ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي پوليس آفيس (ڪي پي او) حملي جو ماسٽر مائينڊ سي ٽي ڊي سان مقابلي ۾ مارجي ويو.ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) منگھو پير ناردرن بائي پاس وٽ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي پوليس آفيس حملي جو ماسٽر مائينڊ اراد الله مارجي ويو.سي ٽي ڊي اختيارين جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪي پي او حملي جي منسٽر ارشاد الله سميت 2 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 2 کي گرفتار ڪيو ويو.سي ٽي ڊي موجب دهشتگرد اراد الله پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان ڪراچي جو ڪمانڊر هو.واضح رهي ته گذريل مهيني ڪراچي جي علائقي شارع فيصل تي قائم ڪراچي پوليس آفيس تي دهشتگردن جي حملي ۾ 2 پوليس اهلڪارن ۽ رينجرز اهلڪارن سميت 4 ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا.بعد ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا.










