اسلام آباد (بيورو رپورٽ)جمعيت علماءِ اسلام (ف) سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرين مرحلي کي تشدد ۽ ڌانڌلي سان ڀرپور قرار ڏيندي چيو آهي ته مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ سياسي مخالفن لاءِ جمهوري عمل ۾ حصو وٺڻ کي ڏوهه بڻايو ويو آهي. جي يو آءِ جي مرڪزي ترجمان اسلم غوري چيو آهي ته سنڌ جي اليڪشن ڪميشن مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ پنهنجون ذميواريون نڀائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، مڪاني ادارن جي چونڊن جو پهريون مرحلو تشدد ۽ ڌانڌلي جي واقعن سان ڀريل آهي اليڪش ڪميشن نوٽيس وٺي. جي يو آءِ ترجمان اسلم غوري چيو ته اليڪشن دوران جي يو آءِ اميدوارن ۽ ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، صوبائي انتظاميا تعصباڻو ڪردار ادا ڪري مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ سواليه نشان بڻيل آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ سياسي مخالفن لاءِ جمهوري عمل ۾ حصو وٺڻ کي ڏوهه بڻايو ويو، جيڪب آباد، پنو عاقل ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ جي يو آءِ جي پولنگ ايجنٽن کي اغوا ڪيو ويو.










