ڪراچي: (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي گلوڪاره رابي پيرزاده پنهنجي خوبصورت آواز ۽ پنهنجي هنر ۽ پينٽنگ جو راز ٻڌايو ته منهنجي آواز ۽ آرٽ جو راز لسي آهي. لسي مون کي انرجي ڊرنڪ جيان لڳندو آهي. هن وڌيڪ لکيو ته جڏهن به مان پينٽنگ ٺاهيندي آهيان ان کان اڳ لسي ضرور پيئندي آهيان. واضح رهي ته شوبز کان رستا ڌار ڪندڙ اڳوڻي گلوڪاره رابي پيرزاده ڪيلي گرافي ۽ پينٽنگ ڪندي آهي جنهن جون تصويرون اڪثر سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي رهندي آهي. هن جو چوڻ آهي ته پنهنجي هن هنر سان مان غريبن ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪندي آهيان. ياد رهي ته ان کان اڳ رابي پيرزاده ڪورونا جو علاج به ٻڌائي چڪي آهي. هن ڪورونا جو علاج روحاني طريقي سان ٻڌائيندي ماڻهن کي نماز پڙهڻ، قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ ۽ گناهن کي ڇڏي عبادت ڪرڻ جي تلقين ڪئي هئي.










