سنڌي ادب ۾ سچل جو سونھري دور

سنڌي ادب ۾ سچل جو سونھري دور

خاصخيلي لطيف راولاڻي
سنڌي ادب تاريخي طور تي ھر دور ۾ پنھنجو پاڻ ملھايو آھي ۽ ھر دور ۾ اديب دانشور ڏاھا ۽ شاعر پيدا ٿيا آھن ۽ انھن پنھنجو پاڻ ملھايو آھي اھي اسان وٽ اسحاق آھنگر کان وٺي قاضي قادن جي روپ ۾ نڪري نروار ٿيا آھن ۽ سنڌي ادب ۾ اڄ ڏينھن تائين انھن جي اھميت ۽ افاديت رھي آھي ۔پر سنڌ جو خاص دور ڪلھوڙا دور علم و ادب جو مرڪز رھيو ھن ئي دور ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر شاه لطيف رح سنڌ جي ڌرتي تي نمودار ٿيو ۽ شاعري وسيلي پنھنجو پيغام پوري دنيا جي لاء ڇڏي ويو ۽ گڏو گڏ ان پيغام کي اڳتي وڌائڻ لاء ان کي سموري زندگي زنده رکڻ لاء سچل جي روپ ۾ والي وارث ڇڏي ويو ته جيڪو ڪنو مون چاڙھيو آھي ان کي ھي نوجوان جاري رکندو ۔تاريخ ۽ وقت ثابت ڪيو ته واقعي ائين ئي ٿيو ۔ڪلھوڙا دور کان پوء ٽالپرن جي راڄڌاني قائم ٿي ان دور ۾ سوين شاعر پيدا ٿيا پر سچل جو ڪو ثاني ٿي نه سگھيو سچل سارو سچ پنھنجي سرمستي ۾ سنڌي ٻولي کان علاوه سرائيڪي فارسي ۽ اردو ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين ۔اھو سچل ئي ھو جنھن ان وقت مغل حڪمرانن جي دور ۾ اردو شاعري کي درٻاري کان ٻاھر ڪڍي شعوري شاعري ڏني ۽ ان ۾ تصوف جو رنگ ڀريو ان دور ۾ جيڪي به اردو شاعر ھئا اھي درٻاري شاعري ڪندا ھئا ۽ صرف وزيرن ۽ اميرن جي مجلسن تائين محدود ھوندا ھئا ۔سنڌي ادب ۾ سچل جي شاعري جي خاص اھميت جي حامل رھي آھي ۔جنھن ڪري کيس سرمست جو خطاب مليو سچل جي شاعري روايتي ۽ درٻاري شاعري کان ھٽي ڪري سنڌي شاعري ۾ ھڪ نواڻ آندي جيڪا اڄ ڏينھن تائين قائم آھي جو اسان وٽ سنڌي ادب ۾ اڪثر ڏٺو ويو آھي ته ٻين صنفن کان اسان وٽ شاعرن جو تعداد گھڻو آھي ۽ تمام گھڻا شاعري جا ئي ڪتاب شايع ٿين ٿا ۔جيڪو سلسلو اڄ ڏينھن تائين جاري آھي اڄوڪي جديد سنڌي ادب تي نظر ڊوڙائينداسين ته اسان کي شاعري جا لاتعداد ڪتاب شايع ٿيندي نظر اچن ٿا ان مان اھو مقصد ڪونھي ته شاعري آسان آھي پر ان مان اھو تاثر ملي ٿو ته اسان جي ڌرتي صوفين ولين جي شاه سچل سامي جي ڌرتي آھي جن پنھنجي پيغام کي شاعري جي ذريعي عوام تائين پھچايو آھي ۔فڪري سوچ ۽ سائنس دنيا ۾ وڏا انقلاب برپا ڪري ڇڏيا آھن ان انساني وجود کي ھڪ نئين معنى ڏني آھي ۔ساڳئي ريت نون نظرين ۽ خيالن جو نئون دور به اچي ويو آھي سچل جو سمورو ڪلام ۽ شاعري ان نئين دور جي عڪاسي ڪري ٿي ۔سچل سرمست ستن زبانن جو شاعر ٿي گذريو آھي سندس ڪلام عربي ۔سنڌي ۔سرائيڪي ۔ھنڌي ۔پنجابي ۔اردو۔۽ فارسي ۾ موجود آھي پاڻ سڀني زبانن ۾ پنھنجو پيغام عوام تائين پھچايو جئين ھر زبان وارو پنھنجي ئي مادري ٻولي ۾ آساني سان انھي شاعري جي مفھوم کي سمجھي سگھي ۔شاعري جي ٻين صنفن کان علاوه سچل سائين سنڌي شاعري ۾ غزل ڪافي ۽ مرثيي جو اضافو ڪيو ۽ ان کي شاعري جي بلند درجي تائين پھچايو ۔شاه کان پوء سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شاعر سچل کي ئي ليکيو وڃي ٿو جنھن تمام محنت ۽ پنھنجي سرمستي ۾ شاعري ڪري دنيا جي ادب ۾ نالو روشن ڪيو ۔ خاص طور تي سچل پنھجي شاعري ۾ ھير رانجھي جي قديم قصي کي صوفياڻو ويس ڍڪائي نئين دلچسپ انداز ۾ پيش ڪيو آھي ۔جيڪو ان کان اڳ ڪنھن به شاعر پيش نه ڪيو آھي ۔سچل جي ڪلام کي تمام گھڻو ڳايو ويو آھي ۽ ڳائڻ وارن کي به وجدان طاري ٿي ويندو آھي ۽ اھي به ڪلام سان گڏ مستي ۾ مست ٿي ويندا آھن ۔ سچل وحدت الوجود جو به پولڳ ھو جو ان جي شاعري ۾ ابن العربي شمس تبريز منصور حلاج سرمد جا خيال ملن ٿا پاڻ انھن صوفي بزرگن جي پيغام کي به پنھنجي شاعري کي بنيادي نڪتو بڻائي پيش ڪيو آھي ۔انھي نظرئي جي پٽابدر پاڻ به عشق حقيقي جي منزل تائين پھچي ٿو جنھن دل پيتا عشق دا جام سا دل مستو مست مقام سچل جي شاعري سنڌي ادب کي نئين سگھ بخشي ٿو ۽ اھو شاعري علم ادب جو سونھري دور ليکيو وڃي ٿو ۔ڪيف ۽ مستي جي عالم ۾ جيڪا شاعري رچجي ٿي اھا شاعري روحاني رمزون پيدا ڪري ٿي ان ڪري ئي شاعر فاني دنيا مان نڪري حقيقي دنيا ۾ داخل ٿيو وڃي اھا شاعر جي ئي ڪيفيت آھي جيڪا ان کي عرش کان فرش تائين پھچائي ٿي ۽ حقيقي مجازي شاعر ٺاھي ٿي ۔سچل ۾ ئي اھي سڀ خوبيون شامل ھيون ۔تاريخي حوالن ۽ ڪتابن جي مطالعي کان پوء ڄاڻ ملي آھي ته شاه لطيف وانگر سچل ڪي سفر ڪونه ڪيا ھئا ۔اھو بزرگ شاعر پنھنجي ضلعي تائين محدود ھو پر سندس مطالعو وسيع ھو ۔ان دور ۾ سرڪاري زبان فارسي ھوندي ھئي ۽ فارسي ادب پڙھيو ۽ لکيو ويندو ھو اسان جي سنڌي ادب ۾ به جيڪي آڳاٽا ڪتاب مليا آھن اھي سڀ فارسي ۾ ھئا ۔ڪافي سالن کان پوء سنڌي ادبي بورڊ وارن انھن سڀني تاريخي ڪتابن کي فارسي مان سنڌي ٻولي ۾ آندو ۔ٽالپر حڪمران به سچل جي حاضري ڀريندا ھئا ۔تاريخي ڪتابن ۾ سچل جي تمام گھڻن مريدن جو ذڪر ملي ٿو پر ان ۾ خاص طور تي خيرپور پرڳڻي جي رھواسي لطف علي خاصخيلي جو ذڪر نمايان آھي ۔