ليکڪ طفيل مگسي
ڪارل مارڪس چئي ٿو ته هر مادي شيء فزڪس جي قانون جي مطابق چرپر ڪري ٿي ۽ چرپر جي ڪيمسٽري اها آھي ته ماٺو وجود يا شيء جي اندر به سڪون واري حالت ناهي هوندي.انهيء قانون جي تحت سماج سدائين چٽي شڪل ۾ ارتقا جو ظھور ڪندو رهي ٿو.جيتوڻيڪ سماجي ارتقا جو سڌو سنئون تعلق معاشي ترقي سان هوندو آھي.جڏھن ڪنهن سماج ۾ طبقاتي ورهاست جي وڇوٽي وڌي وڃي ٿي ته بيقراري واري ڪيفيت پيدا ٿي وڃي ٿي.بيقراري جيڪڏھن وحشت بڻجي وڃي ته خوني انقلاب ممڪن سمجهيو وڃي ٿو.پر جيڪڏھن انهيء بيقراري جي شدت گهٽ ھجي ته هڪ وڏي ليڪن پرامن تبديلي جو اثر اڻٽر ٿي وڃي ٿو. ليڪن سمجهڻ واري شيء اھا آھي ته معاشي اڻبرابري ڪنهن به سماج يا معاشري جي لاء ڌٻڻ آھي.جيڪا ڪنهن به وقت شدت جي جهٽڪي سان ختم ٿي سگهي ٿي؛ صرف معاشي ترقي نه بلڪ معاشي برابري ڪنهن سماج جي اخلاقي ۽ تهذيبي چهري جي عڪاسي هوندي آھي.جڏھن مديني جي رياست ۽ بعد ۾ ڪنهن حد تان شھنشاهيت به معاشي طور تي مضبوط ٿئي ٿي ته اتي قرآني اخلاقيات پاڻھي نافذ ٿي وڃن ٿيون.۽ ڪنهن کي ڪو فرق نٿو پوي.
علي عباس لکي ٿو ته ان دور ۾ اوڀر جا شاگرد جيڪي تعليم جي لاء ايندا هئا يا واپاري ماڻھو اسلام عليڪم خاص طور تي سکي ڪري واپس ورندا هئا ۽ اھائي ساڳئي گِريٽنگ اڄ جي گڊ مارننگ جيان ان دور ۾ ڪنهن شخص جي عالم فاضل هئڻ جي نشاني هوندي هئي ؛ جڏھن عربن دولت کي طبقن ۾ ورهايو ته خرابيون پيدا ٿيڻ شروع ٿيون.جيڪي اڄ تائين ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿيون وٺن.
معاشي ترقي سان سماج جا سڀئي نارمز ۽ اخلاقيات تبديل ٿي وڃن ٿا.ڪالھ تائين جيڪا ڳالھ غور سان سمجهي ويندي هئي اها اڄ ھڪ ٺٺول ۽ مذاق کان گهٽ نٿي لڳي ؛ مثال طور پراڻي دور ۾ تعليم يافتا ماڻھو نالي سان گڏ ڊگري جو به واڌارو ڪندا هئا. هن وقت به ڪٿي ڪٿي ائين ٿيئي پيو.جيئن محمدعلي ايم اي يا شڪور منشي وغيره.
ساڳئي ريت اوهان مادي تاريخ جي کوٽائي ڪندو يا جانچ ڪندو ته اوهان تي چرپر واري اخلاقيات جا پردا کلندا ويندا.
مينٿولوجي يا پراڻيون تحريرون انهن چرپر وارين اخلاقيات جي دلچسپ ڪهاڻي آھي.؛ پراڻي دور ۾ ڳئون جي ڇيڻي سان گهر جي ليپائي ڪئي ويندي هئي.جنهن جي متعلق سندن چوڻ ھو ته ان سان گهر پاڪ وصاف ٿي وڃي ٿو.جيتوڻيڪ انهيء رسم يا وهم جي شڪل اڄ به ڪٿي نه ڪٿي زنده آھي.مگر معاشي ترقي جي سبب اڪثريت ۾ اھا ختم ٿي چڪي آھي.؛ جيئن جيئن معاشي ترقي ٿيئي ٿي تيئن تيئن سماج تيزي سان ارتقائي مرحلن کي طئي ڪندو وڃي ٿو.
سماجي ضرورت جي تحت قانون ٺاھيا وڃن ٿا.جيڪي مقدس تحريري شڪل اختيار ڪري وٺن ٿا.؛ ان عمل کي مادي تاريخ جي ڦيٿي سان ڀيٽا ڏني وڃي ٿي.جيڪو ڦرندو اڳتي ڏانهن وڌي ٿو ؛
مارڪس پرولتاري انقلاب جي اڳڪٿي ڪندي چئي ٿو ته جيئن جيئن امير امير ترين ٿي وڃن ٿا بورجوزاي استحصال جي گڏيل تجربي جي بنياد تي هڪ حقيقي طبقاتي شعور يا گڏيل سچائي جو احساس پيدا ٿيئي ٿو.اهوئي ئي احساس جيڪو شعور ۾ پوئجي ڪري طبقاتي جدوجهد کي تيز ڪري ڇڏي ٿو.جنهن جي نتيجي ۾ نوان علاقي ضابطا چٽا ٿين ٿا.ڪيترن سو سالن گذرڻ جي باوجود اهي ئي اخلاقي ضابطا جڏھن ڏند ڪٿا يا مِٿ بڻجي ڪري ارتقا جي رستي ۾ ڀت بنجڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته سماج انهن کي رد ڪري نوان قانون ۽ اخلاقيات ترتيب ڏيئي ٿو.










