سيد ساجد حسين شاهه ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن خيرپور
پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي وڏي پارٽي آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيڪو قائد عوام هيو ۽ هن پاڪستان کي آئين ڏنو گڏ وگڏ عوام جي خدمتن عيوض کين قائد عوام جو خطاب مليو روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جي ويزن هيٺ سڄي پاڪستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪندي ڪامياب پاليسين جو سلسلو شروع ڪيو ملڪي خارجه پاليسي هجي يا داخلي پاليسي جنهن جو مٽ ناهي انهئ ريت پارٽي جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو دنيا جي پهرين عورت وزير اعظم جو اعزاز حاصل ڪيو ۽ عوامي خدمتن ۾ پنهنجي پاڻ پيش ڪندي شهادت جهڙو عظيم رتبو پڻ ماڻيو، پاڪستان پيپلزپارٽي جي عوام دوست پاليسين سبب سنڌ ۾ هر دور ۾ حڪومت ٺاهي عوامي خدمتن جو سلسلو جاري آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت عوام کي تعليم، صحت ۽ ٽرانسپورٽ سميت ترقياتي اسڪيمن ذريعي پنهنجو پاڻ ملهايو جنهن جو ثبوت اين آءِ سي وي ڊي، ايس آءِ يو ٽي سان سهڪار، پير عبدالقادر شاهه انسٽيويٽ آف ميڊيڪل سائنسز المعروف گمس، چلڊرن اسپتال سميت گهڻن ئي اسڪيمن کي مڪمل ڪندي عوام لاءِ بهتر ۽ بلامعاوضو علاج معالجي جي سهولتون فراهم ڪندي خدمت کي پنهنجي پيشن بڻايو انهئ ريت سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي گهڻي دٻاءَ کي گهٽائڻ ۽ ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ عوامي ٽرانسپورٽ جي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ واسطي اهم قدم کنيا آهن.
پيپلز بس سروس: جون 2022ع ۾ شروع ڪيل پيپلز بس سروس تحت ڪراچي ۾ 250 جديد ڊيزل-اليڪٽرڪ (هائبرڊ) بسون هلن ٿيون، جن ۾ 28 عورتن لاءِ مخصوص پنڪ بسون شامل آهن. هي سروس ڪراچي جي 10 مختلف رستن تي روزانو لڳ ڀڳ 100,000 مسافرن کي سهولتون فراهم ڪري ٿي، جنهن جو مقصد موثر، قابلِ اعتماد ۽ سستي عوامي ٽرانسپورٽ مهيا ڪري ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽائڻ آهي. پيپلز پنڪ بس سروس:
ايشيا جي پهرين عورتن لاءِ مخصوص بس سروس طور متعارف ڪرايل پيپلز پنڪ بس سروس ڪراچي ۾ پنجن رستن تي 28 بسون هلائي رهي آهي. هي منصوبو عورتن لاءِ محفوظ ۽ بااعتماد سفر کي يقيني بڻائي ٿو، جنهن سان نجي گاڏين تي ڀاڙڻ گهٽجي ٿو. پيپلز اليڪٽرڪ بس سروس: جنوري 2023ع ۾ سنڌ حڪومت پاڪستان جي پهرين زيرو ايميشن اليڪٽرڪ بس سروس شروع ڪئي، جنهن تحت 50 اليڪٽرڪ بسون ڪراچي جي چار رستن تي هلايون پيون وڃن. هي سروس هوا جي آلودگي گهٽائڻ ۽ پائيدار ٽرانسپورٽ کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، ڇاڪاڻتہ انهن مان گرين هائوس گيسز خارج نٿيون ٿين. بي آر ٽي گرين لائين ۽ اورينج لائين: گرين لائين ۽ اورينج لائين بي آر ٽي منصوبا مڪمل طور تي فعال آهن، جيڪي گڏيل طور روزانو لڳ ڀڳ 70,000 مسافرن کي سهولتون فراهم ڪن ٿا. ٻنهي لائينن جي انضمام سان مسافرن جي تعداد ۽ نظام جي ڪارڪردگي ۾ واڌ آئي آهي. يلو لائين بي آر ٽي (ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان): في الحال تعمير جي مرحلي ۾ موجود يلو لائين بي آر ٽي 21 ڪلوميٽر ڊگهو ٽئين نسل جو بس ريپڊ ٽرانزٽ رستو آهي، جيڪو ڪورنگي جي دائود چوڪ کان شروع ٿئي ٿو. ورلڊ بئنڪ جي مالي سهڪار سان هي منصوبو ڪورنگي ۽ لانڍي صنعتي علائقن، مرڪزي ڪاروباري ضلعن ۽ ڪيترن رهائشي علائقن کي سهولتون فراهم ڪندو. هن منصوبي تحت 268 اليڪٽرڪ بسون شامل ڪيون وينديون، جڏهنتہ روزاني لڳ ڀڳ 300,000 مسافرن جي سفر جي اميد آهي. ريڊ لائين بي آر ٽي (ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان):
ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبو تعمير هيٺ آهي، جنهن جي ڪل ڊيگهه 26.6 ڪلوميٽر آهي. ان ۾ 24.2 ڪلوميٽر مکيه ڪوريڊور ملير هالٽ کان نمائش تائين ۽ 2.4 ڪلوميٽر گڏيل ڪوريڊور ميونسپل پارڪ کان ٽاور تائين شامل آهي. ماحول دوست پاليسين کي نظر ۾ رکندي، هن منصوبي تحت 250 بايو-سي اين جي تي هلندڙ بسون متعارف ڪرايون وينديون، جيڪي روزانو لڳ ڀڳ 400,000 مسافرن کي سهولتون فراهم ڪنديون. ان کان علاوه، ڀينس ڪالوني ۾ هڪ بايو گيس پلانٽ قائم ڪيو ويندو، جتي ڳئون جي گوبر مان بايو گيس تيار ڪري ريڊ لائين بسون هلائيون وينديون. سنڌ پيپلز بس سروس (PBS) سنڌ حڪومت جو هڪ اهم عوامي ٽرانسپورٽ منصوبو آهي، جنهن جو مقصد سنڌ جي شهرن ۾ سستي، جديد ۽ ماحول دوست سفري سهولت مهيا ڪرڻ آهي. هن وقت ڪراچي هن سروس جو مرڪزي شهر آهي، جڏهن ته ٻين وڏن شهرن تائين به ان کي وڌايو ويو آهي. ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس جا ڪيترائي روٽ هلن ٿا، جيڪي شهر جي اهم رهائشي ۽ ڪاروباري علائقن کي ڳنڍين ٿا. پيپلز بس سروس ڪراچي کان علاوه هيٺين شهرن تائين وڌائي وئي آهي: جنهن ۾ حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، نوابشاهه (شهيد بينظير آباد) شامل آهن جڏهن ته نئين شامل ٿيل شهر ۾ خيرپور، شڪارپور، نوشهرو فيروز آهن مسافر پيپلز بس سروس ايپ ڊائون لوڊ ڪري سگهن ٿا: گوگل پلي اسٽور، ايپل ايپ اسٽور، ايپ مان هي ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي روٽس جي تفصيل ٽائمنگ، سروس بابت تازه خبرون سان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. وڌيڪ مليل ڄاڻ موجب • 1950 ۽ 1960 واري ڏهاڪي دوران ڪراچي جي عوامي ٽرانسپورٽ ۾ ڊبل ڊيڪر بسون پڻ شامل هيون۔ • 1959ع ۾ قائم ڪيل ڪراچي روڊ ٽرانسپورٽ ارپوريشن (KRTC) شهر ۾ 300 کان وڌيڪ بسون متعارف ڪرايون، جن مان لڳ ڀڳ 24 ڊبل ڊيڪر بسون هيون۔ اهي بسون وڌندڙ آبادي ۽ ٽرانسپورٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ هلائيون ويون۔ لاهور ۽ ڪراچي جهڙن شهرن ۾ 1960 ۽ 1970 واري ڏهاڪي تائين ڊبل ڊيڪر بسون عام هيون ۽ روڊن تي ڏسڻ ۾ اينديون هيون. 1970 واري ڏهاڪي کان پوءِ ڊبل ڊيڪر بسون آهستي آهستي ختم ٿي ويون، جنهن جا اهم سبب هي هئا: 2025 ۽ 2026 ۾ ٻيهر 31 ڊسمبر 2025ع تي سنڌ حڪومت ڊبل ڊيڪر بس سروس کي ٻيهر ڪراچي جي روڊن تي بحال ڪيو، جيڪو لڳ ڀڳ 65 سالن جي وقفي کان پوءِ ٿيو. شروعاتي طور بسون ماڊل ڪالوني کان زينب مارڪيٽ (شاهراهِ فيصل) تائين هلنديون، جڏهن ته ملير کان شاهراهِ فيصل تائين به مختلف رستن تي سروس شروع ڪئي ويندي۔ 2026ع دوران ڪراچي جي ٻين علائقن ۾ به وڌيڪ رستا متعارف ڪرائڻ جو منصوبو آهي. نيون ڊبل ڊيڪر بسون جديد ڊزائن، ايئر ڪنڊيشنڊ سهولتن ۽ جديد حفاظتي نظام سان ليس آهن. هڪ طرفو ڀاڙو لڳ ڀڳ 80 کان 120 رپين جي وچ ۾ مقرر ڪيو ويو آهي۔ سنڌ حڪومت جو مقصد ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽائڻ ۽ شهرين کي بهتر معيار واري، آرامده عوامي ٽرانسپورٽ مهيا ڪرڻ آهي. 1959ع ۾ KRTC جي تحت ڊبل ڊيڪر بسون شروع ڪيون ويون. 1960–1970 واري ڏهاڪي ۾ ٽريفڪ ۽ تبديل ٿيندڙ ضرورتن سبب ختم ٿي ويون. 31 ڊسمبر 2025ع تي لڳ ڀڳ 65 سالن بعد ٻيهر شروعات ٿي آهي، نواڻا رستا: ماڊل ڪالوني، زينب مارڪيٽ، ملير ، شاهراهِ فيصل جڏهن ته ڀاڙو اندازي مطابق تقريباً 80–120 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بسُن جي تاريخ (سالوار تفصيل) 1959 — KRTC جو قيام • جنوري 1959ع ۾ ڪراچي جي وڌندڙ آبادي ۽ ٽرانسپورٽ مسئلن جي حل لاءِ ڪراچي روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن (KRTC) قائم ڪئي وئي۔ • ساڳئي سال 324 بسُن جو بيڙو متعارف ڪرايو ويو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 24 ڊبل ڊيڪر بسون شامل هيون۔ • اهي بسون ان دور جي جديد شهري ٽرانسپورٽ نظام جي علامت سمجهيون وينديون هيون۔ 1960 کان 1963 — ڊبل ڊيڪر بسُن جو سونهري دور هيو، 1960 واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ ڊبل ڊيڪر بسون ڪراچي جي روڊن تي باقاعدگي سان هلنديون رهيون۔ اهي بسون خاص طور صدر، ايم اي جناح روڊ، بندر روڊ، لياقت آباد ۽ ٻين مرڪزي علائقن ۾ هلنديون هيون۔ شهري، شاگرد ۽ سرڪاري ملازم انهن بسُن کي تمام گهڻو پسند ڪندا هئا۔ مٿئين منزل تان شهر جو نظارو ان دور جي هڪ يادگار ڳالهه سمجهي ويندي هئي۔ فيبروري 1964ع ۾ انتظامي ۽ مالي مسئلن سبب KRTC کي ختم ڪيو ويو۔ ان کان پوءِ عوامي ٽرانسپورٽ جو نظام ٻين سرڪاري ادارن حوالي ڪيو ويو۔ لڳ ڀڳ پنجاهه کان سٺ سالن تائين ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بسون عوامي ٽرانسپورٽ جو حصو نه رهيون۔ ان عرصي دوران مني بس، ڪوچ، ۽ پوءِ بي آر ٽي ۽ پيپلز بس سروس شهر جي ٽرانسپورٽ جون ذميواريون سنڀاليون۔ آڪٽوبر 2024ع ۾ سنڌ حڪومت اعلان ڪيو ته ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بسون ٻيهر متعارف ڪرايون وينديون۔
هن فيصلي جو مقصد، ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽائڻ، وڌيڪ مسافرن کي هڪ ئي وقت سفر جي سهولت فراهم ڪرڻ هو۔ 31 ڊسمبر 2025ع تي ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بس سروس جو باضابطه افتتاح ڪيو ويو۔ • هي واپسي لڳ ڀڳ 65 سالن بعد ٿي۔ افتتاح سنڌ حڪومت جي اعليٰ عملدارن ڪيو. 1 جنوري 2026ع کان ڊبل ڊيڪر بسون عوام لاءِ باقاعده طور هلڻ شروع ٿيون۔ • شروعاتي رستا: ماڊل ڪالوني کان زينب مارڪيٽ، ملير کان شاهراهِ فيصل، شامل هئا۔ ڀاڙو لڳ ڀڳ 80 کان 120 رپيا مقرر ڪيو ويو۔ نيون بسون ايئر ڪنڊيشنڊ، جديد سهولتن ۽ حفاظتي نظام سان ليس آهن ان سلسلي ۾ پهرين جنوري تي ڪراچي ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سال 2026 سنڌ جي ترقي، سھولت ۽ استحڪام جو سال ثابت ٿيندو، سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ جاري ۽ نون ترقياتي رٿائن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي ورتي آھي. ھڪ بيان ۾ ھن چيو ته سنڌ حڪومت جو ڌيان عوامي مسئلن جي جٽادار حل، بنيادي ڍانچي جي بھتري ۽ شھري ۽ ٻھراڙي وارن علائقن جي وچ ۾ ترقياتي فرق کي گھٽائڻ آھي، سال 2026 ۾ سالياني ترقياتي پروگرام (اي ڊي پي) تحت روڊن، پُلن، ٽرانسپورٽ، صحت، تعليم، پاڻي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال جا ڪيترائي منصوبا عملي شڪل اختيار ڪندا. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي وڏن شھرن ۾ انفرا اسٽرڪچر جي بھتري حڪومت جي پھرين اوليت آھي، شھر ۾ روڊن جي بحالي، پُلن ۽ انڊر پاسز جي اڏاوت، ٽريفڪ جي دٻاءُ کي گھٽائڻ لاءِ نوان روٽ ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جا منصوبا تيزي سان مڪمل ڪيا پيا وڃن، سنڌ حڪومت جي رٿائن سان شھرين کي سفر ۾ سھولت ملندي ۽ وقت جي بچت ٿيندي. سندس چوڻ ھو ته سنڌ حڪومت عوامي ٽرانسپورٽ جي نظام کي جديد بڻائي رھي آھي، ڊبل ڊيڪرز، اي وي بسون ۽ ٻيون بس سروسز، عورتن جي محفوظ سفري سھولتون ۽ ماحُول دوست ٽرانسپورٽ سنڌ حڪومت جي ڪاوشن جو حصو آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ به وڏي پيماني تي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي، سال 2026 جي رٿائن ۾ اسڪولن جي اپ گريڊيشن، نيون طبي سھولتون قائم ڪرڻ، عملي ۾ واڌارو حڪومت جي اوليتن ۾ شامل آھي. ھن چيو ته پاني جي کوٽ، گندي پاڻي جي نيڪال جي مسئلن جي حل لاءِ به ڪيترائي منصوبا 2026 ۾ مڪمل ٿيڻ وڃي رھيا آھن، واھن جي بھتري، ڊرينيج سسٽم جي اپگريڊيشن ۽ ماحولياتي تبديلين کي منھن ڏيڻ جي لاءِ قدم حڪومت جي ڊگھي مدي واري ويزن جو حصو آھي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ترقياتي رٿائن ۾ شفافيت، رفتار ۽ معيار کي يقيني بڻائي رھي آھي، اسان چاھيون ٿا ته عوام کي رڳو واعدا نه پر عملي نتيجا نظر اچن، 2026 ۾ سنڌ جا شھري انقلابي تبديلي محسوس ڪن، سنڌ حڪومت عوامي فلاح جي ايجنڊا تي ثابت قدم آھي، ترقي جو ھي سفر ايندڙ ورھين ۾ به ڀرپور طريقي سان جاري رھندو. افتتاح جي موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي سميت ٻين لاڳاپيل آفيسر توڙي عملدار موجود هئا. ان ڏس ۾ وڌيڪ معلوم ٿيو آهي ته خيرپور لاءِ به ٽرانسپورٽ کاتي سنڌ طرفان 10 پيپلزبسون ڏنيون وينديون جيڪي خيرپور ٽو راڻي پور ۽ خيرپور ٽو سکر لاءِ شروعاتي طور عوام کي سستي ٽرانسپورٽ واري سهولت فراهم ڪندي.