سنڌي ادب ۾ سچل جون جيڪي خدمتون ۽ تصنيفون شامل آھن انھن مان ڪجھ ڪتابن ھن ريت ذڪر ملي ٿو ۔فارسي ۾ ديوان آشڪار ۔مثنوي مشق نامو ۔گداز نامو ۔دردنامو۔تارنامو۔رھبر نامو۔وحدت نامو۔وصلت نامو۔سنڌي ڪتابن ۾ سچل جو رسالو ۔جيڪو سڀ کان پھرين مرزا علي قلي بيگ 1902ع ۾ آگره انڊيا مان ڇپائي پڌرو ڪيو ۔ان کان پوء ھر دور ۾ سچل جا رسالا مختلف نالن ۽ مرتب ڪندڙن پنھنجن نالن سان شايع ڪرايا آھن ۔اردو ٻولي ۾ سنڌ جي جھوني اديب رشيد احمد لاشاري سچل سرمست جي نالي سان 1966ع ۾ ڪراچي مان شايع ڪرايو ۔ٻي اھم ڳالھ جيڪا مطالعي کان پوء معلوم ٿي ته سچل جنھن ھنڌ تي رھندو ھو جتي سندس آستانو ھو ان ئي ھنڌ تي سندس وصال کان پوء مقبرو اڏي آخري آرامگاه تعمير ڪئي وئي ۔جيڪو خيرپور جي علائقي ۾ درازا جي نالي سان مشھور آھي ۽ ھر سال 14 رمضان تي سندس عرس ملھايو وڃي ٿو ۽ ادبي ڪانفرنس پڻ ڪئي وڃي ٿي ۔سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي طرفان ھر سال عرس جي موقعي تي سندس علمي ادبي خدمتن جي مجموعي کي ڪتابي صورت ۾ پڌرو ڪيو وڃي ٿو ۔ادبي حوالي سان سچل سرو سچ جي طور تي به کيس ياد ڪيو وڃي ٿو ۔سنڌي ادب جو سچل جو سونھري دور ھو جنھن جي ڪري اڄوڪي دور ۾ اسان جو ادب پوري دنيا ۾ نڪري نروار ٿيو آھي ۔سندس عارفانه ڪلام به سنڌي ادب ۾ چڳي جاء والارين ٿا ۔ھڪ خاص ڳالھ جو ذڪر ھن مضمون ۾ موقع جي مناسبت سان لکڻ ضروري سمجھان ٿو ته اسان جي درٻاري اديبن دانشورن سنڌي ادب ۽ تاريخ سان وڏي ويساه گھاتي ڪئي آھي جو اسان جي عالمن اديبن شاعرن کي سنڌ کان ٻاھر جو ڄاڻايو آھي ۔اھي ان وقت جي معروضي حالتن کسن اڻ واقف ھئا ته دنيا ۾ جتي به آبھوا ۽ کاڌو خوراڪ ھوندو ھو ته انساني مخلوق ان خطي جو رخ ڪندي ھئي ۽ لڏپلاڻ جو عمل پوري دنيا ۾ ھو ۔اسان جا جيڪي به عالم اديب ولي بزرگ ٿي گذريا آھن انھن جو خطو سنڌ ئي ھو ۽ اھي لڏپلاڻ ڪندا ھئا ۽ ٻيھر موٽي سنڌ ۾ ئي ايندا ھئا جيڪو قبل ميسح کان سرسبز شاداب خطو رھيو آھي ان ڪري اسان جي اديبن عالمن صوفي فقيرن کي ٻاھريون يا ڌاريو نه لکڻ گھرجي ته ھي اصل ھتي جا ڪونه ھئا ۔اھا ان دور جي غلامائي دور جي سوچ ھئي ۽ تايخ ان جي زير اثر ھئي جئين حڪمران چاھيندا ھئا ائين ئي لکيو ويندو ھو ۔سچل سنڌ ڌرتي جو ئي رھواسي ھو سچل سارو سچ ھو
۔۔latifravlani@gmail.com.

پهنجو تبصرو موڪليو