سنڌ ۾ باهه جي واقعن ۾ واڌ جا سبب ۽ فريد آباد باه واقعو ۽ سنڌ حڪومت

سنڌ ۾ باهه جي واقعن ۾ واڌ جا سبب ۽ فريد آباد باه واقعو ۽ سنڌ حڪومت

محمد خالد ميمڻ
سنڌ ۾ باه لڳڻ جا واقعا خاص طور هن ڪڻڪ لهڻ واري موسم ۾ جڏهن تيز هوائون لڳنديون آھن ته انهن ۾ واڌ اچي ويندي آھي باه لڳڻ جا واقعا سالن کان ٻڌندا ڏسندا اچون پيا ۽ باه جي واقعن ۾ گهرن ۾ پيل قيمتي سامان ڍور ڍڳا ۽ ٻيو مال متاع سڙڻ جا به واقعا ائين سمجهو ته روز جو معمول بڻيل آھن پر ڪجھ ڏينهن اڳ ميهڙ شھر ڀرسان ڳوٺ فريدآباد ۾ جيڪو ڳوٺ کي لڳل باه واقعو ٿيو جنهن ۾ 4 معصوم ٻارڙن سميت 9 انسان سڙي ڪوئلو بڻجي ويا ۽ گهرن اندر پيل قيمتي سامان مڪمل طور سڙي رک ٿي ويو ان لڳ ڪانڊاريندڙ واقعي سچ پڇو ته اسان سنڌ واسين کي ايتري ته تڪليف ڏني آھي جو ان تڪليف جو ڪاٿو ئي نه ٿو ڪري سگهجي ڪيترو به قيمتي سامان سڙي وڃي پر ان جو ازالو ٿي ويندو آھي پوء حڪومت اين جي اوز ۽ انفرادي طور به عوام پاران ان ۾ مدد ڪرڻ سبب اهو سامان وٺي سگهجي ٿو پر جيڪي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون آھن ۽ سي به سڙي ڪوئلو بڻجي ويون آھن اهو ٻڌي انتها درجي ڏک درد ٿئي ٿو ان جو ازالو ممڪن ئي ڪونهي ڇوته اهي سڙيل معصوم گلڙن جهڙا ٻارڙا ۽ ٻيا سڙيل وري ڪنهن به قيمت تي واپس نه ٿا اچي سگهن ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ باه جي ٻين واقعن وانگر فريدآباد واري واقعي ۾ اتان جي انتظاميه جي لاپرواهي جون رپورٽون مليون آھن ته ڪيئن رات جو باه لڳي ته سڄي رات باه گهر ڀاتين ۽ سامان کي ساڙيندي رهي پر صبح تائين انتظاميه کي اطلاع باوجود فائربرگيڊ گاڏيون يان ٻيو ريسڪيو عملو نه پهتو ۽ ائين اتي موجود ماڻھو بي يارو مددگار باه ۾ سڙندا رهيا پر انتظاميه طرفان انهن جي مدد نه ڪئي وئي ان واقعي کان علاوه به سنڌ ۾ ٻين باه,ٻوڏ سميت ٻين واقعن ۾ به انتظاميه آخر ۾ مٽي جي ڍير تي اچي پهچندي آھي هاڻي اچو ته ٿورو ان ڳالھ تي ويچاريون ته باه لڳي ڪيئن ٿي؟مون اڪثر ڏٺو آھي ته ماڻھو ڳوٺن اندر پنهنجا گهر پڪا ۽ وڏا ٺهرائين ٿا ۽ انهن جاين تي وڏو خرچ ڪن ٿا رنگ روپ فرش ٽائلس وغيره به ڪرائين ٿا پر گهر جي چؤديواري پڪي يان ڪچي نه ٿا ٺھرائين ۽ چوڌاري لوڙهو ٿا ڏين ۽ ان کان علاوه گهرن سان ئي گڏوگڏ مال جو ڪچو واڙو به ٺھرائين ٿا ۽ مال جي واڙي ۾ بيٺل مال کي مڇرن کان بچاء جي لاء رات جو ڇيڻن کي باه ڏئي دونهون ڪن ٿا ۽ اهي ڇيڻا صبح تائين ٻري دونهون ڪڍن ٿا پر جيڪڏهن اسان ماڻهو گهرن کي لوڙهو نه ڏيون ۽ پڪيون يان ڪچيون ڀتيون ٺھرائيون ۽ مال جو واڙو گهرن کان الڳ ٺهرايون ته شايد باه جا واقعا گهٽ ٿين ڇوته گهرن جي چوڌاري لوڙھي مان اهو به خطرو هوندو آھي ته ڪو دشمن دشمني ڪري ان لوڙھي کي هٿ سان باه به ڏئي سگهي ٿو ۽ اهڙا هٿرادو باه ڏيڻ جا پڻ واقعا ٿيا به آھن ان ڪري اسان کي گهرجي ته ڪوشش ڪري گهرن کي لوڙهو ڏيڻ بجائي چؤديواريون ڏياريون ان کان علاوه باه جي چڻنگ,بجلي جي کليل پراڻين وائرن مان به باه لڳڻ جا واقعا ٿين ٿا ان ڪري گهرن ۾ بند بورچي خانه ٺھرائي ۽ بجلي جي کليل تارن کي هٽائي نيون تارون لڳرائڻ گهرجن ڇاڪاڻ ته اسان جي سنڌ جا ادارا يان سنڌ حڪومت ڪا ايتري ترقي يافته سڌريل ناهي جو باه لڳڻ شرط ئي ريسڪيو وارا پهچي باه تي ڪنٽرول ڪري انساني جانيون ۽ ٻيو سامان اچي بچائين اسان وٽ ٻين سڌريل ملڪن وانگر ريسڪيو سسٽم آهي ئي ڪونه سڀ جا سڀ ادرا ڪرپشن جي نذر ٿيل آھن بس مڙئي الله پاڪ جي آسري ملڪ هلي ٿو پيو ان ڪري اسان سڀني سنڌ واسين خاص طور ڳوٺن ۾ رهندڙن کي گهرجي ته جتي اوهان پنهنجي گهرن جي عمارت تي خرچ ڪيو ٿا اتي پنهنجي گهرن جي چوڌاري لوڙهو نه پر ڀتيون کڻايو ۽ مال جا واڙا گهرن کان الڳ ٺھرايو ته جيئن ڳوٺ فريدآباد جهڙا دردناڪ واقعا وري نه ٿين ۽ سڀني کي گهرجي ته اهڙو پيغام در در گهر گهر ڳوٺ ڳوٺ تائين پهچايون ته جيئن اهڙن افسوسناڪ واقعن کان بچي سگهون.

پهنجو تبصرو موڪليو