ٽنڊوباگو(رپورٽ: ڄام سھيل سمون) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي ضلعي بدين جي دوري دوران ٽنڊوباگو ڀرسان تاريخي عمارت صاحب محل کڏهرو ۾ پي ٽي آئي اڳواڻ نواب ابوبڪر ٽالپر جي دعوت ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي گورنر سنڌ سان گڏ گورنر پنجاب چوڌري غلام سرور به گڏ هو. گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽ پنجاب جي گورنر چوڌري سرور دعوت ۾ شرڪت بعد برسات متاثر ماڻهن ۾ امدادي سامان ورهايو.دعوت واري پروگرام ۾ بيت السلام ويلفيئر ٽرسٽ پاران ڪراچي اور سنڌ وارا لکيل بينر لڳايا ويا جن تي پنڊال ۾ ويٺل ماڻهن جي اعتراض کان پوءِ لفظ اور مٿان اڇو پنو چهٽائي بند ڪيو ويو.

گورنر سنڌ عمران اسماعيل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اپوزيشن پارٽين وارا اين آر او لاءِ زور لائي رهيا آهن پر کين ڪنهن به صورت ۾ اين آر او نه ملندو باقي هو ڀلي نعرا پيا هڻن. هن چيو ته تمام جلد وزير اعظم عمران خان سنڌ جو دورو ڪري سنڌ لاءِ اهم اعلان ڪندو. هن چيو ته ڪراچي کان وڌيڪ سنڌ ۾ نقصان ٿيو آهي پر ڪراچي تي ميڊيا وڌيڪ فوڪس ڪيو آهي. سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ جي ماڻهن کي ڪجهه نه ڏئي سگهي. برساتن بدين ضلعي ۾ تمام گهڻو نقصان ڪيو آهي. وفاقي حڪومت سنڌ جي ماڻهن جي ڀرپور مدد ڪندي. هن چيو ته قرضن معاف ڪرڻ جو اعلان وزيراعظم پاڻ اچي ڪندو. ان موقعي تي گورنر پنجاب چوڌري غلام سرور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب حڪومت سنڌ جي برسات متاثرن لاءِ هڪ لک خاندانن لاءِ راشن موڪليو آهي، جيڪو گورنر سنڌ حوالي ڪيو ويندو. هن چيو ته پنجاب جي هڪ اين جي اوز طرفان سنڌ جي ڏھ ھزار ماڻهن کي في ماڻهو لک روپيا بنا وياج جي قرض طور ڏنا ويندا، پنجاب حڪومت ۽ پنجاب جو عوام سنڌ جي برسات متاثر ماڻهن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.










