رونالڊو تي تنقيد، ميسي، ايمباپي، هالينڊ ۽ ڪين رونالڊو تي حاوي

رونالڊو تي تنقيد، ميسي، ايمباپي، هالينڊ ۽ ڪين رونالڊو تي حاوي

هڪ تاريخي ڏينهن تي، جيڪو هاڻي هڪ تاريخي ورلڊ ڪپ ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي، 41 ورهين جي ڪرسٽيانو رونالڊو ورلڊ ڪپ جي ميچ جي شروعات ڪندڙ سڀ کان وڏي عمر وارو آئوٽ فيلڊ رانديگر بڻجي ويو. البته، روگر ميلا اڃا تائين ورلڊ ڪپ ۾ کيڏندڙ سڀ کان وڏي عمر وارو آئوٽ فيلڊ رانديگر آهي، جيڪو 1994ع جي ورلڊ ڪپ ۾ 42 سالن جي عمر ۾ متبادل رانديگر طور ميدان ۾ آيو هو ۽ گول پڻ ڪيو هو.
رونالڊو پنهنجي پراڻي حريف ۽ ارجنٽينا جي ڪپتان ليونل ميسي سان گڏ اهي واحد رانديگر بڻجي ويا آهن، جن ڇهن ورلڊ ڪپن ۾ شرڪت ڪئي آهي.
24 ڪلاڪن کان به گهٽ وقت اڳ الجزائر خلاف فتح ۾ ميسي جي هيٽ ٽرڪ کيس رونالڊو جي پنج مختلف ورلڊ ڪپن ۾ گول ڪرڻ واري رڪارڊ جي برابر آڻي بيهاريو، ۽ هو ورلڊ ڪپ جي تاريخ جي گڏيل طور سڀ کان وڌيڪ گول ڪندڙ رانديگر به بڻجي ويو. ساڳئي وقت Kylian Mbappe، Erling Haaland ۽ Harry Kane ڪيليان ايمباپي، ارلنگ هالينڊ ۽ هيري ڪين جيڪي ترتيبوار فرانس، ناروي ۽ انگلينڊ لاءِ پنهنجين فتحن ۾ ٻه ٻه گول ڪيا، تنهنڪري هوسٽن ۾ پرتگال جي نمبر 7 رونالڊو تي سڀني جون نظرون هيون.
پر رونالڊو لاءِ هي شام مايوس ڪندڙ ثابت ٿي. پرتگال وٽ گهڻو وقت بال جو قبضو رهيو، پر هو منظم دفاع ڪندڙ ڪانگو کي شڪست ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو.
رونالڊو فطري ٽارگيٽ مين وانگر نظر نه آيو. هن صرف 25 ڀيرا بال کي ٽچ ڪيو، جيڪو پرتگال جي شروعاتي رانديگرن مان سڀ کان گهٽ هو، ۽ اهو ڪانگو جي فارورڊ يوئين ويسا کان به 10 ڀيرا گهٽ هو، جنهن برابري وارو گول ڪيو. مقابلي ۾، متبادل رانديگر رفائيل ليو صرف 72هين منٽ ۾ ميدان تي اچڻ باوجود 14 ڀيرا بال کي ٽچ ڪيو.
ورلڊ ڪپ جي 23 ميچن ۾ هي رونالڊو جو ٻيو سڀ کان گهٽ ٽچز وارو ميچ هو. هن جي 22 ٽچز مان 17 پوئين طرف هئا. منظم ڪانگولي دفاع خلاف رونالڊو لاءِ جڳهه ٺاهڻ ڏکيو رهيو. هن ٽي شاٽ هنيا، پر سڀئي نشاني کان ٻاهر ويا. هن ويجهي فاصلي تان ٻه سٺا موقعا به وڃايا، جيڪي شايد ٻئي هاف ۾ کٽائيندڙ گول ثابت ٿي سگهن ها. اها ئي فضول خرچي واري فارم هئي جيڪا هن 10 جون تي نائيجيريا خلاف وارم اپ ميچ ۾ به ڏيکاري هئي.
تنهن هوندي به رونالڊو اڃا تاريخ رقم ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن هو باقي گروپ ميچن ۾ ازبڪستان خلاف اڱاري تي يا ڪولمبيا خلاف ايندڙ ڇنڇر تي، يا پوءِ ناڪ آئوٽ مرحلن ۾ گول ڪري ٿو ته هو ڇهن مختلف ورلڊ ڪپن ۾ گول ڪندڙ پهريون رانديگر بڻجي سگهي ٿو.
جيڪڏهن هو ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ گول ڪري ٿو ته اهو سندس لاءِ پهريون ڀيرو هوندو، ڇاڪاڻ⁠تہ سندس ورلڊ ڪپ جا سڀ اٺ گول گروپ مرحلي ۾ آيا آهن. قطر 2022ع ۾ سوئٽزرلينڊ خلاف رائونڊ آف 16 جي ميچ ۾ کيس بينچ تي ويهاريو ويو هو، جيڪا 14 سالن ۾ ڪنهن وڏي ٽورنامينٽ ۾ سندس پهرين غير شروعاتي ميچ هئي، ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پرتگال اها ميچ 6-1 تان کٽي هئي.
رونالڊو 229 ميچن ۾ 143 گول ڪيا آهن، جيڪي مردن جي فٽبال جا عالمي رڪارڊ آهن. پر گذريل ورلڊ ڪپ ۾ سندس واحد گول گانا خلاف افتتاحي ميچ ۾ پينلٽي تان آيو هو. هو يورو 2024 ۾ به گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ هاڻي ڪنهن وڏي ٽورنامينٽ ۾ مسلسل 10 ميچون بغير گول جي گذاري چڪو آهي.
هن آخري ڀيرو ڪنهن وڏي ٽورنامينٽ ۾ اوپن پلي مان گول 36 سالن جي عمر ۾، يورو 2020 دوران جرمني خلاف ڪيو هو.
“رونالڊو کي تبديل ڪرڻ جو ڪو مطلب ناهي”
پرتگال جي ڪوچ رابرٽو مارٽينز ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ رونالڊو تي تنقيد نه ڪئي. هن چيو: “اسان کي ميدان تي موجود سڀني رانديگرن کي استعمال ڪرڻو آهي. مرڪزي فارورڊ (رونالڊو) کي ڇهه يارڊ واري علائقي جي ويجهو هجڻ گهرجي ۽ اسان کي بال هن تائين پهچائڻو پوندو.”
جڏهن کانئس پڇيو ويو ته غير اثرائتي ڪارڪردگي باوجود رونالڊو کي ڇو نه تبديل ڪيو ويو، ته هن جواب ڏنو: “اهڙي ميچ ۾، جتي توهان کي گولن جي ضرورت هجي، دنيا جي بهترين گول اسڪورر کي ٻاهر ڪڍڻ جو ڪو مطلب ناهي.
اهڙن لمحن ۾ باڪس اندر ڪرسٽيانو جو تجربو اهم هوندو آهي. هو دفاع ڪندڙن کي پنهنجي طرف ڇڪي ٿو، جيڪو اهم آهي، ۽ ان سان اسان کي جڳهه استعمال ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. ۽ جڏهن توهان گولن جي تلاش ۾ هجو ته توهان کي ڪرسٽيانو جي ضرورت هوندي آهي.”
“پرتگال سندس بغير وڌيڪ بهتر ٽيم آهي”
ٻئي هاف ۾ هڪ موقعي تي رونالڊو ڇهه يارڊ واري علائقي ڏانهن ڊوڙڻ بدران رخ بدلائي ڇڏيو ۽ پوءِ Francisco Conceicao جي ڪٽ بيڪ پاس تي پهتو، پر سندس شاٽ ويجهي پوسٽ کان ٻاهر نڪري وئي.
سندس پويان بيٺل برونو فرناڊس جنهن لاءِ لڳي رهيو هو ته پاس موڪليو ويو هو، مايوسيءَ ۾ پنهنجو مٿو هٿن ۾ جهلي بيٺو، جڏهن ته رونالڊو به ناراض نظر آيو.
آمريڪا ۾ فاڪس ٽي وي تي ڳالهائيندي فرانس جي اڳوڻي ورلڊ ڪپ فاتح ٿيري هينري چيو: “هڪ اهم ڳالهه اها آهي ته ٽيم کي گول ڪرڻو آهي، ضروري ناهي ته گول توهان ئي ڪريو.
پر ڇاڪاڻ⁠تہ رونالڊو پاڻ گول ڪرڻ چاهي ٿو، تنهنڪري هو فرنينڊس جي رستي ۾ اچي وڃي ٿو. جيڪڏهن هو ڇهه يارڊ واري علائقي ۾ وڃي ها ته محافظ کي به سندس پٺيان وڃڻو پوي ها ۽ پوءِ فرنينڊس لاءِ آسان گول جو موقعو پيدا ٿئي ها. پر ڇاڪاڻ⁠تہ هو پاڻ گول ڪرڻ چاهي ٿو، هو پاس جي رستي ۾ اچي وڃي ٿو، جنهن سان دفاع ڪرڻ وڌيڪ آسان ٿي وڃي ٿو.”
آسٽريليا جي ايس بي ايس اسپورٽس سان ڳالهائيندي گانا جي اڳوڻي مڊفيلڊرڪيون پرنس بوٽينگ چيو: “ڇا مان سچ ڳالهائي سگهان ٿو؟ جيڪڏهن رونالڊو واقعي ٽيم جو رانديگر هجي ها ته هو نوجوان رانديگرن لاءِ جاءِ ڇڏي ڏئي ها، ڇو ته پرتگال سندس بغير وڌيڪ بهتر ٽيم آهي.
جيڪڏهن پرتگال ٽورنامينٽ ۾ گهڻو اڳتي وڃڻ چاهي ٿو ته منهنجي خيال ۾ رونالڊو کي پوئتي هٽي ٻين کي کيڏڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي، ۽ پاڻ آخري 15 کان 20 منٽن لاءِ ميدان ۾ اچڻ گهرجي.”

پهنجو تبصرو موڪليو