ٽنڊومحمد خان(ن سنڌ يار) فاران شوگر ملز انتظاميه پاران آباد گارن کي ڪروڙين روپين جون رھتون نه ملڻ خلاف حيدرآباد بدين روڊ تي سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر مير زبير ٽالپر، پير اشفاق سرھندي، خان محمد ڪمبوھ ۽ محمد نواز انصاري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مير زبير ٽالپر مختلف ضلعن کان آيل آبادگارن کي خطاب ڪندي چيو ته فاران شوگر ملز ۽ آبادگار شوگر ملز مالڪن ھٿ وٺي آبادگارن جا ڪروڙين روپيا روڪي نقصان ڏنو آھي، اسان آبادگارن کي فاران شوگر ملز پاران 2018 جي سيزن کان رھيل بقايا پئسا نه ملڻ ڪري اسان زميندارن پاران سينيئر سول ڪورٽ سڳوري ۾ ڪين ڪمشنر معرفت پٽيشن داخل ڪرائي آھي.ھن چيو ته اسان کي ھاڻ ڪمند جي بقايا پئسا ڪورٽ سڳوري ۾ جمع ڪرائڻ بعد ان جي معرفت وٺنداسين باقي شوگر ملز انتظاميا تي ھاڻ ڀروسو اسان کي نه آھي، ھن چيو ته ھٿ وٺي اسان کي نقصان ڏنو ويو آھي، اسان جي رھيل پئسن جون شڪايتون سنڌ حڪومت کي به ڏنيون سين پر سنڌ حڪومت ۽ فاران شوگر ملز انتظاميه جي گڏيل سازش تحت ڪروڙين روپين جو رھتون اسان کي نه ٿيون ڏنيون وڃن، جنھن خلاف اسان زميندار احتجاج جو حق رکون ٿا.مظاھري زميندار اڳواڻ پير اشفاق سرھندي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ۽ شوگر ملز اتظاميه ھميشه زميندارن جي ڪمند جا پئسا بند ڪري شازس تحت ھٿ وٺي آبادگارن کي نقصان طرف ڌڪيو پيو وڃي، ھنن چيو ڪمند جي فصل تي لکين روپين جو خرچ ٿئي ٿو، نه رڳو آبادگار پر پورھيت ھاري به اسان زميندارن سان نقصان ۾ برابر جا شريڪ آھن جڏن ته ڪمند جي فصل تي لکين روپيا خرچ ٿئي ٿو، ھن چيو ته اسان ڪين ڪمشنر سنڌ جي معرفت پٽيشن داخل ڪئي آھي شوگر ملز اتظايه خلاف ھاڻ آبادگار پنھنجي ڏنل ڪمند جا پئسا ڪورٺ سڳوري معرفت وٺنداسين, مظاھري کي زميندار اڳواڻ سيف الله، پير ثاقب سرھندي ۽ ٻين خطاب ڪيو.










