لاهور (م ڊ) مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته پنجاب ۾ چونڊون ٿينديون ته وڏو وزير جيڪو به ٿيندو اهو بادشاهه رهندو. امير جماعت اسلامي سراج الحق ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين کي ٽيليفون ڪري عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي. ان موقعي تي سراج الحق چيو ته چوڌري شجاعت حسين کي موجوده سياسي صورتحال ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، چوڌري شجاعت واحد سياستدان آهي جنهن جي ڪردار کي داغدار ناهي ڪيو ويو، چوڌري شجاعت کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن ملڪ ۾ چونڊون هڪ ڏينهن تي ٿين. چوڌري شجاعت حسين چيو ته مان پاڻ چاهيان ٿو ته چئني صوبائي اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي ڏينهن تي ٿين، رڳو پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ سان جيڪو به وڏو وزير ٿيندو اهو بادشاهه رهندو، هو ٻين چونڊن ۾ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو، جيڪو ٿيندو. هن چيو ته پرويز الاهي سراج الحق جي سامهون پي ٽي آءِ جو موقف ڏيندو، جيڪو عمران خان اڳ ۾ ئي ڏئي چڪو آهي.










