سنگرار مائنر جي آبادگارن جو بااثرن خلاف احتجاج

سنگرار مائنر جي آبادگارن جو بااثرن خلاف احتجاج

صالح پٽ (ن سنڌيار) سنگرار مائنر جي آبادگارن جو بااثرن خلاف احتجاج با اثر زميندارايريگيشن داروغو سان ملي ڀڳت ڪري مائنر مان لفٽ مشينن ذريعي پاڻي کڻي رھيا آھن :-مظاھرين خبر موجب :- سنگرار مائنر جي آبادگارن درمحمد ڦلپوٽو، نواب ڦلپوٽو ، گاجي بخش مگسي ، ممتاز مگسي ، جُنگل خان جکراڻي ، غوث بخش مگسي ۽ ٻين ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي دانهيو آهي تہ بااثر زميندار محسن شاه ، طاھر شاه ، اعجاز ابڙو ۽ ٻيا ايريگيشن داروغو شاھنواز ڪلھوڙو سان ملي ڀڳت ڪري ڀاري رشوت عيوض فقير آباد پل کان وٺي اعجاز ابڙو جي پئٽرول پمپ تائين ٽريڪٽرن ذريعي لفٽ مشينون ھلائي زبردستي سنگرار مائنر واھ مان پاڻي کڻي رھيا آھن جيڪو سراسر غير قانوني آهي ھنن چيو تہ اسان جو ڪاروهنوار صرف فصل تي آهي جيڪڏهن بااثر ائين ئي رشوت ڏئي لفٽ مشينون ھلائي غير قانوني طريقي سان پاڻي کڻندا تہ اسان جو پوکيل وؤنڻن جو فصل يا گاھ وغيره سڙي سڪي ويندو تہ پوءِ اسان پنھنجي ٻچڙن جو گذارو ڪيئن ڪنداسين ھنن نشاندهي ڪندي چيو تہ پھريان ئي پاڻي جي زبردست اڻاٺ آهي ويتر لفٽ مشينن ذريعي پاڻي کنيو وڃي ٿو جنھن جي نتيجي۾ پاڻي اسان جي واٽر ڪورسن تي پھچي ئي نہ ٿو ھنن اعلا اختيارين کي مؤدبانہ اپيل ڪئي آهي تہ معاملي جي شفاف جاچ ڪري غيرقانوني طور پاڻي کڻندڙن خلاف اثرائتو قانوني قدم کڻي لفٽ مشينون بند ڪرايون وڃن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو