سلام بينظير

سلام بينظير

عبدالمجيدبروھي
شھيد راڻي جي 18 ھين ورسي جي حوالي سان پوري پاڪستان ۾ جيالا جوش ۽ جذبي سان تياريون ڪري رھيا آھن سنڌ جي ھر ننڍي شھر توڙي ڳوٺن ۾ شھيد راڻي جي تصويرن سان ٺھيل پينافليڪس لڳايا ويا آھن شھرن کي پارٽي جي جھنڊن سان سينگاريو ويو آھي ان کان علاوا ڪشمير ۽ گلگلت بلتستان ڪي پي ۽ پنجاب خاص ڪري لاھور ۽ جنوبي پنجاب ۾ پارٽي جا جيالا پنھنجي ڀيڻ جي ورسي جي لاء تياري مڪمل ڪري چڪا آھن ڪي پي ڪي ڪشمير ۽ پنجاب مان خصوصي ٽرينون تيار ڪيون ويون آھن جن ريل گاڏين جي تمام بوگين کي پارٽي جي جھنڊن ۽ پينافليڪس سان سينگاريو ويو آھي پارٽي ھن سال جوش جذبي سان شھيد راڻي جي 18 ھين ورسي ملھائڻ وڃي پئي ھوڏانھن پ پ پ جي ذيلي ونگ سپاف ڄامشورو ۽ حيدرآباد جا جيالا گذريل سال جيان ھن سال بـ پنھنجي ڀيڻ کي سرخ سلام پيش ڪرڻ جي لاء پيادل مارچ ڪري رھيا آھن جيڪي ھميشا جيان لعل شھباز قلندر جي مزار تي حاضري ڀري ان بعد پنھنجي سفر عشق بينظير جي شروعات ڪري چڪا آھن اھي نوجوان جن جي عمر 20 کان 25 سالن جي وچ ۾ آھي اھي پنھنجي ڀيڻ کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاء سوين ڪلوميٽرن پيدل سفر ڪري پنھنجي عظيم ڀيڻ شھيد راڻي جي مزار تي پھچي کيس رت جا ڳوڙھا ڳاڙھي ڀيٽا پيش ڪري جوش ۽ جذبي سان زندا ھي بي بي زندا ھي جا پرجوش نعرا ھڻي اکين مان ڳوڙھا وھائي اھو وچن ڪندا آھن اي امڙ تون اسان لاء اسان جي حقن لاء شاگردن جي حقن لاء ملڪ جي ترقي لاء جمھوريت لاء ۽ ملڪ دشمنن خلاف جنگ وڙھي انھن کي للڪاري ملڪ لاء جان جو نذرانو ڏنو اسان وچن ٿا ڪريون جيسيتائين ساھ آھي اسان تنھنجي پارٽي ۽ تنھنجي جگر جي ٽڪڙي بلاول ڀٽو بينظير جو ساٿ مرڻ گھڙيء تائين ڏيندا رھنداسين سپاف جا اھي جيالا جن ۾ فياض جمالي فھيم زرداري رضوان ڏاھاڻي ۽ سندن ٻيا ڪمانڊو دوست گذريل سال بـ پيرين پنڌ شھيد راڻي جي ورسي ۾ شرڪت لاء نڪتا ھيا جڏنھن اھي سڀ نصيرآباد شھر پھتا ھيا تـ اتي پ پ پ جي جيالن سپاف جي سابقا اڳواڻن عمرعزيزڇٽو عبدالمجيد بروھي ارشاد بروھي عرفان زھري پاران سندن شاندار استقبال ڪيو ھيو ان وقت انھن جيالن جا پير ڦاٽل ھيا سندن پيرن ۾ لڦون پئجي ويون ھيون پر ان باوجود انھن جا حوصلا بلند ھيا جڏنھن اھي جيالا نصيرآباد کان ٻئين ڏينھن صبح جو نڪتا تـ انھن سان گڏ سپاف جا اڳواڻ عمر عزيزڇٽو عبدالمجيدبروھي ميرمظھر سومرو ۽ عرفان بروھي پڻ ڪجھ ڪلوميٽر وڪا موريء تائين پيادل مارچ ۾ شريڪ ٿيا ھيا ان بعد وڪا موري پھچڻ تي پ پ پ يوسي چئوديرو جي جنرل سيڪريٽري برڪت وڪو پاران پنھنجي ڳوٺاڻن سان گڏجي سندن جيئي ڀٽو ۽ زندا ھي بي بي زندا ھي جي نعرن جي گونج ۾ استقبال ڪيو ھيو ان کين چانھ پياري پوء الوداع ڪيو ھن سال ڪمانڊوز سان گڏ ھڪ اھڙو نوجوان پڻ ھن پيادل مارچ ۾ شريڪ ٿيو آھي جيڪو جيالا گھراڻي سان تعلق رکي ٿو سندس والد صاحب جنھن سڄي ڄمار پارٽي سان وفا ڪيو اء ڳالھ ڪريان پيو اڳوڻي سينيٽر ۽ اڳوڻي انفارميشن سيڪريٽري پ پ پ سنڌ ۽ ھاڻوڪو صدر پ پ پ حيدرآباد ڊويزن محترم عاجز ڌامراھ جي جيڪو پاڻ ڪيترائي ڀيرا شھيد راڻي جي ورسين ۾ شرڪت ڪرڻ سميت ڀٽو شھيد جي ورسيء ۾ شرڪت لاء پيادل مارچ ڪري چڪو آھي عاجز ڌامراھ جڏنھن يوٿ سنڌ جو صدر ھيو ۽ پ پ پ سنڌ جو انفارميشن سيڪريٽري ھجڻ باوجود ھو ھميشا ورڪرن سان گڏ ويھي انھن جا مسئلا حل ڪرائيندو ھيو اڄ ان جو فرزند بازل عاجز ڌامراھ سياسي ميدان ۾ قدم رکي چڪو آھي چيڪو پنھنجي والد وانگر پارٽي سان سچائي ساٿ نڀائڻ لاء ۽ پارٽي سان عھد وفا ڪرڻ لاء بنا ڪنھن لالچ ۽ لوڀ جي بنا ڪنھن پارٽي جي عھدي جي ھو سپاف جي ورڪر جي حيثيت سان پنھنجي پارٽي جي اڳواڻن سان گڏجي پنھنجي عظيم قائد شھيد راڻي جي ورسيء ۾ شريڪ ٿيڻ لاء پيرين پنڌ نڪتو آھي انھن نوجوانن جي ھر ھنڌ حوصلائي افزائي ٿيڻ گھرجي کين سلام پيش ڪرڻ گھرجي پر ڪجھ اھڙا ماڻھون آھي جيڪي حاسدي آھن جيڪي پاڻ تـ ڪجھ بـ نٿا ڪن پر جيڪڏنھن ھي نوجوان پنھنجي ڀيڻ جي ورسيء ۾ شرڪت لاء پبھنجي والد وانگر سچائي سان ساٿ ڏيڻ لاء سويـن ڪلوميٽر پيدل ھلي شھيدن جي سرزمين طرف وڃي رھيو آھي تـ ان خلاف بلاجواز تنقيد ڇو ۽ ڇا لاء ڪري رھيا آھن بازل عاجز ڌامراھ چاھي ھا تـ ھو پنھنجي والد صاحب صدر پ پ پ حيدرآباد ڊويزن عاجز ڌامراھ ۽ پنھنجي جيجل امڙ حنا دستگير جي سفارش سان پارٽي ۾ اھم عھدو پڻ حاصل ڪري سگھي پيو پر ان سياست ۾ سفارش کي رد ڪندي پنھنجي محنت سان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي ھڪ ايم پي اي ۽ ھڪ اڳوڻي سينيٽر جو فرزند بازل ڌامراھ شھزادن وانگر زندگي گذاري آھي اڄ ھو پنھنجي پارٽي جي قائدين جي محبت ۾ ۽ انھن جي ڏنل قربانين جي ڪري انھن کي سرخ سلام پيش ڪرڻ پيدل مارچ ۾ شريڪ ٿيو آھي تـ ڪجھ ناڪام سياستدان جيڪي سندس والد جي مخالف آھن اھي پنھنجي مخالفت ۾ ايترا تـ ڪري پيا آھن جو ھو پاڻ کي پ پ پ جو سڏرائيندا تـ آھن پر ساڙ ۽ حسد ۾ انڌا بڻجي شھيد راڻي جي ورسي ۾ شرڪت لاء پنڌ ويندڙ نوجوانن مٿان تنقيد پيا ڪن ان ۾ ڇا آھي جيڪڏنھن انھن نوجوانن کي سوشل ميڊيا تي ڪوريج ڏني پئي وڃي منھنجي خيال ۾ اھو ڪم تـ ھر پارٽي ورڪر کي ڪرڻ گھرجي انھن تنقيد ڪندڙن کي مان اھو چوندس تـ اھي اچن نصيرآباد جڏنھن پيادل قافلو نصيرآباد پھچندو تـ کين انھن جيالن جا ڦٽيل پير کين ڏسڻ گھرجن پوء شايد ڪجھ شرمسار ٿين بحرحال ھي جيالا آھن جن کي ھن وقت اسان سلام پيش ڪريون ٿا جيڪي پنھنجي پارٽي سان سچائي سان وفا ڪري رھيا آھن

پهنجو تبصرو موڪليو