مانجهند(رپورٽ مهراڻ عمراڻي) سڱاوتي تڪرار تان عيد رات کوسا برادي جي ٻن ڌرين جي هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ۾ مارجي ويل 2 نوجوانن جا ڌار ڌار ڪيس داخل گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي پوليس بي وس بڻيل، راڄوڻي لاءِ ڪوششون. ڳوٺ مير محمد کوسو ۾ عيد جي رات دير سان سڱاوتي تڪرار تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ ڌر جو 35 ورهين جو معشوق علي ولد عبدالڪريم ملهواڻي کوسو ۽ ٻي ڌر جو 32 ورهين جو ڳوٺ مير محمد کوسو جو رهواسي ڪرڪيٽر عبدالمجيد کوسو پٽ فريد عرف خالقڏنو ملهواڻي کوسو گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا جن مان هڪ زخمي معشوق کوسو کي پوليس تعلقه اسپتال مانجهند منتقل ڪيو جتي زخمن جا سور نه سهندي بر وقت فوت ٿي ويو جنهن جي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش مانجهند ۾ گهر پهچڻ تي عيد خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون ٻئي زخمي عبدالمجيد کوسو کي وارث لمس اسپتال ڄامشورو کڻائي ويا جتي 12 ڪلاڪن کان مسلسل رت نه بيهڻ سبب عيد ڏھاڙي تي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جنهن تي گهر ۾ خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون جنهن کي واپس تعلقه اسپتال مانجهند آڻي لاش جي پوسٽ مارٽم ڪرائي ڳوٺ مير محمد کوسو نيو ويو جتي لاش جي شاه اويس قرني قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي هوڏانهن مانجهند ٿاڻي تي فوتي معشوق کوسو جي سئوٽ سومر کوسو جي فرياد تي جوابدار خميسو خان کوسو دودو کوسو شير محمد کوسو الهبچايو کوسو ۽ مقتول عبدالمجيد کوسو تي ڪيس داخل ڪرايو ويو جڏُھن ت مقتول عبدالمجيد کوسو جي قتل جو ڪيس سندس عزيز شھمير خان کوسو جي فرياد تي پوليس اهلڪار قربان علي کوسو ربڏنو عرف ربنواز کوسو محمد خان کوسو شوڪت کوسو سومر کوسو تي داخل ڪرايو ويو هوڏانهن هڪ ڌر جي شھمير کوسو ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ت ڪيس ۾ نامزد جوابدارن ڳوٺ تي چڙھائي ڪري فائرنگ ڪئي جنهن سبب سندن نوجوان فوت ٿي ويو ٻي ڌر جي سومر کوسو موقف اختيار ڪيو ته ڳالهين لاء ڳوٺ پهتاسين ته جهيڙو ڪيو ويو واپس اچڻ تي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ معشوق کوسو فوت ٿي ويو پوليس موجب جلد گرفتاريون ڪيون وينديون جهيڙيندڙ ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ويجها عزيز پڻ آھن جڏھن ته ذريعن مان خبر پئي آھي ته برادري جي ماڻھن طرفان راڄوڻي طريقي سان ٺاهه جون ڪوششون پڻ ورتيون پيون وڃن جنهن سبب پوليس هڪ گرفتار جوابدار الهبچايو کوسو جي گرفتاري پڻ ظاهر نه ڪئي.










