شهدادڪوٽ (شاهد اعواڻ ) واپارين پاران آبادگارن ۽ هارين کان 100 مڻ تي 3 مڻ سارين جي ڪٽوتي خلاف آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي 9 نومبر ڇنڇر ڏينهن تي اناج منڊي کان ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي چوڪ بلاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي مختلف سياسي، سماجي، مذهبي ، واپاري تنظيمن جي اڳواڻن وهاب پندراڻي، عبدالخالق کوسو، مير غيبي خان مغيري، خالد عمر کوسو، ميڊم ناهيد کهاوڙ، عرس سيلرو، عبدالغني مجاهد، حبدار ميرجت، عبدالوحيد ڀٽي، منصور جروار، مجاهد اعواڻ، حيات تونيو، حاجي خان ڀٽو، وزير کوسو، غفار پندراڻي، سيد اڪبر شاه، رئيس غلام عباس سومرو، ڪجلو خان مغيري، جنيد جروار، غلام الله سيلرو، انيل ڪمار، ايوب کوسو، محسن قاضي، قاسم سومرو، امير مڱڻهار، حافظ عبدالرزاق مگسي، محمد عمر لغاري، حاڪم مستوئي، ذوالفقار سيلرو ۽ ٻين اي پي سي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي شهر جي منڊي اوپن منڊي آهي جتي واپاري اناج جي جنس ڏسي واڪ ڏئي ان جو ريٽ مقرر ڪندو آهي ته پوءِ ڪٽوتي ڇا جي لاءِ.

هنن جو چوڻ هو ته واپاري آبادگارن ۽ هارين سان ظلم ڪري ناجائز طريقي سان ڪٽوتي ڪري ڪروڙين روپيا لٽي پنهنجا بنگلا ٺاهي رهيا آهن. هنن چيو ته هاڻ اسين چور کي چور چئي ڀاڙي ڪيو آهي تنهن ڪري اچو ته سڀ آبادگار ۽ هاري گڏجي انهن سفيد پوش چورن جي رستا روڪ ڪيون.ڪٽوتي خلاف هلندڙ تحريڪ کي هڪ مهيني کان وڌيڪ ٽائيم ٿي ويو آهي پر ڪو به آفيسر نوٽيس وٺڻ لاء تيار نه آهي. هنن قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪن تان ڪامياب ٿيل ايم پي اي مير نادر مگسي ۽ ايم اين اي آفتاب شعبان ميراڻي سميت ٻين با اثر سياسي شخصيت کي اپيل ڪندي چيو ته اچو هن تحريڪ ۾ ساٿ ڏيو نه ته اوهان کي شهدادڪوٽ جو عوام ڪڏهن به معاف نه ڪندو ، هنن خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته هاڻ تحريڪ کي تيز ڪري روڊن تي نڪري آفيسرن جي آفيسن جي گهيراءُ ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي جيڪڏهن ڪٽوتي وارو مسئلو حل نه ڪيو ويو ته آفيسرن جي درن تي چوڙيون، روا ۽ سُرخيون ٽنگي 9 نومبر ڇنڇر ڏينهن سبزي منڊي ۾ قائم اناج منڊي کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽوموٽو چوڪ تي ڌرڻو هڻندي.










