سهراب ڳوٺ ۾ ايڌي سينٽر تان 65 لک ڦر،رپورٽ طلب

سهراب ڳوٺ ۾ ايڌي سينٽر تان 65 لک ڦر،رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر): ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ واري ايڌي سينٽر تي هٿياربندن پاران ڌاڙو هڻي 65 لک روپين جي وڏي رقم ڦري فرار ٿي ويا.ايڌي سينٽر جي ترجمان موجب اڄ ملازمن کي پگهارون ڏيڻ لاءِ بئنڪ مان رقم ڪڍرائي آندي وئي هئي، جنهن دوران ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 هيلمٽ پاتل هٿياربندن اچي گهيري ۾ ورتو ۽ 65 لک روپيا روڪ ڦري سڪون سان فرار ٿي ويا.واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس پهچي ملازمن کان ابتدائي معلومات حاصل ڪئي. پوليس موجب علائقي مان سي سي ٽي وي فوٽيجز حاصل ڪيون پيون وڃن ۽ معاملي جي جاچ جاري آهي.ٻئي طرف وزيراعليٰ سنڌ واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي آءِ جي پوليس کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعليٰ چيو ته ايدھي سينٽر غريبن ۽ لاوارثن جو سهارو آهي، اهڙي اداري ۾ ڌاڙو انتهائي افسوسناڪ آهي. هن حڪم ڏنو ته سڄي معاملي جي فوري شفاف جاچ ڪري جوابدارن کي سخت انجام تائين پهچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو