بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ دنيا جي تيز ترين ريل گاڏي جو افتتاح چنگڊائو شهر ۾ ڪيو ويو. هي ريل گاڏي 600 ڪلوميٽر يعني 373 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪندي. ڪراچي کان لاهور تائين جو سفر هي ريل گاڏي ٻن ڪلاڪن کان به گهٽ وقت ۾ پهچي سگهي ٿي. دنيا ۾ جهاز 700 کان 800 ڪلوميٽر جي رفتار سان اڏامندا آهن. چين جي رياستي ريلوي ڪمپني، چائنا ريلوي رولنگ اسٽاڪ ڪارپوريشن تيار ڪئي آهي. چين ۾ 2017 کان وٺي مختلف علائقن ۾ بلٽ ٽرين سروس شروع آهي ۽ 1036 بلٽ ترين هلي رهيون آهن. جن جي سراسري اسپيڊ 350 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي.

چين ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏو ريلوي نيٽ ورڪ آهي جيڪو 37 هزار ڪلوميٽر تائين ڦهليل آهي. هي ريل گاڏي چقمق جي قوت سان پٽڙي مٿان هوا ۾ هلي ٿي، جنهن سبب شور به گهٽ ٿئي ٿو ۽ هن جي مرمت تي به ايترو خرچ نه ايندو. مقناطيسي قوت سبب هلندڙ هي ريل گاڏي پري کان ايئن نظر ايندي ڄڻ تَري رهي آهي. چين ۾ مقناطيسي ٽيڪنالوجي واري هي پهرين ٽرين آهي پر مختلف شهرن ۾ ٻيون اهريون ريل گاڏيون هلائڻ لاءِ ڪم هلي رهيو آهي. چين ۾ مقناطيسي ٽريڪ يعني ’ميگ ليو ٽريڪ‘ هن وقت شنگهائي جي پڊونگ ايئرپورٽ کان شهر جي لانگ يينگ روڊ اسٽيشن تائين موجود آهي ۽ 30 ڪلوميٽرن جو اهو فاصلو ساڍن ستن منٽن ۾ هي ريل گاڏي طئي ڪري ٿي. فاصلو گهٽ هئڻ سبب 430 ڪلوميٽر جي رفتار کان مٿي هي گاڏي نٿي هلي.










