نارو (ساجد علي سهتو) تعلقي جي مختلف شهرن ۽ علائقن چونڊڪو، ڪاٺوڙ، تجل شريف، وڇاڻي اسٽاپ ۽ ٻين مختلف علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو. ڪتا ڪيترن ئي ماڻهن ۽ چوپائي مال کي ڏاڙهي چڪا ايندڙ ويندڙ ماڻهو تمام گهڻو پريشان ڪيترن ئي اسڪولي ٻارڙن خوف مان اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو علائقي واسي هر وقت خوف ۾ ورتل لاڳاپيل انتظاميا ڪوئي تحرڪ نه ورتو. علائقي واسين طرفان ٽائون انتظاميا، مختيارڪار نارو ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان ڪتا مار مهم شروع ڪرائي کين خوف واري ڪيفيت ۽ عذاب مان ڪڍڻ جي اپيل ڪئي آهي.










