ڪينڊي(ويب ڊيسڪ)پاليڪيلي اسٽيڊيم ۾ سريلنڪا ٽاس کٽي آسٽريليا کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. آسٽريليا 20 اوورن ۾181 رنز ٺاهيون. سريلنڪا 18 اوورن ۾ 184 رنسون ٺاهي آسٽريليا کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني. آسٽريليا جو سپر ايٽ ۾ پهچڻ مشڪل ٿي ويو آهي. سريلنڪا جي اوپنرن پاسم نسانڪا ۽ ڪسال پريرا اننگ جي شروعات ڪئي، پريرا 3 بال کيڏي هڪ رن ٺاهي مارڪس اسٽائنز جي بال تي ناٿن ايلس هٿان ڪيچ ٿي ويو. جنهن بعد نسانڪا ۽ ڪسال مينڊس زبردست اسٽروڪ کيڏندي پنهنجون ففٽيون مڪمل ڪيون. 105 جي مجموعي اسڪور تي سريلنڪا جي ٻئي وڪيٽ ان وقت ڪري جڏهن وڪٽ ڪيپر بيٽر مينڊس 38 بالن تي 51 رنسون ٺاهي مارڪس اسٽائنز جي بال تي ڪوپر ڪونولي هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد پون رٿنائڪي آيو جنهن ابتدائي بالن تي بيڪ ٽو بيڪ چوڪا هنيا. نسانڪا52 بالن تي سينچري مڪمل ڪري ناٽ آئوٽ رهيو، هن 5 ڇڪا ۽ 10 چوڪا هنيا. پون 15 بالن تي 28 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو.
ان کان اڳ آسٽريليا جي ٻنهي اوپنرز زبردست اسٽروڪ کيڏندي ففٽيون مڪمل ڪيون. نائين اوور ۾ٽريوس هيڊ 104 جي مجموعي اسڪور تي 3 ڇڪا ۽ 7 چوڪا هني 29 بالن تي 56 رنز ٺاهي همانٿا جي بال تي ڪمندو مينڊس هٿان ڪيچ ٿيو، ڪپتان مچل مارس کي به دشان همانٿا ايل بي ڊبليو ڪيو، هن بن ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي ميدد سان 27 بالن تي 54 رنز ٺاهيون.ڪيمرون گرين3، ۽ تم ڊيوڊ 6 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿيا. جوش انگلس 27، ميڪسويل 22 رنسون ٺاهيون باقي ٻيا پليئر سنگل ڊجٽ ۾ رهيا. دشان همانٿا3، دشمانٿا چميرا 2، مهيش ٿيڪشانا، دنٿ ويلالاگي ۽ ڪمندو مينڊس هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. سريلنڪا، آسٽريليا کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سپر ايٽ لاءِ ڪوليفاءِ ڪري ورتو.
پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهن ۾ واڌ
اسپين ۾ تيز رفتار ريل گاڏين جو ٽڪر، فوتين جو انگ 68 ٿي ويو
سنڌ ۾ ڪاروبار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سڌارن جو اعلان
پ پ جي سياست جو محور عوامي خدمت ۽ آئين جي بالادستي آهي
عوامي مسئلن جي حل لاءِ اثرائتي قدمن جي هدايت
معيشت ۽ گورننس ۾ مصنوعي ذهانت جي استعمال کي وڌائڻ جو حڪم
ڪي پي ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم
جھڏو،روڊ حادثا معمول،8 ڄڻا زخمي، 2 حيدرآباد ريفر
اسرائيل جي چونڊن ۾ ڪنهن کي به واضح اڪثريت نه ملي، اڳتي ڇا ٿيندو؟
9 مئي ڪيس: آفريدي سميت 5 ڄڻن جا وارنٽ جاري
ماحول دوست ڪاروبار لاءِ 12 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري جا منصوبا
روهڙي،گئس سلينڊرن سان ڀريل ٽرالر ۾ ڌماڪو، 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
ملڪ ڪنهن فوجي يا جنرل جو نه، پر سڀني جو آهي: مولانا
آمريڪا سان مقابلو، چين جو ٽيڪنالاجي برآمد تي پابندين لاءِ غور
لاڙڪاڻي کي صوبو بڻائي اسان کي حڪمراني جو خواب ڏيکاريو ويو
سنڌ ۾ منڪي پاڪس جو هڪ ٻيو ڪيس ظاهر
جسٽس محسن اختر ڪياني استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
بلوچستان ۾ ڪارروايون ڀارتي حمايت يافته 9 دهشتگرد مارجي ويا
پاڪ افغان سرحد تي ڇڪتاڻ، فورسز جو وار، طالبان جون پوسٽون تباهه
ٽنڊو باگو ۽ بڇيري ۾ روڊ حادثا 2 ڄڻا فوت، 10 زخمي










