اسلام آباد: (بيورو) توهين عالت ڪيس ۾ اڳوڻي چيف جج گلگت بلتستان سپريم اپيليٽ ڪورٽ راڻا شميم پنهنجي ڏنل حلفي بيان تان ڦري ويو آهي. هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نئون معافي نامو جمع ڪرائي ڇڏيو.رپورٽ موجب راڻا شميم ان کان اڳ به هڪ معافي نامو جمع ڪرائي چڪو آهي جنهن کي عدالت تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. راڻا شميم نئين معافي ۾ حلفي بيان ۾ لکيل لفظ واپس وٺي ڇڏيا. راڻا شميم چيو ته مون اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي فون تي ڳالهيون ٻڌيون.ثاقب نثار هاءِ ڪورٽ جي جج کي نواز شريف ڪيس ۾ هدايتون ڏئي رهيو هو. راڻا شميم پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب جي متن موجب 10 نومبر 2021 جو منهنجو حلفي بيان صحيح نه آهي نه ئي وري ان جي ضرورت هئي.حلفي بيان ۾ جج جو نالو مس انڊر اسٽينڊنگ جي ڪري شامل ٿيو. معزز جج جو نالو غلطي سان حلفي بيان ۾ ذڪر ڪرڻ تي شرمنده آهيان ۽ معافي گهران ٿو اها غلطي نه ٿيڻ گهرجي ها، حلفي بيان جو مڪمل ڪنٽنٽ واپس وٺان ٿو. هن عدالت کان غير مشروط معافي گهرندي چيو ته پاڻ کي عدالتي رحم ڪرم تي ڇڏيان ٿو.










