سنڌ اندر تاريخ جي خطرناڪ ٻوڏ جون تباھ ڪاريون، ذميوارن جون ادا ڪيل ذميواريون

سنڌ اندر تاريخ جي خطرناڪ ٻوڏ جون تباھ ڪاريون، ذميوارن جون ادا ڪيل ذميواريون

مجيد نواز مغل
سنڌ جي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي پنج وڏيون ٻوڏيون آيون آهن پر سال 73_76 _ 2010ع جي ٻوڏن بعد ھلندڙ سال 2022 ع جي موجودھ دور جي آيل ٻوڏ ڪافي خطرناڪ ۽ سڀ کان وڌيڪ جاني ۽ مالي طور تمان گھڻو نقصان ڪندڙ آھي ـ ان بابت گڏ ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ جي ٽن ڪروڙن کان مٿي آبادي سخت متاثر ٿي آھي ـ جڏھن ته پنجاھ لکن کان وڌيڪ گھر لکين ايڪڙ فصل ڍور ڍڳا ۽ ماڻھن جو قيمتي سامان پاڻيء ۾ لڙھي ويو ـ سڀ کان وڌيڪ ڏک واري ڳالھ اھا جو چار ھزار کان وڌيڪ ماڻھو لاش بڻجي لڙھي ويا ـ ھن وقت به ٽي لک ماڻھو لا پتا آھن ـ ان سلسلي ۾ سرڪاري انگن اکرن ۾ ڪافي تضاد موجود آھن جن کي خانگي خابرو ادارا قبول نتا ڪن ـ انھن تباھ ڪارين سبب ساڍا 2 لک ڳوٺ تباھ برباد ٿي چڪا آھن ـ سکر بئراج جي درن ۾ انھيء دوران 40 نامعلوم لاشون سکر بئراج درن مان ڪڍيون ويون ـ ھڪ اندازي مطابق اڍائي ڪروڙ ماڻھو بي گھر آھن ۽ ماڻھن جو وڏو انگ بيروزگار ٿي ويو آھي . ڪتيريون فصلون جنھن ۾ سبزيون ميوھ ڪپھ وغيرھ تباھ برباد ٿي چڪا آھن ـ گذريل اٽڪل 25 ڏينھن کان ريلوي سرشتو معطل ڪيل آھي ـ مک روڊ پاڻيء جي ڪري بند پيا آھن ڪراچي کان پيشوار پنجاب ۽ سنڌ جي اترين علائقن سان رابطو ڪجھ ڏينھن مڪمل طور معطل رھيو پر بعد ۾ ڪوششون وٺي رستا کولرايا ويا ـ ھاڻي به ڪراچيء کان سکر تائين 6 ـ 7 ڪلاڪن بجاء ٻارنھن کان پنڌرانھن ڪلاڪ لڳي وڃن پيا ـ ماڻھن جا ڪاروبار بند آھن ـ بک بدحاليء ڪارڻ غربت ۾ ڪافي واڌارو ٿيو آھي ـ گڏيل صومن جي سيڪريٽريء کي پڻ متاثر جاين جو معائنو ۽ دورو ڪرايو ويو ـ ھن واپس وڃي چڳي امداد جو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي پر اڳ جيان اھا روڪ امداد ۽ امداد سامان ھڙپ ٿي ويندو ـ سچائي ۽ ايمانداري سان ڪم ڪرڻ جو سبق واسطيدار ڪامورن کي مليو ئي ناھي ـ مٿان سرڪار جا صلاحڪار چونڊيل عيوضي ۽ وزير پڻ پنھنجا پنھنجا حصا پتي ڪندا ـ
سنڌ جيڪا پوري ملڪ کي پاليندي آھي ، جيڪا قدرتي وسيلن سان مالامال خطو پڻ آهي اڄ ان ڌرتيءَ جا ماڻھو ھڪ ويلي جي مانيء لاء سخت پريشان آهن ، پيئڻ جو پاڻي جيڪو تمام گندو صحت لاء ھاڃيڪار ۽ خراب آھي ، جنھن سان ڪيتريون ئي موذي بيماريون فھلجي ويون آهن انھن ۾ معصوم ٻار وڏي انگ ۾ مبتلا ٿي ويا آھن ـ صحت جي اڻ پوري سھولتن جي ڪري ٻوڏ سثيلن جو ھڪ وڏو انگ موت جو شڪار ٿئي پيو ـ وبائي بيمارين خلاف علاج ۽ صحت جون ضروري سھولتون سرڪاري اسپتالن ۾ ناھن ـ سنڌ جي شھرن جي سرڪاري اسپتالن ۾ وڏي انگ ۾ مريض علاج خاطر اچن پيا پر ان جي ابتڙ کين دلاسا ڏئي واپس موڪليو وڃي ٿو ـ دوائن جي اڻاٺ جو بھانو ڪري مريضن کي خانگي ميڊيڪل اسٽورن تان دوايون خريد ڪرڻ جا مشورا ڏنا وڃن پيا ـ مٿان ڪميونيڪيشن جي ٽٽل رابطن ۽ ٽرانسورٽ بند ھجڻ ڪري اسٽور وارن دوائون مھانگيون ڪري بليڪ تي وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آھن ـ ڏينگي مدي جو بخار دست پيچيش مليريا ڪنڌ ٽوڙ بخار ۽ مڇرن سبب ٿيندڙ مختلف مرض وڏي تيزيء سان ڦھلجي چڪا آھن خاص ڪري گھرن کان پري ڪئمپن ۾ پناھ وٺندڙ ماڻھو سخت بيمار ٿي پيا آھن ـ
سرڪاري لکت موجب راشن جي مد ۾ ھر ضلعي جي ڊي سيء کي پنجاھ ڪروڙ تائين مليو آهي پر اھو راشن ڪنھن بہ متاثر کي ناھي ڏنو ويو ـ اھو راشن متاثرين وٽ نظر ئي نٿو اچي ـ سنڌ جا سڀ چونڊيل نمائندا ، سو سيڪڙو متاثرين وٽ نظر نه آيا آھن ۽ راشن جون ٽراليون ٽرڪون چڳن مڙسن وزيرن پيرن وڏيرن ۽ بيروڪريٽس جي گھرن ڏانھن موڪليون ويون آھن ڪافي گدامن تي اوچتا ڇاپا لڳأي ناجائز گڏ ڪيل ٽينٽ ۽ کاڌي جو سامان ھٿيڪو ڪيو ويو آھي جيڪو عام مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ لاء لڪائي رکيو ويو ھو ـ ان ۾ سرڪاري ڪامورا ۽ عملدار برابر جا ملوث آھن ـ سنڌ حڪومت جا سرڪاري ٽينٽ اڪثر دڪاندار کپائي رھيا آھن ھڪ ٽينٽ جي رقم ڏھ کان ويھ ھزار روپيا ۽ عوام بلڪل کليل آسمان ھيٺ سخت تڪليفن ۾ گذاري رھيا آھن. ڏسجي ته اھو سمورو ڏوھ اسان عوام جو پنھنجو آھي جو ھر دفعي ساڳئي ئي بااثر شخصيت کي ووٽ ڏيندا آھيون ، جنھن ڪري اسان جي قسمت ۾ ڪا به تبديل نه ٿي اچي . جيڪڏهن اسين پنھنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪيون ته اسان کي اھڙا ڏينھن نه ڏسڻا پوندا ـ
سنڌ جي مختلف علائقن کي سياسي ماڻھن جي چوڻ تي مختلف واھن کي ڪٽ ڏئي ھٿرادو ٻوڏ ٺاھي ٻوڙيو ويو ۽ جنھن جي ڪري ھر شھر ۽ ھر ڳوٺ ۾ پنج کان ست فوٽ پاڻي بيٺل آھي ھن وقت تائين پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لاء رياست خاموش تماشائيء وارو ڪردار ادا ڪري پئي ـ ڇو ته پوري سنڌ ۾ پاڻيء جي نيڪال جو نظام درست ناھي . سنڌ جي سڀني شھرن خاص ڪري وڏن وڏن شھرن ۾ ڊرينج سسٽم چوڪ ۽ـڪافي پراڻو ھجڻ ڪري ڊرينج جو پاڻي روڊن ۽ رستن تي بيٺل نظر اچي پيو ـ اھڙن المين سبب سموري قوم ۾ سوڳ ڇانيل آھي .سنڌ جي ڪنھن بہ علائقي ۾ ڪا به ايمبولينس توڙي رسيڪيو ٽيم نه پھچي سگھي ، ٻڏي فوت ٿيل ماڻھن جا لاش دفنائڻ لاء ماڻھون پريشان ھر طرف پاڻي ۽ پاڻي آھي ، ھر طرف کان صرف ۽ صرف لاش لڙھندا پيا ـ سنڌ جي متاثر ٻھراڙيءَ جي ڪنھن بہ ماڻھو کي راشن نه ڏنو ويو آهي نه ئي ڪا سروي ڪئي وئي آھي ته ڪيترن ماڻھن کي راشن گھرجي ، ڪيترا ماڻھو بي گھر ٿيل آھن .

پهنجو تبصرو موڪليو