سنڌ ۾ برساتون، ضلعي انتظاميا کي هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم

سنڌ ۾ برساتون، ضلعي انتظاميا کي هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جي بحالي کاتي واري صلاحڪار گيانچند ايسراڻي جي صدارت هيٺ صوبي ۾ جاري مون سون برساتن ۽ امدادي قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنرن سان اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري بحالي رفيق مصطفيٰ شيخ، ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي سنڌ سيد سلمان شاهه، ڊائريڪٽر جنرل ريسڪيو 1122 سنڌ واجد صبغت الله مهر ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان جي ڊپٽي ڪمشنرن وڊيو لنڪ ذريعي پنهنجي پنهنجن ضلعن جي برساتي صورتحال، انتظامي تيارين ۽ رليف قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته اڄ صبح 8 وڳي کان 11 وڳي تائين ڪوٽ غلام محمد ۾ 109 ملي ميٽر، ميرپورخاص ۽ حسين بخش مري ۾ 96 ملي ميٽر، ڏاهلي ۾ 67 ملي ميٽر ۽ ڪلوئي ۾ 60 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ان موقعي تي صلاحڪار گيانچند ايسراڻي پي ڊي ايم اي، ريسڪيو 1122 ۽ سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ضلعي انتظاميا هر وقت ميدان ۾ موجود رهي، ھيٺانھن علائقن ۾ پاڻي بيهڻ جي صورت ۾ فوري نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي ۽ عوام کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته سڀئي ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي ضلعن جي برساتي نالن، شاخن، واهن ۽ پاڻي جي قدرتي وهڪرن جي مسلسل نگراني ڪن ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال کي بروقت منهن ڏئي سگهجي. ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي سنڌ سيد سلمان شاهه اجلاس کي ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنرن جي درخواستن تي ڊي واٽرنگ پمپن جي فراهمي جو عمل جاري آهي. هن چيو ته حيدرآباد لاءِ 5، عمرڪوٽ لاءِ 3، ميرپورخاص لاءِ 2، ٽنڊو محمد خان لاءِ 2 ۽ ڏيپلو لاءِ 2 ڊي واٽرنگ پمپ موڪليا پيا وڃن، جڏهن ته ڪراچي جي ھيٺانھن علائقن ۽ انڊرپاسن لاءِ پڻ 10 ڊي واٽرنگ پمپ روانا ڪيا پيا وڃن. ڊي جي پي ڊي ايم اي وڌيڪ چيو ته صوبي جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن ۽ لاڳاپيل ادارن سان لاڳيتو رابطو برقرار آهي، جڏهن ته پي ڊي ايم اي جو عملو ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار ۽ الرٽ آهي. اجلاس جي پڄاڻي تي صلاحڪار گيانچند ايسراڻي هدايت ڪئي ته برساتن جي موجوده صورتحال دوران سمورا لاڳاپيل ادارا مڪمل هم آهنگي سان ڪم ڪن، عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي اولين ترجيح ڏني وڃي ۽ ضرورت پوڻ تي فوري امدادي ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو