سنڌ جي قبائلي جهيڙن مان جند ڪڏھن آجي ٿيندي

سنڌ جي قبائلي جهيڙن مان جند ڪڏھن آجي ٿيندي

ليکڪ محمد اسماعيل لانگاھ

سنڌ  قبائلي جهيڙن جي تاريخ سان ڀري پئي آهي اهي واقعا ڪڏھن سڱاوتي تقرار تان ته ڪڏھن پيار پرڻي تان, ته ڪڏھن زميني تقرارن تان ڪڏھن عام رواج معمولي ڳالهين تان ٿيندا رهيا آهن جن  سان سوين انساني جانين کي گولين جو بُک بڻايو ويندو رهيو آهي ۽ انهن جهيڙن کي روڪڻ بجاء ويتر وڌايو پيو وڃي جنهن جو اهم سبب آهي اسان جو ڪمزور قانون ,ھٺ ۽ ضد جيڪو اسان کي قبائلي جهيڙن جي ڀڙڪندڙ  باه ۾ اڇلائي ڇڏي ٿو جنهن مان نسل در نسل نڪرڻ مشڪل هوندو آهي اهڙن واقعن کي روڪڻ ۾ صرف صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي  ته شايد اھڙا واقعا نٿي سگهندا, آخر اسان سنڌ جي ماڻھن ۾ جهيڙن واري مرض مان جان آجي ڪيئن ٿيندي  ذرا سوچيون اسين ان سنڌ ڌرتي جا رهواسي آهيون جنهن ۾ ڀٽائي جهڙو بزرگ, قلندڙ جهڙو ڪبريائي ولي,  شاه عنايت جهڙا صوفي بزرگ سُتل هجن ڇا انهن جي ريتن رسمن کي اسان اڃا به نه سمجهي سگهيا آهيون انهن جي پيغام ۽ پرچار کي ڇو نٿا پچاريون.

پنهنجي جيجل ماءُ سنڌ جنهن جو پيار سڪ محبت صدين کان ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ مشهور آهي جنهن کي ولين اوليائن درويشن جو ديس به سڏيو وڃي ٿو جنهن پنهنجي پيار جي پرچار جو پيغام هند توڙي سنڌ تائين پکيڙيو ان ڌرتي کي قبائلي جهيڙن جو ناسور ائين چنبڙجي ويو آهي جيئن ڪا وبائي بيماري لڳل هجي پهرين ته قبائلي جهيڙن ۾ اتر سنڌ  جا علائقا مشهور هئا جتي سرداري نظام سبب برادرين ۾ ننڍن ننڍن جهيڙن کي قبائلي جهيڙن جو رُخ ڏئي ڪيترا ئي وسندڙ ويڙھا ويران ڪيا ويا سوين انسانن جو جانورن جيان قوس ڪيو ويو جيڪا روايت اڃا به قائم آهي, جنهن جو اهم سبب آهي معاشري ۾ رهندڙ ماڻھن ۽ ذاتين ۾ انا پرستي, تعليم جي اڻھوند جنهن جي ذريعي هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ جي روايت ختم ٿيندي پئي وڃي. گذريل  هڪ مهيني اندر قبائلي جهيڙن جا جيڪي افسوسناڪ واقعا ٿيا آهن  انهن تي تعجب يا حيرت کائجي ته اسان ماڻھون پنهنجي پونئيرن کي ڪهڙي ڌُٻڻ ۾ اڇلائي رهيا آهيون. ڇو ته اسان سنڌ جي ماڻھن ۾ عدم برداشت وارو مرض روز بروز وڌندو وڃي پيو پهرين قبائلي جهيڙن جي ٻاريل باه جنهن اتر سنڌ جي ضلعن کي ساڙي رک ڪيو آهي اها ٻريل چڻنگ سنڌ جي امن پسند ڏکڻ سنڌ ۾ ڦھلجي رهي آهي, قبائلي جهيڙن جي روايت سنڌ ۾ خاص  ڪري انهن علائقن قبيلن وسندين ۾ قائم ۽ دائم رهي آهي جتي علم جو ڏيئو اجهاميل رهيو آهي جتي هميشه هٿيارن ۽ بارود جي بوء رهي آهي جتي علم ڪتاب ۽ قلم کان معاشرو لاعلم رهيو آهي جهيڙن سان جيتريون جانيون زيان ٿينديون رهيون آهن ڇا اسين وري صدين تائين انهن جي ازالي جو  ڪڏھن اهو سوچيو آهي ته قتل ٿيل اهي ڪونڌر جوان وري ورندا ,جهيڙن ۾ جنهن مائرن پنهنجن پُٽن جي لاشن کي خون ۾ لت پت ڏٺو هوندو انهن جي اندر جي آنھ ۽ دانهن ڪنهن دل سان ٻُڌي يا محسوس نه ڪئي هوندي جهيڙن ۾ ڀينرن کان ڪونڌر ڀاءُ ونين کان پنهنجا ور, اولاد کان پنهنجي والدين جي شفقت کسجي ويندي, جيڪي سڄي زندگي پنهنجي انهن رشتن جي اوچتين موتن تي ارمان ڪندي ڪندي جهان ڇڏين ٿا ,قبائلي جهيڙن بعد معاشري ۾ جيڪي نقصان ٿين ٿا انهن جو ازالو ٿيڻ ناممڪن ٿي ويندو آهي, جهيڙيندڙ ڌُرين ۾ ترت صلح نه ٿيڻ سان اردگرد سمورن علائقن تي سيڪ اچي پوي ٿو جتي انسانن جو سُڪون ۽ تعليم تباه ٿي وڃي ٿي , انهن خاندان جون عورتون  پنڻ تي مجبور ٿين ٿيون انهن جا معصوم ٻارڙا علم جي زيور کان محروم ٿي ڪري يا ته هٿيار هٿن ۾  کڻن ٿا يا وري پنهنجي زندگي گذارڻ لاء مالدار ماڻھن جا نوڪر ٿي وڃن ٿا ,جڏھن ته جهيڙيندڙ ڌُرين خلاف  قانوني ڪاروائي نه ٿيڻ کان پوء علائقن  ۾ ڌاڙيل ڪلچر شروع ٿئي ٿو جنهن سان وري پوري  علائقي جو امن داءُ تي لڳي وڃي ٿو, جنهن کانپوء علائقن ۾ اغوا, ڦُر چوري ۽ ٻيون وارداتون عام جام ڪيون وڃن جنهن جو سڀ کان وڏو اثر غريب ۽ بي پهچ ماڻھن تي ٿئي ٿو, اهي ڌاڙيل ٻيا ڪير نه پر اهي قبائلي جهيڙن ۾ شامل ماڻھون هوندا آهن جيڪي پاڻ کي قانون جي حوالي ڪرڻ بجاء سرادرن ۽ ڀوتارن جي بنگلن تي بيهي کين غلاميون ڏين ٿا, جتي قانون انهن خلاف ڪاروائي ڪرڻ کان لنوائي ٿو سنڌ صوبو 80 واري ڏھاڪي کان وٺي قبائلي جهيڙن جي ور چڙھڻ بعد ڌاڙيل ڪلچر سميت ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙھيل آهي جنهن جي انت لاء سنڌ ۾ پوليس کي بااختيار بڻائڻ جي سخت گهرج آهي ڇو ته جهيڙن کي ٽارڻ ۽ انهن ۾ ملوث ماڻھن خلاف قانوني ڪاروائيون نه ٿيڻ سان ۽ بي قصور ماڻھن سان انصاف جو ازالو نه ٿيڻ جي سببب ئي ماڻھون پاڻمرادو سخت فيصلا ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا جيڪي وڏن قبائلي جهيڙن جو روپ اختيار ڪري وڃن ٿا, هينئر سنڌ جو ڪوبه اهڙو علائقو شهر وسندي يا ويڙھو ناهي جتي وڏن خونريز جهيڙن کان معمولي جهيڙن ۾ ماڻھون ڦاٿل نه هجن پوء انهن جي وڌڻ جو ڪارڻ سياسي سفارش ڀوتارن جي شفقت ۽ پوليس کي پئسن جي لالچ جهيڙن کي هٿي ڏيڻ ۾ وڏو هٿ آهي جيڪڏھن قانون ۽ عدالتن کي سياست ۽ سفارشن تحت يرغمال بڻائي غريبن جا حق غضب ڪيا ويا ته پوء سنڌ ۾ جهيڙن ذريعي انساني جانين جو قتل عام روڪڻ ڏاڍو ڏکيو آهي جتي به برادرين ۾ جهيڙا هلندڙ آهن ڏسجي ته انهن انسانن جي جانورن جيان زندگي بسر ٿي رهي آهي جانور به جهنگ ۾ بي خوف ٿي گهمن ٿا پر انهن ماڻھن جي زندگي موت جي ٻه واٽي تي وڃي بيهي ٿي جنهن کي هروقت پنهنجي موت قانون يا پنهنجي پلاندين جو خوف رهي ٿو, پهرين ته سنڌ ۾ هٿيارن جي نمائش تي فوري طور پابندي لڳائي ماڻھن کان هٿيار هٿ ڪيا وڃن ڇو ته اصل ڪارڻ ئي آهي سنڌ ۾ غير قانوني هٿيارن جي موجودگي جو آهي جيڪي به برادريون وڙھن ٿيون آخر انهن وٽ ايترا ڳرا هٿيار آخر ڪٿان اچن ٿا انهن هٿيارن جي روڪٿام لاء عملي قدم کڻي  ۽ اصل ڏوهارين کي قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي ته اسين سنڌ مان ناسور بڻيل اهڙن انسان دشمن قبائلي جهيڙن مان جند آجي ڪري سُڪون سان رهي سگهون ۽ معاشري ۾ امن بحال ڪرائي سگهجي.# 

پهنجو تبصرو موڪليو