دنيا جو اهو شهر جتي 84 ڏينهن سج نٿو لهي ۽ 2 مهينا اڀري نٿو

دنيا جو اهو شهر جتي 84 ڏينهن سج نٿو لهي ۽ 2 مهينا اڀري نٿو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي انتهائي اتر ۾ واقع شهر جا رهواسي هاڻي ڪيترن ئي مهينن تائين رات جي اوندهه ڏسي نه سگهندا۔
ها، واقعي آمريڪي رياست الاسڪا جي هڪ شهر Utqiagvik، جنهن کي هاڻي بيرو چيو وڃي ٿو، ۾ 10 مئي تي آخري ڀيرو سج لٿوهو۔
10 مئي تي اتي جي مقامي وقت موجب رات هڪ وڳي 48 منٽن تي سج لٿو ۽ صرف 69 منٽن بعد، يعني 2 وڳي 57 منٽن تي ٻيهر اڀري آيو۔
هاڻي اتي سج 2 آگسٽ تائين، يعني 84 ڏينهن تائين، ٻيهر نه لهندو۔
آرڪٽڪ سرڪل ۾ واقع هن شهر ۾ هر سال اهڙو تجربو ٿيندو آهي، جنهن دوران 10 مئي کان 2 آگسٽ تائين سج لهندو ئي ناهي۔
اهڙي صورتحال لاءِ “مڊ نائٽ سن” جو اصطلاح استعمال ڪيو ويندو آهي۔
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن شهر کي سياري ۾ “قطبي رات” جو تجربو به ٿيندو آهي۔
يعني اتي ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين سج اڀرندو ئي ناهي۔
عام طور تي 18 نومبر تي لهندڙ سج جنوري جي ٽئين ڏهاڪي ۾ اڀرندو آهي ۽ اتي رهندڙ ماڻهو 64 ڏينهن تائين سج جي روشني کان محروم رهندا آهن۔

پهنجو تبصرو موڪليو