دهشتگردي بند ڪرايو، وانا ۾ عوامي احتجاج

دهشتگردي بند ڪرايو، وانا ۾ عوامي احتجاج

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڏکڻ وزيرستان جي هيڊ ڪوارٽر وانا ۾ سوين ماڻهو آچر تي علائقي ۾ دهشتگردي جي تازي لهر خلاف روڊن تي نڪري آيا، سول انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته علائقي ۾ امن بحال ڪرڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون وڃن. وانا سياسي اتحاد (WSI) پاران ”امن مارچ“ جي عنوان سان وڏي جلسي جو انعقاد ڪيو ويو. ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن ڪارا جهنڊا کڻي وانا بازار کان مارچ ڪيو ۽ جاويد سلطان ڪئمپ وٽ جلسو ڪيو. مظاهري ۾ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ ٻين سياسي پارٽين جي ڪارڪنن به شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو