غلام حسين خاصخيلي
سنڌ جو ڪوبه شھر يا ڳوٺ ٻوڏ کان بچي نه سگھيو آھي مون سنڌ جي حيدرآباد ضلعي کان وٺي ڄام شورو مٽياري ٽنڊوالھيار ميرپورخاص سانگھڙ نواب شاھ نوشھروفيروز دادو ضلعن جي مختلف علائقن ۾ خاص طور ٻھراڙي جي علائقن ۾ وڃي جائزو ورتم ته ھرطرف ٻوڏ جي پاڻي جو ائين منظر وھڪرن جو ھجي جئين سنڌو درياء جو پاڻي تيز رفتاري سان منزل ڏانھن ويندي ھر ڳوٺ زرعي فصلن کي ٻوڙي تباھ ڪري ڇڏيو آھي گھڻن علائقن ۾ ٻوڏ واري پاڻي ھٿرادو بندن سبب وڏي تباھ آندي آھي جيڪڏھن وقت جي حساب سان پاڻي جي لنگھ وارن رستن کي بند ٻڌڻ بدران پاڻي کي گس ڏنو وڃي ھا ته ايڏي وڏي تباھي نه اچي ھا ڇوته جڏھن پاڻي جي رستن آڏو بند ھٿرادو ٻڌا ويا انڪري پاڻي پنھنجي طاقت سان انھن ھٿرادو بندن کي ٽوڙي اڳتي وڌندو رھيو جنھن سان وڏي تباھي سامھون آئي آھي ضلعي حيدرآباد جي ٻھراڙي واري علائقن ۾ 80سيڪڙو ٻوڏ وارو پاڻي موجود آھي جڏھن ته سوين ڳوٺ تباھي جي ور چڙھي ويا متاثر بي يارو مدد گار رستن جي پاسي ۾ ويٺل آھن اھا ساڳي صورتحال سنڌ جي ھر ضلعي جي ھر تعلقي جي ھر يونين ڪائونسلن ۾ موجود آھي ڪيتريون اھڙيون به يونين ڪائونسلون موجود آھن جيڪي مڪمل طور ٻڏي ويون جنھن سبب اتي سمورا ڳوٺ ختم ٿي ويا سموري زراعت ختم ٿي وئي سمورا روڊ تباھ ٿي ويا ھر طرف ويراني وارا منظر موجود آھن اھڙن علائقن ۾ سوين جانور مري ويا مري ويل جانور پاڻي ۾ لڙھي رھيا آھن انھن مئل جانورن کي ڪڍڻ لاء اڃان تائين ڪجھ به ناھي ڪيو ويو انھن مري ويل جانورن جي پاڻي ۾ لڳاتار لڙھڻ سبب سندن جسم ڦاٽي ويا ھر طرف ٻوڏ واري اھڙي پاڻي ۾ اھڙن جانورن جي مرڻ سبب خطرناڪ بيمارين پيدا ٿيڻ جو امڪان وڌي رھيو آھي سنڌ ۾ ٻوڏ واري تباھي جو زميوار آبپاشي کاتي جي لاڳاپيل سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي قرار ڏيندي ايوان زراعت سنڌ جي صدر سيد ميران محمد شاھ سيڪريٽري جنرل زاھد حسين ڀرڳڙي مطالبو ڪيو آھي ته ان جي مڪمل جانچ ڪري زميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي سنڌ جي زراعت مڪمل طور تباھ ٿي وئي آھي سمورا فصل توڙي ڀاڄيون ختم ٿي ويون ھر طرف تباھ جا منظر آھي سنڌ جي زرعي زمينن ۾ اڃان تائين ٻوڏ وارو پاڻي موجود آھي جنھن سبب ڪڻڪ جو فصل پوکجي نه سگھندو جنھن سبب سنڌ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ وارو وڏو بحران سامھون اچي سگھي ٿو جڏھن ته اٽو تمام گھڻو مھانگو ٿي سگھي ٿو اھڙي طرح سنڌ جي شھرن ۾ ڀاڄين جي تمام گھڻي کوٽ سامھون اچي رھي آھي ڀاڄين جي کوٽ سبب ڀاڄين جا اگھ آسمان سان ڳالھيون ڪري رھيا آھن جڏھن ته کير جي کوٽ ۽اگھ به آسمان تائين پھچي ويا آھن حيدرآباد سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن ۾ کير في ڪلو 180روپين تائين پھچي ويو آھي ان اھم مسئلي تي به حڪومت کي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي وڏي افسوس سان اھو به لکڻو ٿو پوي ته سنڌ ۾ برساتن جي پاڪستان جي موسميات کاتي سميت عالمي موسميات جي ماھرن اڳواٽ خبردار ڪيوھو ته سنڌ ۾ خليج بنگال کان زوردار برساتون پونديون اھڙن اطلاعن جي باوجود سنڌ جي خوراڪ کاتي سنڌ جي گودامن جي اڱڻن تي رکيل ڪڻڪ کي حفاظت سان رکڻ لاء ڪوبه انتظام نه ڪيو ويو جنھن سبب ھزارين ڪڻڪ جو ٻوريون برسات جي پاڻي جي ورچڙھي خراب ٿي ويون اھڙي لاپرواھي ڪندڙن خلاف جانچ ٿيڻ گھرجي سنڌ ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ واري پاڻي سنڌ ۾ ريلوي جي نظام کي به مفلوج بڻائي ڇڏيو جنھن سبب ڪراچي حيدرآباد کان پاڪستان جي اندر وارن شھرن ڏانھن ريل گاڏين جي اچ وڃ گذريل 20ڏينھن کان مڪمل طور بند آھي جنھن سبب حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن سميت سمورين سنڌ جي ريلوي اسٽيشنن تي ويراني ڇائينل آھي اڃان تائين ريل جي پٽڙين تان برساتي ٻوڏ وارو پاڻي گذري رھيو آھي جنھن سبب ڪراچي حيدرآباد نواب شاھ سميت سنڌ جي سمورين ريلوي اسٽيشنن تي سمورا سامان کڻڻ وارا قلي بيروزگار ٿي ويا آھن سندن گھرن جا چلھا اجھامي ويا انھن جي وفاقي حڪومت مدد ڪري ته جئين سندن گھرن جا چلھا ٻري سگھن سنڌ جا سمورا روڊ به تباھ ٿي ويا آھن پاڪستان جو مرڪزي روڊ نيشنل ھاء وي ۽ انڊس ھاء وي ۽ مھراڻ ھاء وي ڪافي ھنڌن تي ٽٽل آھي جنھن سبب گاڏين جي اچ وڃ سخت متاثر ٿي رھي آھي اھڙي طرح سنڌ جا لنڪ روڊ جيڪي شھرن ۽ ڳوٺن کي پاڻ ۾ ملائين ٿا اھي مڪمل طور تباھ ٿي ويا اھڙي طرح سنڌ ۾ سوين ڳوٺن جو شھرن سان زميني رابطو ڪٽيل آھي ڪيترين ئي لنڪ روڊن تان ٻوڏ واري برساتي پاڻي جي گذرڻ سبب اتي ٻيڙيون ھلي رھيون آھن سنڌ جي ٻوڏ متاثرين کي حيدرآباد سميت جن به شھرن ۾ٽينٽ سٽي خيما لڳائي رھائڻ لاء انتظام ڪيا ويا آھن پر اتي سھولتن جي تمام گھڻي کوٽ نظر اچي ٿي واشن رومن جي ڪابه سھولت موجود ناھي جنھن سبب متاثرين کي سخت پريشاني واري صورتحال کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي جڏھن ته ڪيترائي متاثرين اڃان تائين واھن شاخن لنڪ رستن جي ڀرسان بي يارومدد موجود آھن انھن تائين حڪومت کان وٺي سماجي ادارن طرفان ڪابه امدادي مدد پھچي نه سگھي انھن کي صرف مقامي سطح تي ڪجھ ماڻھو مدد ڪندي کين کاڌخوراڪ پھچائين ٿا انھن وٽ پئيڻ جي صاف پاڻي جي سخت کوٽ آھي اھي پاڻي صرف نلڪن وارو استعمال ڪري رھيا آھن جنھن سبب گيسٽرو سميت خارش ۽ ٻيون مختلف بيماريون تيزي سان پکڙجي رھيون آھن اھڙي بيماري سبب ڪيترائي ماڻھو موت جي منھن ۾ وڃي رھيا آھن صحت کاتي کي گھرجي ته اھي ماڻھن جو علاج ڪرڻ لاء تڪڙي بنياد تي ٽيمون ٺاھي پاڻي جي وھڪرن وارن ھنڌ تائين موڪلين جن ڳوٺن جو زميني رابطو شھر کان ڪٽيل آھي اھي ٽيمون ٻيڙين وسيلي سفر ڪري ماڻھن جو علاج ڪن انھن تائين دوائون پھچائين ته جئين انھن جي زندگي بچي سگھي










