ليگي اڳواڻ پير امين الحسنات تحريڪ انصاف ۾ شامل

ليگي اڳواڻ پير امين الحسنات تحريڪ انصاف ۾ شامل

سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جو سينئر اڳواڻ پير امين الحسنات پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي. پير امين الحسنات شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري ۽ عامر ڪياني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي ڳالهيون ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته پير حسنات جي شموليت سان سرگوڌا ۾ پي ٽي آءِ اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿيندي. پاڪستان جي بهترين لاءِ وڌيڪ ڪم ڪيا ويندا. پير امين الحسنات سان پراڻو روحاني رشتو آهي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو ته هن وقت ملڪ ۾ تاريخي تحريڪون هلي رهيون آهن اسان ملڪ جي بهتري لاءِ ملي ڪم ڪنداسين. پاڪستان ۾ هن وقت ڪو سياسي اڳواڻ آهي ته اهو صرف عمران خان اهي. اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري ڳالهيون ڪندي چيو ته پير امين الحسنات جي پي ٽي آءِ ۾ شموليت سان(ن) ليگ سرگودها مان ختم ٿي وئي آهي. جڏهن اسان پنهنجا استعيفيٰ کڻي اسپيڪر وٽ وڃون ٿا ته اهو لڪي ويندو آهي. ملڪ ۾ جيڪي حالتون آهن انهن جو هڪڙو ئي حل چونڊون آهن. جيستائين سياسي حالتون بهتر نه ٿينديون معيشت بهتر نٿي ٿي سگهي. ياد رهي ته پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيندڙ پير امين الحسنات اڳوڻو مذهبي معاملن جو وزير ۽ (ن) ليگ جو اهم اڳواڻ رهيو آهي. هو نوازشريف ۽ شاهد خاقان عباسي جي ڪابينه جو پڻ حصو رهيو آهي. پير امين الحسنات تڪ اين اي 64 سرگودها مان قومي اسيمبلي جو ميمبر پڻ چونڊجيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو