ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ) هوابازي واري وزارت سول ايوي ايشن جي ون منصوبن ۾ مبينه ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن جي خلاف جاچ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ذريعن مطابق سي اي اي ۾ سڌي طرح ڀرتين جي به جاچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سي اي اي جو فلائٽ اسٽينڊرڊ شعبو، ايس ڪيو ايم ايس، ايرو ميڊيڪل ڊائريڪٽرز ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽرز جي ڀرتين ۾ ميرٽ کي نظر انداز ڪيو ويو، اسٽنٽ ڊائريڪٽرز ۽ اسٽاف ليول جي ميرٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، ڀرتين ۾ ميرٽ جي ڀڃڪڙي تي ايڇ آر شعبي جي عملدارن مطابق هوابازي وزارت کي شڪايتون مليون آهن، هوابازي وزارت جي اعليٰ عملدارن سمورن معاملن جي شفاف جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هوابازي وزاصرت کي ڀرتين ۽ منصوبن ۾ مبينه ڪرپشن جي شڪايون ملڻ تي ايڪشن وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.










