دنيا جي سڀ کان قديم اخبار جي اشاعت بند ڪرڻ جو فيصلو

دنيا جي سڀ کان قديم اخبار جي اشاعت بند ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دنيا جي 320 سال پراڻي اخبار پهرين جولاءِ کان پهنجي اشاعت بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پهرين جولاءِ کان آسٽريا جي هي اخبار وائينر زيتونگ رڳو آن لائين يعني ويب سائيٽ طور هلندي. آسٽريا جي پارليامينٽ خرچ گهٽائڻ لاءِ خميس تي اهڙو فيصلو ڪيو آهي. هن معاملي تي اخبار جي انتظاميا ۽ حڪومت ۾ ڪافي سالن کان تڪرار هلندڙ هو. 1703 ۾ Wiennerisches Diarium جي نالي سان هي هفتيوار اخبار شروع ٿي ۽ بعد ۾ 1780 ۾ ان جو نالو وائينر زيئتونگ رکيو ويو. 1857 ۾ آسٽريا جي شهنشاهه فرانز جوزف I پاران هن اخبار کي قومي ملڪيت ۾ ورتو ويو ۽ ان کي ملڪ جي سرڪاري گزيٽ بڻايو ويو. پارلياماني فيصلي موجب هي اخبار فنڊز جي دستيابي جي آڌار روزانو بدران سال ۾ 10 ڪاپيون شايع ڪندي. ورلڊ ايسو سيئيشن آف پبلشرز نالي تنظيم 2004 ۾ هن اخبار ڪي دنيا جي قديم ترين شايع ٿيندڙ اخبار ڊڪليئر ڪيو هو. هن اخبار ۾ 40 صحافين سميت 200 کان مٿي ملازم ڪم ڪن ٿا جن مان ٽريڊ يونين موجب 1ڌ کان وڌيڪ ملازمن جي نوڪري ختم ٿيندي. عام ڏينهن ۾ هن جي سرڪيوليشن 20 هزار آهي ۽ ويڪ اينڊ تي ٻيڻي ٿي ويندي آهي. آسٽريا جي گادي واري شهر ويانا ۾ حڪومت جي هن فيصلي خلاف هزارين ماڻهن احتجاج ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو