سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ڪڏهن ختم ٿيندا ؟

سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ڪڏهن ختم ٿيندا ؟

محمد اظهر رند
سنڌو ماٿري تهذيب دنيا جي اوائلي تهذيبن مان هڪ آهي جيڪا انڊس ويلي جي نالي سان پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿي هتي هن ماٿري جي تمدن ماڻهون جي رهڻي ڪهڻي هڪ عاليشان شوڪار نموني زندگي بسر ڪندا هئا سنڌو درياءَ جي ڪپ ته آباد سنڌي ماڻهون وٽ وڏو ڏاهو عقلمندي هوندي هئي جو هنن هزارين سالن اڳ اهي گهر محلات هئا جيڪي دنيا جي ٻين حصن ۾ گهٽ آثار قديما ملايا آهن سنڌ جو مشهور قديمي آثار سنڌو ندي جي ڀرسان قائم شهر جنهنکي آڄ ان کي موئن جو دڙو جي نالي سان سڃاتو ٿو وڃي جتي قديمي طرز جي آراشي بناوٽ سان تيار ٿيل شهر جيڪو پوري دنيا جي آباد شهرن ڏانهن هتان واپار تجارت جو مرڪز بڻيل هوندو هواهو عراق ايران دمشق مصر سميت ٻين ملڪن ڏانهن سمونڊي رستي ۽ زميني ڌگن کان آمدرفت واپار جي ٿيندي هئي سنڌو جو نالو به سنڌو درياءَ جي نالي سان ئي منسوخ آهي ان وقت هنڌ ۽ سنڌ جي نالي سان هي علائقو مشهور هو وقت به وقت جڏهن مختلف حملا ٿيندا رهيا ۽ زبانيون جي بنياد ته علائقا ۽ رياستون جو جنم ٿيو هي سنڌ جي زمين تمام گهڻي زرخيز آهي هتي هر طرح سان فصل ميواهه فروٽ جو آڻ رڪارڊ پيدوار ٿيندي هئي پر وقت به وقت جڏهن هن وقت موجودهه ملڪ قيام ۾ آيو ان کانپوءِ هي خطو ڪنهن ريگستان جي ڏيک ڏيڻ لڳو آهي ڇاڪاڻ ته هتي انهن حڪمرانن کي آقا بڻائي ڇڏيو آهي جو انهن اهڙو ته ڌرتيءَ جو ورتاءُ ڪيو آهي جو نئون نسل پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي ۽ هتان جي عوام کي چونڊيل نمائيدان پنائڻ ته مجبور ڪيو ويو آهي هتي 40 سالن کان ڪا به اهڙي نئي انڊسٽريز نه لڳائي وئي آهي جو سنڌ جو عام ماڻهون پنهنجو عزت سان روزگار ڪري سگهي هتي زرعي پاڻي جي کوٽ سبب ڪيتريون سنڌ جون زرخيز زميون بنجر جي منهن وڙ چڙهي ويو آهن سنڌ جا نوجوان خدڪشي ڪرڻ ته مجبور بڻيل آهن انهن جي زندگي سان راند بند جو سلسلو ڪڏهن ختم ٿيندو آخر سنڌ جو عوام خوشحالي طرف اڳتي ڪڏهن وڌندو ان اهم سوال جو جواب حڪمراني ئي ڏي سگهن ٿا هن ملڪ جي پاڻي جي ورهاست لاءِ ارسا جوڙيو ويو آهي جيڪو چئني صوبن کي پاڻي جي فراهمي ڪري ٿو پر ان جو بنياد 1991ع ۾ پيو جنهن ۾ ان جي چئيرمين جي چونڊ هر صوبي مان ترتيب وار ميرٽ ته ڪئي ويندي پر هن ڀيري ارسا جي چئيرمين جي مقرر نئي ڪابينا جي وزيراعظم شهباز شريف بنا ڪنهن ميرٽ جي ظفر محمود کي مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي ان ته سنڌ جي مختلف قومپرستن جماعتن وڏا خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن جنهن ته سنڌ اندر هن جي مقرر کي مڪمل رد ڪيو ويو آهي جنهن ته احتجاج جو سلسلو به جاري آهي ان ته نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن ان تي ڪابينا ظفر محمود کي فلحال پاسي ته رکڻ جون خبرون سوشل ميڊيا ته گردش ڪري رهيون آهن سنڌ جي هر مسئلي جو حل احتجاج بڻائي ڇڏيو آهي پر هن صوبي جون اڪثر وسيلا حڪمرانن جي غلط پاليسن سبب ختم ٿي ويو آهن اهڙا سنڌ جي حق ۾ ٿيڻ گهرجن جنهن سان پڇڙي تائين پاڻي پهچي سگهي ۽ هاري زميدار پنهنجي پوک جي اپت ڪري سگهي ان سان ئي ملڪ جي مضبوطي ۽ خوشحالي ممڪن آهي .

پهنجو تبصرو موڪليو