سنڌ جي تعليم کي ڪيئن سڌارجي؟

سنڌ جي تعليم کي ڪيئن سڌارجي؟

دلشاد ڀُٽو
جڏھن سنڌ حڪومت سنڌ جي لکين ٻارن کي پڙھائڻ ۽ ھزارين بند پيل اسڪولن کي کولڻ لاء تعليمي ايمرجنسي لڳائڻ جو اعلان ڪيو ھو.سنڌ جي مالي سال جي ھر بجيٽ ۾ تعليم تي تمام وڏي بجيٽ رکي وڃي ٿي۔گذريل14 سالن ۾ ايتري ته بجيٽ تعليم تي خرچ ٿي آھي جو اسان پارن ته ڇا پر چڱن ڀلن بلين ۽ ملين ڊالرز کي روپين ۾ حساب ڪرڻ نٿو اچي۔سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي سميت سنڌ ۾ تعليم جي سڌاري لاء جيترا قدم کڄن اھي ڄڻ ھوا ۾ تحليل ٿيو وڃن ٿا۔ سنڌ ۾ عام توڙي خاص طبقي کي سردار شاھ توڙي سعيد غني يا ڪنھن جي به وزير تعليم ٿيڻ سان ڪا خوشفھمي محسوس نہ ٿي آھي يا سيڪريٽري بدلجڻ سان ڪا نئين اميد نہ جاڳي پئي آھي.ڇاڪاڻ تہ تعليمي نظام جي سڌاري لاءِ ڪو بہ سنجيده قدم نہ کنيو ويو آھي ۽ نه وري سنڌ جا حاڪم ڪرڻ ڏيندا.ٻيو سڌارا صرف ڪاغدن جي حد تائين محدود آھن.انھن تي عمل ڪير ڪرائي.عمل اھي ئي ڪرائيندا جيڪي سفارشن ۽ لکين ڪروڙين روپيہ رشوت ڀري سيٽن تي ويٺا آھن.تعليمي ايمرجنسي کان اڳ جڏھن پيچوھو صاحب سختي ڪئي ۽ بايوميٽرڪ جو نظام آندو ھو.ان جو ڪجھ اھو فائدو پيو جو گھوسٽ استاد اسڪولن ۾ اچڻ شروع ٿيا يا اڳتي ھلي مفت جون پگھارون کڻندڙ استادن رٽائرمينٽ جون درخواستون ڏنيون ۽ ھزارين رٽائر ڪري ڀڄي ويا.ھن وقت ھر ضلع ۾ سوين استاد رٽائر ٿي چڪا آھن ۽ ايتريون ئي درخواستون پينڊنگ ۾ آھن.
بايوميٽرڪ وارن آفيسرن کي حڪومت موڪل تي موڪلي ڇڏيو آھي يا ڪم کان روڪي ڇڏيو آھي يا اھي بدعنوان ٿي چڪا آھن.سنڌ جي تعليم تي کربين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ استادن ۽ لوئر اسٽاف جي کوٽ۔اسڪولن ۾ بنيادي سھولتن جي کوٽ آھي۔ڇتن مان چاپڙ پيا ڪرن۔ڪيترا اسڪول اوطاقون آھن باقي تعليمي ادارن جون بلڊنگون سالن کان زير تعمير آھن يا بجيٽ نه ھجڻ سبب خسته حال آھن۔

آخر تعليم ڪيئن سڌرندي؟

(1) تعليم کاتي مان سياست ۽ سياسي مداخلت مڪمل طور ختم ڪئي وڃي.پرائمري کان يونيورسٽي تائين استاد يونين ۽ سياسي پارٽين جي شاگرد ونگ تي پابندي لڳائي وڃي۔
(2) تعليم جو وزير تعليمي ماھر ۽ ھاءِ پروفيشنل ھجي.
(3) تعليم کاتي جي پراڻن استادن کي رٽائرمينٽ ايمنسٽي ڏئي سڀني پراڻن استادن کي رٽائر ڪيو وڃي.
(4) نون استادن جي ڀرتي نج ميرٽ تي ڪئي وڃي.
(5) پرائمري کان ھائر تائين پوري نصاب کي تبديل ڪري ترقي يافتہ ملڪن ۾ رائج تعليمي نصاب سان مطابقت رکندڙ نہ ھجي تڏھن به ان جي حصي پتي جھڙو ھجي.
(6) تعليمي نصاب ۾ پرائمري کان وٺي ڪمپيوٽر سکيا،مادري ٻولي سان گڏ انگريزي ٻولي، فني تعليم(ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن) لازمي ھجي.ان لاءِ نوان استاد ڀرتي ڪيا وڃن .جن وٽ اھو اسڪل Skill ھجي.جيڪڏھن نصاب تبديل ٿيو تہ پراڻن استادن کي خود کي پڙھڻ نہ ايندو تہ ٻارن کي ڪٿان پڙھائيندا.
(7) وڏي پيماني تي نہ تڏھن بہ خاص حد تائين چائني ۽ انگريزي زبان سيکاري وڃي.
(8) اسڪولن جي بلڊنگ جي تعمير وقت انھن جي فزيبل ھجڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي.ڇاڪاڻ تہ جتي ضرورت نہ آھي اتي بہ ٽي ٽي اسڪولن جون بلڊنگون ٺھيون پيون آھن.ھڪڙي ۾ اوطاق ٻي ۾ گھر ۽ ٽئين ۾ ڀانڊو يا مال جو واڙو آھي.عوام جي پئسي کي ائين سياسي ماڻھن کي خوش ڪرڻ لاءِ استعمال نہ ڪيو وڃي.
(9) فرنيچر جي خريداري، اسڪولن جي عمارتن ۽ انھن جي ضرورتن(بجلي،صاف پاڻي،باٿ رومز) ٻارڙن جي سيڪيورٽي
ٻارڙن جي والدين جي غربت ۽ شاگردن جي مالي سھائتا لاءِ شفاف نظام جوڙڻ گھرجي.
(10) تعليم کاتي مان ڪرپشن تڏھن ختم ٿيندي جڏھن ان ۾ سخت ميرٽ ھوندي ۽ ھر طرح جي سياسي مداخلت بند ٿيندي.
ڪھڙي بہ وقت جي حڪومت ھوندي جيڪڏھن تعليم طرف توجہ نہ ڏني تہ سنڌ جي تعليم جلد مڪمل طور تباه ٿي ويندي.
سنڌ جي تعليم کي ايمرجنسي يا وزير تعليم جي سکڻين ڀڀڪين ۽ سکڻن اعلانن سان جيڪي عمل ٿيڻ کان پھرين دم توڙي وڃن يا سوين ارب روپين جي بجيٽ جيڪا رليز ٿيڻ وقت واٽ تي ھضم ٿي وڃي.تعليم کي رڳو ڏوڪڙن ۽ اعلانن سان نٿو بچائي سگھجي.انتھائي جذبو، محنت. جفاڪشي ،فرض شناسي ۽ ھر ماڻھو پنھنجي ذميداري سمجھي تہ پوءِ تعليم کي بچائي سگھجي ٿو.اڪيلو رڳو حڪومت ۽ استادن يا انتظاميه تي بار اڇلڻ نہ گھرجي.اسان کي بہ بطور شھري ۽ والدين پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.
جيستائين اسين تعليم مان بنيادي خرابيون ختم نہ ڪنداسين تيستائين اسان جا تعليمي ادارا ڪاپي پاس ڊگرين ۽ سرٽيفڪيٽن واري فوج تہ پيدا ڪندا رھندا پر اھل ۽ قابل نوجوانن جو ڏڪار رھندو.جيڪو ڪنھن قوم جي مستقبل لاءِ خطرناڪ آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو