سعودي عرب انٽرنيٽ اسپيڊ ۾ڪيترن ملڪن کان اڳتي اچي ويو

سعودي عرب انٽرنيٽ اسپيڊ ۾ڪيترن ملڪن کان اڳتي اچي ويو

رياض(ويب ڊيسڪ)سعودي عرب ۾ 2025ع دوران موبائل انٽرنيٽ ڊائون لوڊ ڪرڻ جي رفتار 216 ميگابٽ في سيڪنڊ تائين پهچي وئي، جيڪا گذريل سال 203 ميگابٽ في سيڪنڊ هئي. ان سان سعودي عرب جي 20 ملڪن جي ٽاپ پنجن ملڪن ۾ شمار ٿيڻ لڳو آهي. اها ڄاڻ سعودي ڪميونيڪيشن، خلائي ۽ ٽيڪنالاجي ڪميشن (CST) پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڏني وئي آهي.
سعودي انٽرنيٽ رپورٽ جي پنجين ايڊيشن موجب، اها بهتري ملڪ جي ڊجيٽل انفراسٽرڪچر ۾ مسلسل ترقي جو نتيجو آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي رسائي 99.6 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.
رپورٽ موجب، 61.3 سيڪڙو انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ روزانو گهٽ ۾ گهٽ ست ڪلاڪ آن لائن گذارين ٿا، جڏهن ته هر شخص جو سراسري ماهوار موبائل ڊيٽا استعمال 53 گيگا بائيٽ رهيو، جيڪو عالمي اوسط کان لڳ ڀڳ ٽي ڀيرا وڌيڪ آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 5G نيٽ ورڪ تي وچين ڊائون لوڊ رفتار 320 ميگابٽ في سيڪنڊ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ليٽنسي (Latency) صرف 24 ملي سيڪنڊ رهي.
ساڳئي وقت، فڪسڊ براڊبينڊ انٽرنيٽ جي وچين ڊائون لوڊ رفتار 120.4 ميگابٽ في سيڪنڊ مان وڌي 151 ميگابٽ في سيڪنڊ ٿي وئي، جڏهن ته اپ لوڊ رفتار 73 ميگابٽ في سيڪنڊ ۽ ليٽنسي 8 ملي سيڪنڊ رڪارڊ ڪئي وئي.
رپورٽ موجب، سعودي عرب ۾ انٽرنيٽ ڊيٽا ٽرئفڪ جو ڪل مقدار 6 ڪروڙ 90 لک ٽيرابائيٽ تائين پهتو، جنهن مان 56 سيڪڙو ڊيٽا ٽرئفڪ ملڪي ۽ 44 سيڪڙو بين الاقوامي هئي.
رپورٽ ۾ روزمرهه جي زندگي ۾ ڊجيٽل خدمتن جي وڌندڙ استعمال تي به روشني وڌي وئي آهي. مصنوعي ذهانت (AI) جا اوزار 45.2 سيڪڙو انٽرنيٽ استعمال ڪيا، جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ کان به وڌيڪ آهي، جڏهن ته ChatGPT هن شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ڪيل ايپليڪيشن رهي.
رپورٽ موجب، 96 سيڪڙو انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن سرڪاري آن لائن خدمتن (E-Services) مان فائدو ورتو، 85.9 سيڪڙو آن لائن بئنڪنگ استعمال ڪئي، جڏهن ته 76.9 سيڪڙو ماڻهن آن لائن خريداري ڪئي.
آن لائن خريداري ۾ ڪپڙا ۽ جوتا سڀ کان وڌيڪ مشهور رهيا، جيڪي مجموعي خريداري جو 87.7 سيڪڙو هئا.
سوشل ميڊيا پليٽ فارمن ۾ واٽس ايپ 92.7 سيڪڙو استعمال سان پهرين نمبر تي رهي، جڏهن ته سنيپ چيٽ 83.6 سيڪڙو ۽ ٽڪ ٽاڪ 77 سيڪڙو استعمال سان ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي رهيا.
رپورٽ ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته مشهور آن لائن راندين ۾ سراسري ليٽنسي 89 سيڪڙو بهتر ٿي آهي، جنهن سان گيمنگ جو تجربو وڌيڪ تيز ۽ بهتر بڻيو آهي.
علائقائي سطح تي، رياض علائقي جو انٽرنيٽ ڊيٽا ٽرئفڪ ۾ سڀ کان وڏو حصو 30.6 سيڪڙو رهيو، جڏهن ته مڪوعلائقو 20.5 سيڪڙو ۽ مشرقي علائقو 16.8 سيڪڙو سان ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي رهيا.
رپورٽ موجب، IPv6 جي فعال استعمال ڪندڙن جو تناسب 67 سيڪڙو تائين پهچي ويو، جڏهن ته سعودي عرب جا لڳ ڀڳ 200 Autonomous System Numbers (ASNs) پڻ آن لائن رجسٽرڊ ڪيا ويا.
اهي نتيجا اهڙي وقت سامهون آيا آهن، جڏهن سعودي عرب تازو انٽرنيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن يونين (ITU) جي 2026 آءِ سي ٽي ڊولپمينٽ انڊيڪس ۾ 159 معيشتن مان پهرين نمبر تي اچي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو