اسلام آباد (خصوصي رپورٽ ) پاڪستاني پارليمان جي ايوان بالا سينيٽ جي فنڪشنل ڪميٽي ۾ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر انڪشاف ڪيو آهي ته پوليس رڪارڊ موجب سنڌ مان 500 ماڻهو لاپته آهن. هن چيو ته پوليس سندن بازيابي لاءِ ڪوشش ڪري پئي ۽ سنڌ جي وڏي وزير به سندن بازيابي لاءِ خصوصي هدايتون کيس ڏنيون آهن. جنهن تي ڪميٽي جي اجلاس ۾ حيرت ظاهر ڪئي وئي. ڪميٽي جي چيئرمين مصطفيٰ نواز کوکر آءِ جي سنڌ کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ايترا ماڻهو گم آهن ۽ پوليس ڪجهه ناهي ڪيو. اوهان به بيوس آهيو رڳو ايف آءِ آر ٿا ڪاٽيو. هن وڌيڪ چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي معلومات گڏ ڪئي ويندي. مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته هي اهم معاملو آهي ۽ محرم کانپوءِ ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئٽا جو دورو ڪري معلومات گڏ ڪئي ويندي. هن آءِ جي سنڌ کي چيو ته ڪراچي اجلاس کان اڳ وڌ کان وڌ ماڻهو بازياب ڪرايو. ڪميٽي جي اجلاس ۾ لاپته ماڻهن جي بازيابي لاءِ جوڙيل ڪميشن جي سربراهه جسٽس (ر) جاويد اقبال اجلاس ۾ گهرائڻ باوجود پيش نه ٿيو. ڪميشن جي رجسٽرار خالد نسيم ڪميٽي کي ٻڌايو ته چيئرمين جي اکين جو آپريشن آهي ۽ ٻيو ته آصف علي زرداري جي پيشي سبب سندس سيڪورٽي جو مسئلو به هو جنهن ڪري جاويد اقبال نه اچي سگهيو. جنهن تي مصطفيٰ نواز کوکر ٺاهوڪي ڏنڊ پٽي ته سڪورٽي جو مسئلو سڀني لاءِ آهي، وزيراعظم به پارليمان کي جوابده آهي ڪو به قانون کان بالاتر ناهي. کيس هدايت ڪئي وئي ته هو سڀاڻي اڱاري تي ضرور پيش ٿئي. فرحت الله بابر چيو ته اڳ ۾ 153 ماڻهن کي کنيو ويو هو جن جي معاملي جو جائزو وٺي مسنگ پرسنز ڪميشن کي تفصيل موڪليو پر ڪوجواب نه مليو.هن چيو ته ڪنهن تي به ذميواري عائد نه ڪئي وئي هئي. کوکر چيو ته اڳ ۾ 450 ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو هو پر لاپته ٿيلن جي ذميواري ڪنهن تي فڪس نه ڪئي وئي، ذميوارن جو تعين ٿين گهرجي. اجلاس ۾ 11 آگسٽ تي ڪراچي مان گم ٿيل سارنگ جويو جي والد ناليواري اديب ۽ دانشور تاج جويو به پيش ٿيو جنهن اجلاس کي ٻڌايو ته سندس پٽ گذريل رات گهر پهچي ويو آهي. کيس نامعلوم ماڻهن سهراب ڳوٺ وٽ دير سان ڇڏي ڏنو جتان هو ٽيڪسي ڪري گهر پهتو. هن ٻڌايو ته کنڀجڻ مهل سندس کيسي ۾ 1500 هئا پر آزاد ٿيڻ وقت 3000 هئس. هن چيو ته هي انساني حقن جي خلاف ورزي جو سنگين مسئلو آهي. ڪميٽي جي ڪاروائي بابت رابطو ڪرڻ تي هن سنڌيار کي ٻڌايو ته سندس وٽ سنڌ جي 230 لاپته ماڻهن جي لسٽ آهي، جنهن مان ڪجهه ماڻهن کي قتل ڪيو ويو آهي، هن ٻڌايو ته مون ڪميٽي وارن کي اهو به ٻڌايو ته 230 مان 40 ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو آهي، ڪجهه جيلن ۾ قيد آهن ۽ 80 کان مٿي سنڌ جا قومي ڪارڪن اڃا گم آهن. مون ڪميٽي کي اهو به ٻڌايو ته عاقب چانڊيو کي 17 سالن جي عمر ۾ اغوا ڪيو ويو ٻن سالن بعد کيس آزاد ڪيو ويو ۽ هڪ سال بعد کيس وري ٻيهر کنڀيو ويو آهي. هن چيو ته انصاف دايو درزي آهي ۽ مرتضيٰ سولنگي به ننڍي عمر جو آهي گولاڙچي مان گم ڪيل محفوظ نوتڪاڻي گردن جو مريض آهي، شاهد جوڻيجو ڏوڪري وارو تمام غريب آهي. اجلاس ۾ گهريلو تشدد روڪڻ لاءِ قانون سازي، يونيورسٽيز ۾ ڪوٽا موجب داخلا نه ملڻ، چمن بارڊر تي ٿيل واقعي سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو.










