ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي چيف اليڪشن ڪمشنر تي آئين جي ڀڇڪڙي جو الزام هڻندي کيس خط لکي سنڌ ۾ مختلف ماڻهن جي وفات سبب خالي ٿيل ٽن سيٽن تي فوري ننڍي چونڊ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سينيٽر تاج حيدر پاران لکيل ٻن صفحن واري خط ۾ چيو ويو آهي ته پي ايس 43 سانگهڙ، پي ايس 52 عمر ڪوٽ ۽ پي ايس 88 ملير ڪراچي جون سيٽون خالي آهن. آئين جي شق 244 جي سب ڪلاز 4 موجب خالي سيٽ تي 60 ڏينهن اندر ننڍي چونڊ ڪرائڻ لازم آهي ۽ ڪورونا جو بهانو بڻائي آئين جي ان شق جي ڀڃڪڙي نٿي ڪري سگهجي. خط ۾ چيو ويو آهي ته وفاق جي رويي مان لڳي ٿو فيڊريشن سنڌ سان ٻه اکيائي ڪري رهي آهي. جڏهن آمريڪا ۽ گلگت ۾ اليڪشن ٿي سگهن ٿا ته سنڌ ۾ ڇو نٿي ڪرائي وڃي. سنڌ جي لاڳاپيل حلقن ۾ ڪورونا جا ڪيس نه هجڻ برابر آهن ان ڪري مهرباني ڪري جلد کان جلد آئيني ذميواري پوري ڪريو. ياد رهي ته ٺٽو مان اعجاز شاهه شيرازي به تازو فوت ٿيو آهي ۽ اها سيٽ به خالي آهي.










