ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي حڪومت عوام کي بجلي جي بلن ۾ فوري طور تي رليف ڏيڻ کان انڪار ڪندي هٿ مٿي ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب ۽ ڪي پي ڪي جو ناڻي بابت صلاحڪار مزمل اسلم چيو آهي ته صوبائي حڪومتون عوام کي بجلي جي بلن ۾ فوري رليف نٿيون ڏئي سگهن.نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ جي عوام کي ٻن مهينن جو رليف ڏيڻ تي 10 ارب روپيه جو خرچ ايندو، خيبرپختونخواهه جي حڪومت 2 مهينن جو رليف ڏيندي ته ان جو 8 ارب ۽ بلوچستان جي حڪومت جو هڪ ارب روپيه خرچ ايندو.هن چيو ته اسان جي حڪومت ڏيکاءُ ۽ لالي پاپ تي يقين نٿي رکي. پيپلز پارٽي جي مشورن تي عمل ڪري سنڌ جي ذخيرن مان سستا پلانٽ لڳايا وڃن ها ته اڄ بجلي سستي پيدا ٿئي ها.پختونخواهه حڪومت جي ناڻي بابت صلاحڪار مزمل اسلم چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ سستي بجلي پيدا ڪندا آهن. مهانگي بجلي پنجاب ۾ پيدا ٿيندي آهي، پنجاب حڪومت ٻن مهينن جو رليف ڏنو ان کان پوءِ بجلي ٻيهر مهانگي ٿي ويندي. ٻنهي اڳواڻن وفاقي حڪومت کان ٻن مهينن جي رليف بجاءِ مستقل رليف ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.










