڪ پورھيتن جا گھر ۽ ديواريون ڪري پيون, برساتون پوڻ سبب لکين روپين جو نقصان, پورهيتن جي گهرن کي نقصان جو اسسٽنٽ ڪمشنر۽ مختيارڪار ٺري ميرواه نوٽيس ورتو,حد جي تپيدار پاران بيٺل پاڻي ۽ گهرن جو ٿيل نقصان جي وزٽ تفصيلي خبر موجب سيٺارجا ۽ آس پاس جي علائقن ۾ برسات سبب ٿيل گهرن جو نقصان ۽ علائقي اندر بيٺل پاڻي جو اسسٽنٽ ڪمشنر ٺري ميرواه ۽ مختيارڪار ميرواه جي هدايت تي سيٺارجا جي ديهه خدابخش جي تپيدار علي مراد شر علائقي اندر برسات سبب مختلف ڳوٺن ماڪن ڪٻر,ڊينگل ويسر, ڇتن شاه, خان محمد نول, محمد صادق ڪٻر, حامد ڪٻر, محلا حسين آباد ,قائم الدين ڪٻر, قادر بخش سهتو جي ڳوٺاڻن محمد علي ويسر, غلام مصطفا , جڳت مل, شنڪر مل, مسمات نواب زادي, خادم انصاري, سرور, ايوب انصاري, ياسين ,عبدالفتاح ڪٻرجي گهرن جو ٿيل نقصان ۽ بيٺل پاڻي جي وزٽ ڪئي ۽ ٿيل نقصان بابت رپوٽ ٺاهي پيش ڪئي ان سلسلي ۾ حد جي تپيدار علي مراد شر ٻڌايو ته اي سي ميرواه ۽ مختيارڪار جي هدايتن تي برسات سبب گهرن جون ڪريل ديوارون ۽ بيٺل پاڻي جي لاء علائقي جي رپورٽ ٺاهي آهي ۽ ٿيل نقصان بابت جلد انهن تائين رپورٽ پيش ڪنداسين هن چيو ته برسات ڪيترن ئي پورهيتن جي گهرن ۽ ديوارن کي نقصان پهچايو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو