سنڌ جو ڪيس پنڊي ۾، اميد ته عدالت انصاف ڪندي، بلاول

سنڌ جو ڪيس پنڊي ۾، اميد ته عدالت انصاف ڪندي، بلاول

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي گرفتار والد ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرادري سان پمز ۾ ملاقات ڪئي. جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سندس طبيعت خراب پر حوصلو بلند آهي. هن چيو ته اسان سڀني جو قائد آصف علي زرداري ڪڏهن نه جهڪيو آهي ۽ نه وڪيو آهي. مريم نواز جي ضمانت بعد انهن سڀني جوابدارن کي ضمانت ملڻ گهرجي جن کي سزا ناهي ملي. هن چيو ته سنڌ جو ڪيس راولپنڊي م هلڻ خلاف اسين سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي، اميد ته ماضي ۾ ڪيل غلطين ۽ ڪوتاهين سبب جيڪو نقصان ٿيو، هاڻي انصاف ٿيندو. هن چيو ته ٻڌو آهي ته آمر کي سليڪٽيڊ حڪومت بچائي رهي آهي پر توقع آهي ته ان خلاف فيصلو ٿيندو  ۽ اميد ته ان سان جمهوريت مضبوط ٿيندي. ان کان اڳ هن بلاول ڀٽو مولانا فضل رحمان پاران اڱاري تي گهرايل ڪل جماعتي ڪانفرنس ۾ شرڪت جو اعلان ڪيو هو.  اي پي سي ۾ مريم نواز شريڪ نه ٿيندي ۽ اسفند يار ولي بيماري سبب شريڪ نه ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو