طفيل مگسي
اڄ جتي سرمائيدارڻي نظام جي غير يقيني واري بحران سڄي دنيا کي پنهنجي اٿل پٿل کان پريشان ڪري چڏيو آهي،اتي برصغير ڏکڻ ايشيا جا سماج بدترين بدحالي ۽ چڙواڳي جو شڪار ڏيک ڏين ٿا۔دنيا جي اٽڪل چوٿين حصي تائين آبادي واري هن علائقي ۾ اڌ کان سرسي غربت پلجي ٿي۔مغرب(۽ وچ اوڀر ۾ آڱر تي کڻڻ جيترن ملڪن) جي صورت ۾ انساني ۽ مهذب شڪل ۾ اچڻ واري سرمائيداراڻي نظام برصغير ڏکڻ ايشيا جي ٻه ارب ماڻهن جي لاء هڪ ڀيناڪ خواب کان ڱهٽ ناهي۔لينن جي لفظن ۾ اها هن علائقي جي انسانن جي لاء هڪ اهڙي خوفناڪي آهي،جنهن جي حد ۽ ڪا خاتمي واري پڄاڻي ڏيک نٿي ڏيئي۔1947 ۾ برطانوي سامراج کان نام نهاد آزادي حاصل ڪرڻ کانپوء هن علائقي جي ڪنهن هڪ ملڪ ۾ به ڪو ترقي يافته اسٽراٽريڪچر تعمير نٿي سگهيو آهي۔پاڪستان ته قائم ئي مذهب جي بنياد تي ٿيو هو۔جتي سڌي ريت يا اڻ سڌي ريت فوجي آمريتن جي هڪ تاريخ رهي آهي۔ليڪن ڪيترين ئي ڏهائين کان هندستان کي سڀ کان وڏي جهموريت ۽ سيڪيولر رياست جي طور تي ترقي پذير ملڪن جي لاء هڪ رول ماڊل جيان پيش ڪيو ويندو رهيو آهي اهو به اڄ هندو بنياد پرستن جي ٽولن جي ورچڙهيل حڪومتي نظام جي هٿ وس آهي۔ٻنهيء مذهبي ملڪن ۾ مذهبي جنوني گروهن جي هٿان اقليتن جي ماب لنجنگ جا واقعا هينئر معمول بڻجي چڪا آهن۔ 1971ء ۾ پاڪستان کان الڳ ٿيڻ وارو بنگلاديش هڪ اڌوگابري آمريت جي تسلط ۾ آهي۔نيپال ۽ ڀوٽان جهڙا پسمانده ۽ ننڍڙا ملڪ هندستان جي سيٽلائيٽ رياستن جي حيثيت رکن ٿا۔جيڪڏهن برصغير جي آس پاس جو جائزو وٺون ته افغانستان ۽ ايران سني ۽ شيعي ملائيت واري چنبي ۾ ڦاٿل آهن۔جڏهن ته برما ۾ هڪ خوني فوجي آمريت هر مخالف آواز کي چٿي رهي آهي،سريلنڪا ڏيوالو ٿي ڪري بدترين معاشي لحاظ کان پريشان ٿي چڪو آهي۔اها صورتحال هڪ ڀيرو وري چٽو ڪري ٿي ته پسمانده ۽ بحران ۾ ورتل معاشي بنيادن جي مٿان مضبوط ۽ صحتمند سماجي و سياسي اسٽريٽرڪچر تعمير نٿو ٿي سگهي۔نتيجن هن پرڱڻي ۾ سرمائيداري پنهنجو ڪو هڪ به تاريخي فرض ادا ڪرڻ کان لاچار رهي آهي۔هر هنڌ سياست ۽ رياست ۾ مذهب جي ڳوڙهي مداخلت موجود آهي۔جاگيرداري جي معاشي ۽ ثقافتي بقايات جو خاتمو ناهي ٿي سگهيو۔ڪو اهڙو ٺوس ۽ مادي ۽ سماجي انفراسٽرڪچر تعمير نه ٿيو،جنهن تي ڪشادي صنعتڪاري ٿي سگهي ها۔جتي طبقاتي استحصال پنهنجي شدت سان جاري آهي۔اتي قومي ڏاڍ به بلوچستان کان ڪشمير ۽ آسام کان ناڱالينڊ تائين جاري آهي۔پرڳڻي ۾ ڳچ قومي تحريڪون موجود آهن ،جيڪي چٽو ڪن ٿيون ته هتان جي ديرائتي سرمائيداري هڪ پاسي جديد ۽ گڏيل قوم جي جوڙجڪ ۾ ناڪام رهي آهي ته ٻيئي پاسي سمورين قومن کي گڏيل ۽ برابري واري ترقي ڏيڻ کان به لاچار رهي آهي۔جيتوڻيڪ هن پرڳڻي ۾ سرمائيداري جي انهيء دير واري پسماندگي جو هڪ عجيب نظارو ڏيک ڏيندي نظر اچي ٿو،جنهن ڏکڻ ايشيا جي معاشرن کي تاريخ جو ميوزم بڻائي رکي چڏيو آهي،جتي گذريل دور جي نظامن جون ٽيڪنيڪي،سماجي ۽ ثقافتي باقيات به نظر اچن ٿيون ۽ سرمائيداري جي جديد ترين حاصلات جو مشاهدو به ڪري سگهجي ٿو۔ان ڪيفيت،جنهن کي ٽراٽسڪي جي برابري ۽ گڏيل ترقي جي قانون جي بنا سمجهي نٿو سگهجي،کي نظر ۾ رکڻ بنا انهن سماجن جو درست تجزيو ڪري سگهجي ٿو نه ئي ڪو ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو۔ماضيء کان بنا ڪو مستقل ناهي هوندو،گذريل واقعن ۽ حالتن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ بنا اڳتي جي ڪا اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي۔جتيوڻيڪ برصغير ڏکڻ ايشيا ۾ جاري ان سموري صورتحال جو صدين تي هڪ تاريخي پسمنظر به آهي،جنهن ۾ اٽڪل ٻه سو سالن جي برطانوي بيٺڪيتي ڦرلٽ هڪ بنيادي عنصر جي طور تي شامل آهي۔جنهن ۾ انهن سامراجين ڏاڍ،استحصال،ڦرلٽ،رتوچاڻ ،ڏڪارن ۽ برصغير جي مذهبي ورهاڱي جي صورت ۾ انساني تاريخ جو ٻاٽ اونداهو پاسو ڏيک ڏيئي ٿو۔برصغير جي برطانوي سامراجي قبضي جي جاني و مالي قيمت جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي۔جواهرلال نهرو يونيورسٽي سان تعلق رکڻ واري معشيتدان اٿسا پٽنائيڪ جي هڪ تازي تحقيق جي مطابق 1965ء کان 1938ء تائين برطانوي سامراجين 45ٽريلن ڊالر جي ڦرلٽ ڪئي۔جڏهن ته 1757ء کان 1947ء تائين1.8ارب هندستاني ان قبضي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيڻ واري محرومي ۽ کوٽ جي سبب کان ماريا ويا۔برطانوي سامراجين جي هٿان ٿيڻ واري قتل عام جو انگ انهيء کان الڳ آهي۔لکين ماڻهن کي صرف 1857ء جي آزادي واري جنگ ۾ حصي وٺڻ جي پاداش ۾ قتل ڪيو ويو۔جن ۾ ڪيترن کي ته توپن جي اڳيان بيهاري ڪري قتل ڪيو ويو هو۔ساڳئي ريت جليانولا باغ واري قتل عام جو داستان ٻڌي ڪري اڄ به لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا۔نهايت محتاط اندازن جي مطابق ڏھ لک فرد صرف 1947ء جي ورهاگي وارن فسادن ۾ مارجي ويا،جڏهن ته ٻن ڪروڙن کان وڌيڪ هجرت ۾ دربدر ٿي ويا۔ايشيا جي ٻين بيٺڪيتي پرڳڻن،افريقا ۽لاطيني امريڪا جي تاريخ به يقين ان کان مختلف نه ٿيندي،يورپي سرمائيداري ۽ ان جي امريڪا،ڪينيڊا ۽ آسٽريليا وغيره جهڙن شاخن(آف شوٽس)جي سموري ترقي ۽ ڌنڏلي چمڪ جي پٺيان انساني ذلت ۽ استحصال جي اها اونداهي تاريخ ڪارفرما آهي،جنهن کي وڏي مڪاري ۽ چالاڪي سان اڄ لڪايو وڃي ٿو۔ليڪن ان کي آشڪار ڪرڻ بنا انهن سماجي بدحالي ۽ بربادي جو ڪو سائنسي طريقا ڪار واضع نٿو ڪري سگهجي۔برصغير دنيا جي پراڻي ۽ ترقي يافته تهذيبن جو مرڪز رهيو آهي۔اٽڪل پنج هزار سال اڳ سنڌو دريا جي تهذيب هڙاپا۔ موهنجو دڙو ۽ راکي ڳڙهي وغيره ۾ پنهنجي وقت جا جديد ترين ۽ منصوبابند شهر آباد ڪيا۔(انهن کان پراڻن شهرن جون باقيات مهر ڳڙھ( بلوچستان ) کان مليون آهن۔جن ۾ پڪين سرن سان گهر تعير ڪيا ويندا هئا ۽ پاڻي جي نيڪال وارو بندوبست هن پرڳڻي جي ايڪويهين صدي جي ڪيترن ئي شهرن کان به بهتر هو۔ان جي باري ۾ سگهارو خيال آهي ته اهي هڪ ريت جا غير طبقاتي سماج هئا جن ۾ وڏا محل ۽ ڏاڍ جا اوزار نٿا ملن۔پوء واري وقت ۾ هتي بيشمار بادشاهيتن جي سلسلي ۾ نظر اچن ٿا۔ليڪن پنهنجن دريائن خاص آبهوا ۽ ڪشادي سرسبز زمين جي بدولت هتي زراعت۔اناج ۽ خوراڪ جي سدائين جهجهائپ رهي۔نتيجن استحصالي بادشاهتن ۾ به هتي بلند درجي جي تهذيب وڌي جنهن ۾ سائنس فلسفي تعميرات ۽ آرٽ ۾ ترقيون ٿيون۔مثلا صفر جو( ٻڙي جو انگ) پهريون ڀيرو هندستاني رياضي دان ۽ فلڪيات جي ماهر براهماگيتا 662 ۾ واقف ڪرايو هو۔پنهنجي بي پناه دولت خوشحالي ۽ جهجهائپ جي سبب کان ئي هي پرڳڻو سدائين ٻاهرين حملي آورن جي نشاني تي به رهيو۔ليڪن اهي حملي آور اڪثر ڪري گهٽ درجي وارن تهذيبن سان لاڳاپيل هئا۔ان ڪري هن پرڳڻي تي پنهنجن سمورن ثقافتي و مذهبي اثرن جي باوجود مقامي تهذيب ۾ گڏبا ويا ۽ هتان جا ئي ٿي ڪري رهجي ويا۔مغل جيڪي بنيادي طور تي وچ ايشيائي مسلمان هئا۔به انهن حملي آورن ۾ شامل هئا۔جن هن 1526ء ۾ هتي پنهنجي سلطبت جو بنياد رکيو۔۔جيڪا 1690ء ۾ پنهنجي عروج تي 40 لک ڪلوميٽرن کان وڌيڪ حصي تي پکڙيل هئي۔جنهن ۾ اٽڪل پندرهن ڪروڙ انسان رهنداهئا۔اورنگزيب جي دور ۾ افغانستان جي وڏي حصي سميت موجوده پاڪستان۔هندستان ۽ بنگلاديش جا اٽڪل سمورا علائقا ان سلطنت ۾ شامل هئا۔2700ء ۾ عالمي جي ڊي پي ۾ مغل انڊيا جو حصو24سيڪڙو هو ۽ اهو دنيا جي خوشحال ترين پرڳڻن منجهان هڪ هو۔مغل دور ۾ سموري ڏاڍ و استحصال جي باوجود جي ڊي پي ۾ تيزي سان واڌ ٿي ۽ هنن ڊگهن رستن۔هڪ ڪرنسي ۽ مرڪزي حڪومت جي وسيلي وڏي حد تائين هن پرڳڻي کي گڏڪيو۔ ان دور ۾ فنون و لطيفا کي به هڪ جوت ملي ۽ مغل طرز تعمير جنهن جو هڪ مثال تاج محل آهي۔اڄ به انسان کي هرڪائي وجهي ٿي۔بورزوا تاريخدانن ۾ ملڻ واري عمومي تاثر جنهن کي وري اسٽالنسٽن به مرحلي واريت جو سبب ڏيڻ جي لاء استعمال ڪيو۔جي ان دور ۾ جاگيرداري نظام نه هو۔بلڪ مارڪس ان کي ايشيائي مطلق العنانيت يا ايشيائي طرز پيداوار جو نالو ڏنو هو۔جنهن ۾ زمين جي نجي ملڪيت موجود نه هئي۔سموري زمين رياست جي ملڪيت هئي ۽ شاهي بيورو ڪريسي جي حوالي سنڀال ۽ انتظام جي مقصد سان ڪئي ويند هئي۔
هن پرڳڻي ۾ جاگيرداري پهريون ڀيرو انگريزن1773ء جي مسقل آبادڪاري جي قانون( permanent settlement act)جي وسيلي مڙهي هئي۔ائين اها پيوند ڪيل جاگيرادري يورپ جي ڪلاسيڪي جاگيرداري کان نهايت مختلف ۽ سرمائيداري سان رليل مليل هئي۔جنهن جي وسيلي هتي سامراج هڪ حڪمران طبقي کي زور وٺرايو۔صدين کانپوء به بدلائي نه سگهيو۔ٽراٽسڪي جي لفظن ۾ اها هڪ قسم جي ”ڪيمراڊور بورزوازي“ آهي۔جنهن جو تاريخي ڪرادر سامراجي ڦرلٽ ۾ ڪميشن خوري جو ئي رهيو آهي۔انگريز جيڪي پهريون ڀيرو واپار جي مقصد سان هتي آيا۔اهي پهريان حملي آور هئا جيڪي هندستان جي ڀيٽ ۾ بلند ٽيڪنڪ ۽ سماجي نظام سان لاڳاپيل هئا۔چو ته ان وقت تائين يورپ ۾ سرمائيداري پنهنجيون پاڙون کوڙي چڪي هئي۔جيتوڻيڪ اهي هتان جي تهذيب ۾ گڏ نه ٿي سگهيا بلڪ هن پرڳڻي جي تاريخ جو وهڪرو ئي موڙي چڏيائون۔ 1957ءجي پلاسي جنگ ۾ برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فتح هتي انگريزن جي قبضي ۾ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي۔جنهن کانپوء مغل سلطنت جو زوال تيز ٿي ويو ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني هڪ کانپوء ٻيئي صوبي تي قبضو ڪندي وئي۔ڪمپني جي ان قبضي ۽ قتل و غارتگري جي خلاف پهرين وڏي بغاوت 1857۾ ٿي۔جنهن جي شروعات ڪمپني جي پنهنجي فوج جي مقامي سپاهين ڪئي۔فوج کان نڪري ڪري اها بغاوت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙچ ۾ پکڙجي ڪري آزادي واري جنگ جي شڪل اختيار ڪري وئي۔ليڪن ڪنهن بهتر تنظيم جي غيرموجودگي ۽ ٻين هر قسم جي داخلي ڪمزورين جي سبب کان ان کي ستت ئي خوني ۽ وحشي انداز ۾ چٿيو ويو۔جنهن کانپوء نالي ماتر مغل سلطنت سان گڏوگڏ انڊيا ڪمپني جو اقتدار به پنهنجي انجام کي رسيو ۽ هندستان کي سڌو سنئون برطانوي سلطنت ۾ ضم ڪيو ويو۔ان دور ۾ هندستان جي باري ۾ ”نيويارڪ ٽريبيون“۾ مارڪس جا مضمون نهايت اهم آهن۔جن ۾ هي نڪتو اجاگر ڪيو ته تاريخ جي بي انصافي جو اوزار ظالم پاڻ اختيار ڪندو آهي ۽ برطانوي سامراج هتي پنهنجي ڦرلٽ جي لاء ريل جي جيڪا پٽڙي وچائي رهيو آهي۔اها هندستان کي گڏ ڪري انهيء جي خلاف هڪ ملڪ گير بغاوت کي جنم ڏيندي۔1857ء ۾ برصغير تي باقاعده قبضي کانپوء برطانوي سامراج جتي هڪ مقامي پٺو بورزوازي’ بورزو سياست ۽ بيٺڪيتي رياست کي وڌايو اتي مذهبي ورهاست تعصب ۽ نفرت کي به پنهنجي حڪمراني جو اهم اوزار بڻايو۔ 1871ء جي آدم شماري ۾ مذهب جو خانو شامل ڪري برطانوي راڄ پهريون ڀيرو علائقي ۾ هندن ۽ مسلمانن کي ٻن الڳ الڳ گروپن جي طور تي هڪ ٻيئي کان ممتاز ڪيو۔1885ء ۾ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس ۽ 1906ء ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو قيام به ان سلسلي جون ڪڙيون هيون۔جن ماڻهن کي اڄ برصغير جي رياستن ۾ تحريڪ آزداي جا وڏا اڳواڻ ۽ قومي قائد جي طور تي پيش ڪيو وڃي ٿو۔انهن ۾ ڪافي انهيء پيوند ڪيل بورزوازي جا مختلف سياسي نمائندا هئا۔جيڪا هتي برطانوي راڄ جي اهم ٿنڀو هئي۔ائين خطي ۾ مزدورن ۽ هارين جي مزاحمتي ۽ انقلابي سياست جي وچ ۾ هڪ ڪنٽرولڊ ”مھذب“بورزوا سياست وڌئاي وئي ۽ انهيء کي نهايت چالاڪي سان محنت ڪشن جي سياست تي مڙهيو ويو۔ان حوالي کان برصغير جي تحريڪ آزادي طبقاتي بنيادن تي سدائين ورهايل رهي۔جنهن ۾ هڪ پاسي اهڙا انقلابي لاڙا هئا جيڪي قومي آزادي جي تحريڪ کي طبقاتي آزادي ۽ نجات جي چوٽيء ڏانهن وٺي وڃي ڪري سموري سامراجي نظام جو خاتمو ٿي چاهيائون۔ان ۾ ڀڳت سنگھ جي هندستان سوشلسٽ ريپبلڪين ايسوسيئن جهڙا لاڙا سرفهرست ڏيک ڏين ٿا۔ٻيئي پاسي مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جهڙيون سياسي پارٽيون هيون جيڪي هر مرحلي تي سامراجي مفادن جي لاء هر وقت تيار هيون ۽ انگريزن جي وڃڻ کانپوء به هتي سامراجي نظام جي پوئواري ڪنديون رهيون۔پيوند ڪيل بورزوازي جنهن کي (Tamed Bourgeoisie) جو نالو به ڏنو ويو آهي۔ اهو هڪ الميو آهي ته سڄي دنيا ۾ نه صرف لبرل بلڪ مارڪسي ڌرين جي اندر به سامراج جي گانڌي جهڙن زهريلن پٺوئن جي باري ۾ غلط فهميون ڏٺيون وڃن ٿيون ۽ انهن کي ترقي پسند سڏيو وڃي ٿو۔انهيء ريت نهايت گهٽ ماڻهو واقف آهن ته برصغير جي ورهاست جي ذميواري قائداعظم کان وڌيڪ نهرو جهڙي ظاهر ۾ ترقي پسند ۽ سيڪيولر ڪردارن تي ختم ٿيئي ٿي۔ٽراٽسڪيء1939ء ۾”هندستاني محنت ڪشن جي نالي کليل خط“۾ هندستاني بورزواي جي باري ۾ لکيو هو:”هندستاني بورزوازي ڪنهن انقلابي جدوجهد جي قيادت کان لاچار آهي۔اهي برطانوي سامراج سان گڏيل آهن ۽ ان تي دارومدار رکن ٿا۔اهي پنهنجي ملڪيت جي خوف کان ٿڙڪي ٿڙڪي ڏڪن ٿا۔اهي عوام کان خوفزده آهن۔اهي هر قيمت تي برطانوي سامراج سان ٺاھ چاهين ٿا ۽ هندستاني عوام کي مٿان کان گيت ٻڌائي ڪري سمهارڻ چاهين ٿا۔ان بورزوازي جو اڳواڻ ۽ پيغمبر گانڌي آهي جيڪو هڪ نقلي ۽ ڪوڙو پيغمبر آهي!“ برصغیر ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو قيام”ڪامنٽرن“ جا تحت 1925۾ عمل ۾ آيو ۽ برطانوي سامراج جي سموري ڏاڍ ۽ داخلي نظرياتي ۽ سياسي ڪمزورين جي باوجود پارٽيء مزدور تحريڪ ۽ تحريڪ آزادي ۾ ڪافي اثر و رسوخ حاصل ڪيو۔ليڪن هتي ڪميونسٽ پارٽي جي پنهنجي زوال پذيري وري سوويت يونين جي اسٽالنسٽ زوال پذيري سان ڳنڍيل آهي۔جنهن ۾ پارٽي هڪ پاسي الٽر ليفٽ روين ۾ ته ٻئي پاسي قومي بورزوازي سان تيزي ڏانهن وڌندي وئي۔ليڪن ان جي باوجود به 1920ء ۽ 30 جي ڏهائي جي اهم مزدور ۽ هاري تحريڪن ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي مداخلت ۽ قيادت جي ڳوڙهي چاپ ڏيک ڏيئي ٿي۔باوجود ان جي سوويت اقتدار تي اسٽالنسٽ بيوروڪريسي جي مضبوط ٿيڻ کانپوء دنيا جي ٻين ڪميونسٽ پارٽين جيان ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا به وڌ کان وڌ اسٽالنسٽ بيوروڪريسي جي اوزار جي صورت اختيار ڪندي وئي۔اهو عمل پنهنجن انتهائن تي ان وقت پهتو جڏهن 1941ء ۾ جرمني جي سوويت تي حملي کانپوء سڄي دنيا جيان انڊيا ۾ به ڪميونسٽ پارٽي کي حڪم ڏنو ويو ته اها برطانيه جو ساٿ ڏيئي۔ان کان هڪ ڏينهن اڳ تائين پارٽي سڄي هندستان ۾ ڀرپور جنگ مخالف پروپيگنڊه ڪري رهي هئي۔ان قسم جي روش پارٽي جي ساک کي گهڻوم تاثر ڪيو ۽ پارٽي هڪ انقلابي لاء عمل ڏيڻ واري صلاحيت کان محروم ٿي وئي۔انهيء دوران 1946ء۾ جنگ جي خاتمي تي هڪ انقلابي تحريڪ جي اڀار سڄي منظرنامي کي تبديل ڪري چڏيو۔اها بغاوت 18فيبروري 1946ء تي رائل انڊين نيوي جي جهازن کان شروع ٿي۔هڙتالي ڪميٽي جي قيادت ڪرڻ وارو هڪ جهازي مسلمان ۽جڏهن ته ٻيو سک هو۔اها ڄاڻي واڻي طور تي برطانوي سامراجين ۽ ان جي گماشته قومي بورزوازي جي طرف کان عوام ۾ اڀارڻ واري مذهبي ورهاست ۽ تعصب کي رد ڪرڻ جي ڪاوش هئي۔ اها بغاوت ڏسندي ڏسندي نه صرف بحريا بلڪ برطانوي فوجين جي ڪيترين ئي شاخن تائين پکڙجي وئي۔بمبئي جي ڪناري تي بيٺل رائل انڊين نيوي جي جهازن تي لڳل برطانوي راڄ جا جهنڊا لاهي ڪري ڦاڙيا ويا ۽ ڳاڙهن جهنڊن سميت انهن پارٽين جا جهنڊا هڻي چڏيا جيڪي آزادي واري جدوجهد ۾ سرگرم هيون۔مرڪزي هڙتالي ڪميٽيء هڪ پمفليٽ شايع ڪيو۔جيڪو انهن نعرن سان گڏ ختم ٿيندو هو۔ مزدورن۔سپاهين۔شاگردن ۽ هارين جي ٻڌي زنده باد! 21 فيبروري تي برطانوي فوج ان وقت جهازن تي فائر کولي چڏيو۔جڏهن اهي بمبيء قلعي جي بيريڪن کان ٻاهر نڪري رهيا هئا۔ان پرامن بغاوت کي پرجوش بغاوت ۾ تبديل ڪري چڏيو۔سمورو ڏينهن جهازين ۽ برطانوي ايلٽ فورس جي وچ ۾ هٿياربند جهڙپون هلنديون رهيون۔ برطانوي ايلٽ فورس جهازين سان گڏجڻ وارن تي به حملو ڪيو۔ 22 ۽ 23 فيبروري تي برطانوي فوج جي وحشيت کان 259 جهازي ۽ مزدور شهيد ڪيا ويا۔ڪجه اکين ڏٺن شاهدن جي بقول 21 فيبروي تي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ سمورو برصغير سامراجي تسلط جي خلاف انقلابي جوش وجذبي سان هٿياربند ٿي ڪري سرگرم ٿي چڪو هو۔هڙتالي جهازين 21_20 عام هڙتال جي ڪال ڏني جنهن جو ناقابل يقين جواب آيو۔سموري ملڪ ۾ ٽيڪسٽائل فيڪٽرين ۔ملن۔ريلوي ۽ ٻين صنعتن کان ٽن لکن کان وڌيڪ مزدور ڪم چڏي ڪري ٻاهر نڪري آيا۔رستن ۽ گهٽين ۾ رڪاوٽون ييهاريون ويون ۽ نوجوانن ۽ مزودرن- پوليس ۽ فوج سان گڏ مورچابند ٿي ڪري ويڙهيون ڪيون۔ڪراچي ۾ هڙتالي جهازين منهوڙا ٻيٽ تي بيٺل جهازن تي قبضو ڪري چڏيو۔پوء انهن جهازين ڪراچي جي رستن تي جلوس ڪڍيا جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي۔ڪراچي جي فوجي ڪمانڊر انهن کي چٿڻ جي لاء بلوچ سپاهين کي موڪليو انهن به پنهنجن ڀائرن تي گولين هائڻ کان انڪار ڪري چڏيو۔برطانوي ڪمانڊرن ان کانپوء پنهنجن وفادار ۽ نهايت ئي بي رحم سمجهڻ وارن گورکا سپاهين کي بغاوت کي ڪچلڻ جي لاء موڪليو۔ليڪن ان وقت اهي ککا وکا رهجي ويا۔جڏهن گورکا سپاهين به هڙتالي سپاهين تي گولي هلائڻ کان انڪار ڪري چڏيو۔پوء برطانوي سپاهين کي آندو ويو۔جن هن ڱوليون هلائڻ شروع ڪري چڏيون ۽ جهازن تي موجود جهازين انتقامي قدم کنيا۔فائرنگ۔حملو ۽ جوابي حملا چئن ڪلاڪن تائين جاري رهيا۔چھ جهازي مارجي ويا۔ٽيهن کان مٿي زخمي ٿيا۔ٽريڊيونين ڪراچي ۾ هڙتال جو اعلان ڪري چڏيو ۽ سمورو شهر بند ٿي ويو۔35000کان وڌيڪ ماڻهن ۔جن ۾ هندو ۽ مسلمان سڀ شامل هئا۔عيدگاه ڏانهن مارچ ڪيو ۽ سموري ڏاڍ۔خوف۔گرفتاريون۔لاٺي چارج ۽ فائرنگ جي باوجود هڪ وڏي ريلي ڪڍي۔جنهن ۾ پنجاھ کان وڌيڪ مظاهرو ڪندڙ زخمي ٿيا۔ڪلڪتي م 120000کان وڌيڪ ماڻهو رستن تي نڪري آيا۔ٻن شهرن ۽ علائقن ۾ به ساڳئي قسم جا مظاهرا ٿيا۔اهي هڙتالون برطانوي راڄ جي لاء هڪ سڌو سنئون چيلينج هيون۔ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي اڳواڻن سامراجين سان گڏجي ڪري جهازين جي ڀرپور مذمت ڪئي ۽ انهن انهيء انقلابي صورتحال کي ختم ڪرڻ جي هرممڪن ڪوشش ڪئي۔ان سموري صورتحال ۾ ڪميونسٽ پارٽي به لاء عمل جي حوالي کان پريشاني ٿي ڪري ورهاست جو شڪار رهي۔هڪ پاسي پارٽي قيادت جهازين ۽ محنت ڪشن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هڙتالن ۽ مظاهرن ۾ شريڪ رهيا۔ٻيئي پاسي پارٽي جا اڳواڻ ان سموري جدجهد جي خلاف هئا۔سان گڏ قائم”يونائيٽيڊ فرنٽ“کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندي رهي۔ان صورتحال ۾ جهازين کي نيٺ سرينڊر ڪرڻو پيو۔ان موقعي تي هنن جيڪو پيغام جاري ڪيو۔اهو تاريخي حيثيت جي لائق آهي۔”اسان جي سرڪشي اسان جي ماڻهن جي زندگين ۾ هڪ اهم تاريخي واقعو هئي۔پهريون ڀيرو وردي ۽ بنا وردي واري مزدور جو رت هڪ ئي وهڪري ۾ گڏيل مقصد جي لاء وهيو۔اسان وردي وارا مزدور اها ڳالھ ڪڏهن نه وسارينداسين۔اسان اهو به ڄاڻون ٿا ته اوهان اسان جا ڀيڻ ڀائر به ان ڳالھ کي نه وساريندا۔اسان جا اچڻ وارا نسل ان کان سبق وٺي اسان جي اڻپوري ڪم کي پورو ڪندا يعني محنت ڪش طبقو ڪندو۔برصغير جي ان ملڪ گير بغاوت جا امڪان ان ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي ڪنفيوزن وارو ڪردار ۽ بدترين شڪست به شامل آهي۔ليڪن1946ء جي بغاوت ۽ انقلابي صورتحال جي اهميت جو اندازو ان وقت جي برطانوي وزيراعظم جي هن اعتراف کان به هڻي سگهجي ٿو ته جيڪو هن بعد ۾ 1956ء ۾ ڪيو۔ڪلڪتي جي چيف جسٽس پي وي چڪروتيء 30مارچ 1976ء ۾ لکيل ان خط جو ذڪر ڪيو آهي۔”جڏهن مان1956ع ۾ اولھ بنگال جي گورنر جون ذميورايون سنڀالي رهيو هوس ته لارڊ ڪليمنٽ ايٽلي جيڪو ٻي جنگ عظيم جي پوء وارن سالن ۾ برطناوي وزيراعظم هوس ۽ جنهن کي هندستان جي آزادي جو ذميوار مڃيو وڃي ٿو۔انڊيا آيو ۽ راڄ ڀون ڪلڪته ۾ ٻه ڏينهن ترسيو۔مون کانئس کان سڌو سوال پچيو:”گانڌي جي ڀندستان چڏي ڏيو تحريڪ 1947ء کان اڳ ئي پنهنجو موت پاڻ مري چڪي هئي ۽ائين ڪجه به نه هو جنهن جي سبب کان انگريزن کي هندستان چڏڻو پيو۔پوء هن ائين چو ڪيو?جواب ۾ ايٽلي ڪافي سبب ٻڌايا۔جن منجهان نهايت اهم ان“ين نيشنل آرمي ۽ سڀاش چندر بوس جون اهي سرگرميون هيون۔جن هن هندستان ۾ انگريزن جا بنياد ڌوڏي وڌا هئا ۽ رائل انڊين نيوي ۾ ٿيڻ واري بغاوت هئي۔جن انگريزن کي احساس ڏياريو ته هاڻي وڌيڪ هندستاني فوج تي ڀروسو نٿو رکي سگهجي۔جڏهن مون پچيومانس ته انگريزن جي هندستان چڏي وڃڻ جو فيصلو گانڌي جي 1942ء واري تحريڪ کان ڪنهن حد تائين متاثر هو ته ايٽلي وراڻيو ”نه هئڻ جي برابر!”. انهن واقعن۔کانپوء برطانوي سامراجين طئي ڪري چڏيو هو ته اهي هندستان کي چڏي ته ڏيندا،مگر ان کي ائين نه چڏيندا۔جيتوڻيڪ فيصلو ڪري ورتائين ته برطانوي راڄ پنهنجي پٺيان هندستان ئي چڏي ويندو۔ ان کي تقسيم ٿيڻو هو ۽ اهو طئي ٿي ويو ته برطانوي سامراج”ورهائي ڪري راڄ ڪيو“ جي پاليسي ،جنهن جي تحت هن هتي صديون پنهنجو تسلط قائم رکيو۔هتان کان ويندي به قائم رکندو۔برطانوي ليبر پارٽي جا ترقي پسند حصا ورهاڱي تي راضي نه هئا ۽ وڏي پيماني تي رتوچاڻ وارن امڪانن کان خوفزده هئا۔ليڪن چرچل ،جيڪو ان وقت اقتدار ۾ نه هو ،جي قيادت ۾ برطانوي سامراج جي وڌيڪ رجعتي ۽ قدامت پسند عنصرن نهرو جي وسيلي ورهاڱي کي يقيني بڻايو۔ان رتوچاڻ واري ورهاڱي جي نتيجي ۾ جيتري وڏي پيماني تي فساد،ريپ ۽ قتل عام جا واقعا ٿيا ۽ هزارين سال پراڻي تهذيب کي مذهبي بنيادن تي ڏاڍ جا ٻه ڳڀا ڪري چڏڻ جا جيڪي خطرناڪ سماجي،ثقافتي ۽ نفسياتي اثر هتان جي عوام تي مرتب ٿيا،انهن کان معاشرو اڄ تائين ٻاهر ناهي نڪري سگهيو۔اهو هڪ تاريخي صدمو هو جيڪو هن پرڳڻي جي نسلن جي ذهنن تي چٽجي ويو۔ورهاڱي جي انهن زخمن کان اڄ به رت سمي رهي آهي۔جنهن کي هندستان ۽ پاڪستان جا حڪمران ڪڏهن قومي و مذهبي شائونزم ڪڏهن جنگين جنگي جنون ۽ ڪڏهن مذهبي بنياد پرستي جي شڪل ۾ پيش ڪندا آيا آهن ۽ هتان جي خصي ٿيل لبرل ازم ۾ ايتري سگه ڪڏهن ناهي رهي ته ان مذهبي بنياد پرستي ۽ جنگي جنونيت پسندي جو رستو روڪي سگهي۔بلڪ حڪمرانن جا چمچا لبرل ڌڙا ڪيترين ئي صورتن ۾ پاڻ انهن زهريلي نعرن ۽ سياسي اوزان جو استعمال ڪن ٿا۔ سرمائيداراڻن بنيادن تي انهن ملڪن جي ”دوستي“”امن“۽”هڪجهڙائي“هڪ مڪروه دوکو آهي ۽ سدائين رهندو۔نه ئي اهي ملڪ کليل جنگ وڙهي سگهن ٿا۔اهڙا امڪان نه هئڻ جي براڀر آهن۔جنهن جا ڪيترائي سبب آهن ان ۾ سڀ کان اهم هڪ وڏي پيماني جي نيوڪليئر تباهي جو امڪان آهي۔جيڪو سامراج به ڪڏهن نه چاهيندو۔ليڪن مذهبي بنيادپرستي ۽ جنگي جنون هتي سرمائيداري کي قائم رکڻ جا بنيادي طريقا بڻجي چڪا آهن۔سرڪاري فڪر و ڏاهپ جنهن ورهاگي کي ”آزادي“ قرار ڏين ٿا،اها اصل ۾ اها اقتدار جي گورن حڪمرانن کان ڀورن حڪمرانن جي منتقلي هئي ۽ اها ڀوري اشرافيه انگريز سامراج جي پيوند ڪيل حڪمران طبقي تي مشتمل هئي۔ان ڪري اڄ تائين اهي ڀورا حڪمران معاشي و سياسي طورتي پنهنجن گورن آقائن جا پوئلڳ ۽ فرمانبردار رهيا آهن۔انهن بحرانن ۾ ورتل رياستن ۾ قومي سالميت هڪ مڪروه دوکو آهي ۽ دوکو ئي رهندي۔انگريزن جي هليئي وڃڻ جي باوجود انهن جو مڙهيل اقتصادي نظام هتي دستور موجب جاري آهي۔دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته حاڪمن جو رنگ يا مذهب بدلجي وڃڻ سان حاڪمن جو نه ڪردار بدلجي ٿو نه محڪومن جي تقدير بدلجي ٿي۔ان ڪري آزاديء کانپوء هن پرڳڻي ۾ طبقاتي و قومي استحصال نه صرف جاري رهيو بلڪ ڪيترن ئي حوالن کان شديد پڻ رهيو۔برصغير ڏکڻ ايشيا ۾ اڄ وڏي پيماني تي خوراڪ جي کوٽ، اعلاج جو نه هئڻ،اڻپڙهلين جو ريشو وڌيڪ ۽ بي گهري موجود آهي۔ٻوڏن ۽ ٻين قدرتي آفتن ۾ هتي اڻ ڳڻيون زندگيون موت جو کاڄ بڻجي وڃن ٿيون۔ ڪرپشن زندگي جو اٽوٽ حصو بڻجي وئي آهي،مذهبي جنوني بي لغام آهن۔رويا سخت ۽ اڍنگا آهن۔ٻارڙن ۽ عورتن جا ريپ ۽ قتل جهڙن دردناڪ ڏوهن عوام کي هڪ صدمي ۾ مبتلا ڪري چڏيو آهي۔انهن ملڪن جو شمار بجاء طور تي دنيا جي معاشرن ۾ ڪري سگهجي ٿو۔جتي غير يقيني ڪيفيتون ۽ صورتحالون هڪ معمول بڻجي چڪا آهن۔اهو ان نظام جي تحت ملڻ واري آزادي جي ساڍن ستن ڏهائين جي گڏ ٿيل حاصلات آهي۔اڄ هن پرڳڻي جي ملڪن کي جديد بنيادن تي کڙو ڪرڻ جي لاء جيتري وڏي پيماني تي وسيلن جي گهرج آهي۔جيڪي ان بدحال سرمائيداراڻي نظام ۾ ميسر نٿا ٿي سگهن۔ٻين لفظن ۾ غربت،بک،بيماري ۽ بيروزگاري کان آزادي ان نظام جي تحت ممڪن ناهي ۽ جيستائين اهي سماج قلت ۽ گهرج ۾ دکندا رهندا،ان نظام کي قائم رکڻ جي لاء سڌو سنئون يا اڻ سڌو ڏاڍ ۽ دهشت جي ضرورت موجود رهندي،اهڙي صورت ۾ صحتمند پارلياماني جهموريت جي موجودگيء جو سوال ئي پيدا نٿو ٿيئي۔تاريخ ثابت ڪري چڏيو آهي ته سرمائيداري هتي هڪ خوشحال ۽ ترقي يافته معاشري جي تعمير ۾ ناڪام رهي آهي۔ايستائين ته سرمائيداري جا تاريخي فرض به هٿي سوشلسٽ انقلاب جي وسيلي ئي ادا ڪري سگهجن ٿا ۽ هن پرڳڻي جو ديوهيڪل پرولتاريه هڪ انقلابي پارٽي جي قيادت ۾ اهو انقلاب برپا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو۔ليڪن۔انقلاب جتي تاريخ جا وهڪرا موڙي چڏين ٿا،اتي جغرافيائي به بدلائي چڏين ٿا۔هن پرڳڻي جي سوشلسٽ انقلاب کي جتي ٻيا فرض ادا ڪرڻا آهن،اتي سامراج جي نڪتل رتائين لڪيرن کي به مٽائڻو آهي۔سموري ڏکڻ ايشيا جي محنت ڪشن ۽ مظلومن کي طبقاتي بنيادن تي گڏ ڪرڻو آهي۔نه صرف پاڪستان ۽ هندستان بلڪ سموري برصغير ۽ ان جي افغانستان ۽ ايران جهڙن پاڙيسري ملڪن جو انقلاب خاص طور تي هڪ ٻيئي سان ڳنڍيل آهي۔مارڪسزم ئي اڄ اهي نظرياتي ۽ سياسي بنياد ميسر ڪري سگهي ٿو۔جن جي وسيلي هن پرڳڻي ۾ سوشلسٽ انقلاب جو طريقي ڪار ۽ لاء عمل طئي ڪري سگهجي ٿو بلڪ قومي ،مذهبي،لساني ورهاستن جي رجعت کي شڪست ڏئي ڪري ڏکڻ ايشيا جي سوشلسٽ فيڊريشن جو بنياد رکي سگهجي ٿو۔صرف انهيء ريت هتي هڪ خوشحال،پرامن ۽ انساني زندگي جو حقيقي خواب پورو ٿي سگهي ٿو۔










