سيرين ايئر کي جده ۽ دبئي لاءِ اڏامن جي اجازت ملي وئي

سيرين ايئر کي جده ۽ دبئي لاءِ اڏامن جي اجازت ملي وئي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي نجي ائرلائين سيرين ايئر کي سعودي عرب ۽ متحدو عرب امارات لاءِ عالمي اڏامون سروع ڪرڻ جي اجازت ملي وئي آهي. وفاقي ڪابينا جي منظوري بعد سول ايوي ايشن اٿارٽي اهڙي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سيرين ايئر جي ترجمان جو چون آهي ته هو جنوري 2021 ۾ جده، رياض، دبئي ۽ شارجا لاءِ اڏامون شروع ڪندي. سيرين ايئر چين ۽ برطانيا لاءِ اڏامن جي اجازت به گهري آهي جنهن تي ڪاروائي هلندڙ آهي ۽ جلد کين اها اجازت به ملي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو