لنڊن(ويب ڊيسڪ)دنيا جي سڀ کان وڏي سرچ انجڻ ۽ انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل انساني زندگي کي آسان بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي ۽ هاڻي ان ئي ڪمپني اهڙا اوزار تيار ڪيا آهن جيڪي بيمارين جي اسڪريننگ کي ممڪن بڻائي سگهندا. گوگل ”گوگل هيلٿ“ نالي هڪ پراجيڪٽ متعارف ڪرايو آهي، جنهن تحت ڪو به صارف پنهنجي سمارٽ فون مان بيمارين ۽ طبي مسئلن جي جلد تشخيص ڪري سگهي ٿو. گوگل موجب ڪمپني سمارٽ موبائيل جي مدد سان بيمارين جي تشخيص لاءِ پائلٽ پروگرام هلائي رهي آهي، جنهن تحت هن وقت تائين هڪ لک ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي.پروگرام تحت گوگل سمارٽ فون تحت روزانو 350 ماڻهن جي اسڪريننگ ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ دل، اکين، جگر، ڦڦڙن ۽ ٻين بيمارين جي اسڪريننگ شامل آهي.










