’دنيا ۾ زرعي خرچ وڌڻ ۽ پيداوار گهٽجڻ سبب خوراڪ مهانگي ٿيندي‘

’دنيا ۾ زرعي خرچ وڌڻ ۽ پيداوار گهٽجڻ سبب خوراڪ مهانگي ٿيندي‘

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت واري اداري (FAO) جي چيف معاشي ماهر خبردار ڪيو آهي ته ايران ۽ يوڪرين جي جنگين سان گڏ ايل نينو جي موسمي اثرن سبب دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر خوراڪ جي قيمتن ۾ وڏي واڌ جي ڪناري تي بيٺي آهي. هن چيو ته اهي عنصر گڏجي اهڙي صورتحال پيدا ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ زرعي پيداوار گهٽجندي ۽ لاڳت وڌندي.
سال 2022ع ۾ عالمي مهانگائي جي وڏي لهر جو هڪ اهم سبب خوراڪ جون وڌندڙ قيمتون هيون، پر هن سال هيل تائين خوراڪ جون قيمتون نسبتاً مستحڪم رهيون آهن ۽ ڪيترن هنڌن تي توانائي جي مهانگائي جي اثرن کي به ڪجهه حد تائين گهٽايو آهي.
پر ماهرن جو چوڻ آهي ته هي سڪون عارضي آهي، ڇاڪاڻ ته خام تيل جي وڌندڙ قيمتن، خليجي علائقي مان ڀاڻ جي فراهمي ۾ گهٽتائي، دنيا جي ڪجهه حصن ۾ ڊيزل جي کوٽ ۽ انتهائي موسمي حالتن سبب زرعي لاڳتون وڌي رهيون آهن، جن جا اثر ڪجهه دير سان صارفين تائين پهچندا.
سال جي آخر ۽ ايندڙ سال خوراڪ مهانگي ٿيڻ جو امڪان
ايف اي او جي چيف معاشي ماهر ميڪسيمو ٽوريرو رائٽرز سان ڳالهائيندي چيو: “منهنجي اميد آهي ته هاڻي بنيادي شين (ڪموڊٽيز) جون قيمتون وڌڻ شروع ٿينديون، ۽ هن سال جي آخر تائين خوراڪ جون قيمتون به وڌنديون، جڏهن ته ايندڙ سال يقيني طور تي وڌيڪ اضافو ٿيندو.”
هن چيو ته خام زرعي شين جي قيمتن ۾ واڌ جا اثر عام صارف تائين پهچڻ ۾ لڳ ڀڳ ٽن کان ڇهن مهينن جو وقت لڳندو آهي.
جيتوڻيڪ گذريل مهينن دوران ڪڻڪ، مڪئي ۽ چانور جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي، پر گهڻيون قيمتون اڃا تائين گذريل سٺن فصلن جي عڪاسي ڪن ٿيون، نه ڪي ايندڙ سال پيش ايندڙ امڪاني مشڪلاتن جي.
هرمز لنگهه زرعي شعبي لاءِ به اهم
ٽوريرو چيو ته: هرمز اهڙو مسئلو آهي، جيڪو زرعي پيداوار لاءِ گهربل تقريباً سڀني شين کي متاثر ڪري ٿو. هن وضاحت ڪئي ته: برينٽ خام تيل آبپاشي، پيڪنگ، پروسيسنگ ۽ ٽرانسپورٽ لاءِ ضروري آهي. جڏهن ته قدرتي گئس ڀاڻ تيار ڪرڻ لاءِ بنيادي خام مال طور استعمال ٿيندي آهي.
ٻئي طرف، يوڪرين طرفان روس جي تيل ۽ گئس جي انفراسٽرڪچر کي پهچايل نقصان سبب ڊيزل ۽ قدرتي گئس جي برآمد متاثر ٿي آهي، جيڪي خوراڪ جي پيداوار جا اهم وسيلا آهن.
سڄي دنيا جا هاري متاثر
ٽوريرو چيو ته زرعي شين جون قيمتون عالمي سطح تي طئي ٿين ٿيون، تنهنڪري انهن جو اثر هر ملڪ تي پوي ٿو، جيتوڻيڪ امير ملڪ پنهنجي هارين کي مالي مدد ڏئي ڪجهه حد تائين نقصان گهٽائي سگهن ٿا.
هن چيو: “توهان يورپ، آمريڪا، برازيل ۽ ايشيا ۾ به اها صورتحال ٻڌي رهيا آهيو. گهٽ منافعي سبب هاري فصل پوکڻ بابت فيصلا ڪرڻ ۾ دٻاءُ محسوس ڪري رهيا آهن.”
آمريڪي هارين کي به اربين ڊالرن جو نقصان
آمريڪن فارم بيورو فيڊريشن موجب، جيڪڏهن وفاقي حڪومت مالي مدد نه ڪئي ته آمريڪا ۾ نو اهم فصلن جا هاري 2027ع تائين تقريباً 32 ارب ڊالر جو نقصان کائي سگهن ٿا.
اداري جو چوڻ آهي ته في ايڪڙ حساب سان جائزو ورتل هر فصل 2027ع ۾ به خرچ پورو ڪرڻ واري سطح کان هيٺ رهندو.
ڪڻڪ ۽ مڪئي جي پوک گهٽجي وئي
ايران واري جنگ جي پهرين ٽن مهينن دوران دنيا ۾ ڪڻڪ ۽ مڪئي جي پوک گهٽجي وئي، جڏهن ته آمريڪا ۾ ڪجهه هارين سويا بين پوکڻ شروع ڪري ڏني، ڇاڪاڻ ته ان لاءِ ڀاڻ گهٽ گهربل هوندو آهي.
آسٽريليا ۾ به پيداوار گهٽجڻ جو امڪان
دنيا جي وڏن زرعي برآمد ڪندڙ ملڪن مان هڪ آسٽريليا تازو چيو آهي ته هن سال سياري جي فصلن جي پيداوار ۾ 21 سيڪڙو گهٽتائي جو امڪان آهي، جنهن جو هڪ وڏو سبب تيل ۽ ڀاڻ جي قيمتن ۾ نمايان اضافو ۽ ضروري زرعي وسيلن جي دستيابي بابت غير يقيني صورتحال آهي.
ايل نينو به خطرو وڌائي رهيو آهي
ماهرن جو چوڻ آهي ته هن سال ايل نينو جو موسمي رجحان خاص طور تي وڌيڪ طاقتور ٿي سگهي ٿو، جنهن سبب برساتن جو نظام وڏي پيماني تي تبديل ٿيڻ جو امڪان آهي. ان سان زرعي شين جون قيمتون وڌيڪ وڌي سگهن ٿيون ۽ دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو سخت غذائي کوٽ جو شڪار ٿي سگهن ٿا.
هوڏانهن ڀارت ۾ مون سون برساتون اڳ ئي دير سان شروع ٿيون آهن ۽ هن مهيني سراسري کان گهٽ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، جنهن سان چانورن جي پيداوار متاثر ٿي سگهي ٿي ۽ ان جا اثر عالمي خوراڪ جي قيمتن تي به پئجي سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو