اسلام آباد (بيورو رپورٽ )اسلام آباد جي عدالت ساره انعام قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار شاهنواز امير کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ ساره انعام قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ پوليس جسماني رمانڊ ختم ٿيڻ تي مرڪزي جوابدار شاهنواز عامر کي عدالت ۾ پيش ڪيو.پوليس جوابدارن جي جوڊيشل رمانڊ جي درخواست ڪئي، جنهن کي عدالت منظور ڪندي جوابدار کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.










