سرينڊر فار جسٽس تحت 17 جوابدار هٿيار ڦٽا ڪري پوليس وٽ پيش

سرينڊر فار جسٽس تحت 17 جوابدار هٿيار ڦٽا ڪري پوليس وٽ پيش

ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) سرينڊرفارجسٽس تحت ڪيترن ئي سالن کان روپوشي واري زندگي گذارڻ کان بيزاري سبب جوابدارن پاران تيزي سان فائدو حاصل ڪرڻ وارو سلسلو جاري آھي. مختلف ڪيسن ۾ گھربل ۽ اشتھاري 17 جوابدارن ايس.ايس.پي ڪشمور سيد اسد رضا شاهه اڳيان ھٿيار ڦٽا ڪندي پاڻ کي قانون حوالي ڪندي قومي ڌاري ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اعلان ڪندڙن ۾ امجد علي ڀيو، نياز احمد، ديدارعلي، منظوراحمد، بشيراحمد، ماڪوڙوخان، شيردل، عبدالجبار، عبدالمجيد سبزوئي، ڌڻي بخش، علي دوست، ساجن، امداد، ارصلاح، نورخان، علي مراد ۽ الاھي بخش شامل آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو