سنڌ جي وڏن شهرن جي آبادي گهٽ ڏيکارڻ تي ڳڻتي جو اظهار

سنڌ جي وڏن شهرن جي آبادي گهٽ ڏيکارڻ تي ڳڻتي جو اظهار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ ڊجيٽل مردم شماري جي حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ڪراچي سميت سنڌ جي وڏن شهرن جي آبادي ۾ گهٽتائي وارين خبرن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته مردم شماري جي حوالي سان سنڌ جي ماڻهن جا خدشا ختم ۽ صحيح ڳڻپ کي يقيني بڻايو وڃي. هر سال لکين ماڻهن ڳوٺن مان صحت، تعليم، روزگار ۽ مناسب رهائشي سهولتن جي ڪري شهرن جو رخ ڪن ٿا، هر روز نيون سوسائٽيون ۽ ڪالونيون وجود ۾ اچڻ باوجود حيرت انگيز طور تي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جي آبادي گهٽ ڏيکارڻ هر شهري لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي، سنڌ جي آبادي صحيح ڳڻي وڃي ته ڪنهن کي به اعتراض ڪونه ٿيندو، مردم شماري جي حوالي سان سسٽم ۾ جيڪي به خاميون آهن اهي ختم ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز جا خدشا ختم ٿيڻ گهرجن. جماعت اسلامي جي اڳواڻ ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته عوام پنهنجي خاندان ۽ مٽن مائٽن جي ڳڻپ کي يقيني بڻائين ، جتي مردم شماري جون ٽيمون ناهن پهتيون ان جو اطلاع لاڳاپيل ادارن کي ڪن. گذريل سال ايندڙ سيلاب جي ڪري اڄ به سنڌ جو 20 فيصد حصو ٻڏل آهي، ماڻهن بي گهر روڊن رستن ۽ شهرن ۾ دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن انهن جي ڳڻپ ڪئين ممڪن ٿي سگهندي، بنا شناختي ڪارڊ جي ڪير هٿ ٺوڪيل انگ اکر ڏيکاري ته ان کي ڪئين روڪي سگهبو؟ سنڌ جي 07 ڪروڙ آبادي کي پنج ڪروڙ ڳڻڻ ظلم آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ هر خاندان ۾ ڇهه کان اٺ ٻار پيدا ٿين ٿا جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سميت وڏن شهرن ۾ ساليانو لکين ماڻهو مناسب سهولتن ۽ روزگار جي ڪري لڏپلاڻ ڪري اچن ٿا انهن شهرن جي آبادي وڌڻ بدران گهٽ ڪئين ٿي سگهي ٿي؟ اربين رپيا خرچ ڪرڻ، هزارين ملازمن جو ٽائم سيڙهائڻ باوجود تڪراري ڳڻپ کان بهتر هوندو ته اها رقم سيلاب متاثرين جي بحالي تي خرچ ڪئي وڃي. سنڌ جي سياسي، ديني ۽ سماجي تنظيمن کي تازي مردم شماري تي سخت خدشا آهن جيڪڏهن انهن خدشن کي ختم نه ڪيو ويو ته اڳ ۾ ئي معاشي، سياسي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ملڪ هڪ وڌيڪ تڪرار جي وَر چڙهي ويندو جنهن جي سموري ذميواري موجوده وفاقي سرڪار تي هوندي ان ڪري جماعت اسلامي جو پُرزور مطالبو آهي ته وفاقي حڪومت پنهنجي ضد ۽ انا کي هڪ طرف رکي درست ۽ شفاف مردم شماري لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز ۽ سياسي جماعتن کي اعتماد ۾ وٺي فيصلا ڪري ته جئين ان اهم مسئلي تي سنڌ جي ماڻهن جا خدشا به ختم ٿي سگهن.۔#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو